بلاگنئون

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام

امن ان سماج جي رياست جو نالو آهي جتي سمورا معاملا بنا ڪنهن فرق ۽ بغير ڪنھن اختلافن جي معمول موجب هلندا هجن، امن جو تصور ھي آهي ته ڪنهن به سماج ۾ تشدد جي غير موجودگي يا صحتمند، مثبت بين الاقوامي يا باهمي تعلقات جو هجڻ. ان صورتحال ۾ سماج جي سڀني فردن کي سماجي، معاشي، برابري ۽ سياسي حق ۽ تحفظ حاصل ھجي، عام طور تي عدم تحفظ، معاشي اڻبرابري، غير متوازن سياسي صورتحال، قومپرستي، نسل پرستي ۽ مذهبي بنياد پرستي جهڙا عنصر امن کي تباھ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن.
اڄ جو جديد ۽ ترقي يافته دور، جيڪو سياسي، سماجي، معاشي، سائنسي ۽ علمي ميدان ۾ حد ڪمال تائين پهچي ويو آهي. ھن دور ۾ به دنيا امن امان جي ان ئي مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي، جيئن اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ جو سماج، امن ۽ سلامتي جي مسئلي کي منهن ڏيئي رهيو ھو، اڄ انسانن جي عزت محفوظ نه آهي، مال ۽ جائيداد محفوظ نه آهي، عقيدي ۽ فڪري حوالي سان تحفظ نه آهي، اڄ به رنگ ۽ نسل ذات ۽ ڏات جو ڀوت ماڻهن جي ذھنن تي چڙهيل آهي. دنيا ۾ نيشنلزم، سوشلزم جهڙا نظريا آيا، پر انهن بنيادي انساني مسئلن جو حل ڪنهن به پيش نه ڪيو. ليگ آف نيشنز ۽ اقوام متحده جي نالي تي ادارا قائم ٿيا، پر پوءِ به امن امان جو مسئلو ساڳيو ئي رهيو. “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” وارو راڄ اڄ به قائم آهي.
ھاڻي ڏسون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحمت الله عليه پنھنجي شاعري ۾ امن جو پيغام ڏيندي ڇا ٿو فرمائي:
سَردِيءَ سالِمُ نه رھان، ڪوسِي سَھان ڪانه
اَمُنُ ڏيجِ اَمان تون دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ
پانڊَپَ کائِي پانَ، وجهِجِ پِڪَ پينارَ تي.
سمجهاڻي: آئون سرديءَ جي سَٽ سھي نٿو سگهان ۽ گرمي مون کان برداشت ڪانه ٿي ٿئي. مون کي پھرين امن ۽ سلامتي بخش، ٻيا انعام ۽ نوازشون پوءِ ڪج. اي ڀلارا ۽ ڳڻن وارا، مون محتاج تي پنھنجي پان واري پڪ وجهه ۽ مھر واري نظر ڪر.
سُر سورٺ ٤‏:٢
لطيف سائين ھن شعر ۾ الله کان دعا گهري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته سڀ کان پهرين مون تي امن ۽ سلامتي بخش پوءِ ٻئي انعام ڪجان.
ٻي جاءِ تي لطيف سائين چئي رهيو آهي ته:
وائي
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمُنَ اَمانَ!
يا اِلٰھي! ٻاجهَه ٻيلاٽِي ڀانئِيَان
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصيانَ
خَبَرَ ناھ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسيَانَ
والِي! رَسِجُ وِھلو، اَرَکَ ٿِئا انسانَ
سُڻُ سَٻاجها سُپرِين، نِرَتُون نِگَھبَانَ
مَديُون پَسِي مُنھِنجِيُون شَرمايا شَيطانَ
ھِنَ مُنھِنجي حالَ کي ھَي ھَي ڪَنِ حَيوانَ
سائين سُکاڻِي آھيِين سامُونڊِين سُبحانَ
وَرُ وَسِيلا سُپِرين! تارِجِ مان طُوفانَ
تُرھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجُ تُون رَحمانَ
ٻيلِي جو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ
ويٺو پِني پِنَڻَو، ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ
***
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا گولَن جا گُذرانَ
آھيان اَندوھَنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ
سُوالِي تو سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ
وِلھا سَڀِ وَنھيان ڪِئا تُنھنجِي جُودَ جُوانَ
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلي سَندا ٻانَ
وِيرَ وَسِيلو آھِيين داڙُو ۾ دِيوانَ
لاَءِ ڏُھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏئو خانَ
اُتي عَبَداللَطِيفَ جِي سُڻِجُ ڪا سُلطانَ.
سمجهاڻي: اي منھنجا مولى (توکان سواءِ ٻي ڪا واھ مون کي ڪانه ٿي سُجهي. (اي ڌڻي، مون کي پنھنجي امن ۽ سلامتي ۾ رک. اي مالڪ، تنھنجي ٻاجهه ئي منھنجي لاءِ ) وچ درياھ ۾ (بچاءُ جي جڳھ) ننڍڙو ٻيٽ آھي. منھنجا ايترا ڏوھ گناھ آھن جو انھن جو شمار ڪونهي، اڳتي جي ڪائي خبر ناھي خبر جي خبر ناھي ۽ ھن باري ۾ سراسر ڀل ۽ ويسر ڪئي اٿم. اي مالڪ، تون ڪا جلدي مدد ڪر، باقي انسان سڀ بي صبرا ٿي ويا آھن. اي رحم وارا سپرين، منھنجو فرياد ٻڌ، تون ئي ته نظر رکندڙ ۽ سنڀاليندڙ آھين. مون کان ايتريون برايون ٿيون آھن، جو انھن کي ڏسي شيطان به شرمائجي وڃن ٿا. منھنجو اھو حال آھي جو ان کي ڏسي جانور به افسوس ڪرڻ لڳن ٿا. او سائين، سمنڊ ۾ ڦاٿل مسافرن جو تون سبحان ئي سلامتي ۽ سولائي ڪندڙ آھين. اي مالڪ، تون ئي وسيلو بنجي ھن طوفان مان اچي تار، منھنجو ترڻ وارو ترھو اونهي پاڻيءَ ۾ ٽٽي چڪو آھي، ھاڻي تون ئي پنھنجو رحم ڪري مون کي تار.
اي ٻڏندڙن جا ٻيلي واھرو تون شل موٽي اچي ماڙ مھرباني ڪرين. ھي پنڻ وارو ته پنڻ لاءِ ويٺو آھي، تون ھن سواليءَ تي ڪو ڀلائيءَ جو ڀيرو ڪر. بيشڪ خالق مالڪ ئي پنھنجن ٻانھن تي مھربانيون ڪري کين نوازي ٿو، مان پڻ انھيءَ غم ۾ غلطان ۽ ھردم پناھ پيو گهران. او داتا، تو سوالين کي دان ڏيئي ڀري خوش ڪري ڇڏيو. جيڪي سڃا ھئا، تن کي تو مالدار ڪري ڇڏيو، اھا سڀ تنھنجي سخا ۽ برڪت آھي. مون کي ڇڏي نه ڏجانءِ، او سائين، منھنجي واھر ڪندڙ ۽ بچاءُ ڪندڙ تون ئي آھين. او سائين، تون ئي منھنجو واھر وسيلو آھين ۽ انصاف حشر ويل منھنجو ڀرجهلو ۽ ساڻي آھين. سڄي جھان جي گنھگارن لاءِ اتي سردارن جي سردار خيمو کوڙيو آھي، انھيءَ اوکيءَ ويل، اي سچا سلطان، سردارن جا سردار، عبداللطيف جي دانھن ٻڌجانءِ!
سُر سري راڳ ١‏:٢٦
تو دَرِ آيُسِ راڄِيَا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ
اُونائيجِ عَلِيلَ جو سَٻاجها سُوالُ
اَڱڻَ مَٿي آنھِجي ڪَھي ڪِين قَوالُ
ڀَلا ڪَري ڀالُ، اَمُنُ ڏِيو اُنِ کي.
سمجهاڻي: اي راڄ ڌڻي، آئون تنھنجي در تي پنھنجو جھڙو تھڙو ھيڻو حال کڻي اچي حاضر ٿيو آھيان. اي سٻاجها سائين، تون ھن بيمار ۽ ضعيف جو سوال ٻڌي ان جو عرض قبول ڪجانءِ. تنھنجي حضور ۾ ھن ڳائڻي جي ڪھڙي مجال آھي جو ڪجهه ڪڇي سگهي. اي ڀلارا، تون پنھنجا احسان ۽ وڙ ڪري مون کي پناھ ڏي ۽ سلامتي وارو ڪر.
سُر سورٺ ١‏:٧
’فاتِحُہ‘، ’بَقَرُ‘ سُومَرا وَطنُ ويڙِيچَنِ
’نحلُ‘، ’حجر‘، ’بَنِي اِسرآئِيلَ‘، اِيءُ پَنڌُ پَھُنوارَنِ
’سَجَدہ‘، ’اَحزاب‘، ’سَبا‘، منجِهين ’رُومُ‘ رھَنِ
نيئِي اَڏِيا اَمَنَ ۾، پَکا پَھنوارَنِ
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئي.
سمجهاڻي: اي سومرا، قرآن جي سورة فاتحه (الحمد) ۽ سورة ’بقرہ‘ گويا ماروئڙن جي پنھنجي ديس مثال آھن، ’نحل‘، ’حجر‘ ۽ ’بني اسرائيل‘ جي سورتن ۾ ھنن واسطي پنڌ جي پچار آھي. ’سجدہ‘، ’احزاب‘، ’سبا‘ ۽ ’روم‘ ۾ ڄڻ رھائش اٿن. امن ۽ سلامتي خاطر ئي ھنن پھنوارن پنھنجا اَجها اُتي وڃي اَڏيا آھن. مون کي اھڙن مارن جي محبت ئي لوھ کان وڌيڪ سگهارا زنجير وجهي ڇڏيا آھن.
مثنوي روميءَ ۾ قرآن جي سورة ’النمل‘ ڏانھن اشارو ھن ريت آھي:
چونکہ او حي الرب الي ’النحل‘ آمدہ ست
خانهء و حيش پر از حلوا شدہ ست
(دفتر پنجم، ب- 1229)
معنى: جيئن ته الله تعالى ماکيءَ جي مک کي الھام ڪيو آھي انھيءَ ڪري سندس اھو گهر ماکيءَ جي مٺاڻ سان ڀريل آھي.
سُر مارئي ١٠‏:٨
وَحدَہُ لاشَرِيڪَ لَهُ، جَنِ اُتو سِين اِيمانَ
تَنِ مَڃيو مُحَمدُ ڪارَڻِي، قَلَبَ ساڻُ لِسانَ
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِ نہ اولِئَا.
سمجهاڻي: جن ’وحدہ لاشريڪ له‘ شھادت جو ڪلمو چئي ايمان يقينآندو ۽ جن حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم کي دل توڻي زبان سان ٻنهي جھانن جو ڀرجهلو ۽ سھارو ڪري قبوليو، اُھي ئي الاھي حڪم جي فرمانبرداريءَ ۾ سڀني کان اڳڀرا آھن ۽ اُھي ئي آھن جيڪي ان ڪارڻ ڪڏھن به ڪنھن اڻانگي تڙ ڏانھن ڌڪجي نٿا وڃن. گمراھ نٿا ٿين ۽ سلامتيءَ سان منزل تي پھچن ٿا
سُر ڪلياڻ ١‏:٧
صُوفِي سالِمُ سي وِئا جي اَڪثِرَ سِين اَڏِيارَ
بازِي بازِندَنِ کي آھي اَويسارَ
پِريان سِين پَھڪارَ، رِنديءَ رَساڻِي ڪِئا.
سمجهاڻي: اھي صوفي سالڪ سلامتيءَ سان وڃي منزل تي پھتا جن گهڻن يا غير جي ياريءَ کان پاسو ڪيو. عشق جي اھا راند کين نيبھ ھجي جنھن کي ھو ڪڏھن به تر جيترو وسارڻ لاءِ تيار ناھن. انھيءَ مستي ۽ اڻھوند واري تمنا ئي کين محبوب جي حاضريءَ ۾ پھچائي ڇڏيو.
سُر ڪلياڻ ٢‏:٢
وِئو ڪانگُ لَئِي، واڌائي وِصالَ جِي
اِجهي سَڄَڻَ آئِيا وَڏي ٺاھِ ٺَھي
وَيَتَ سَڀ وَئِي، سيڻَ سَلامتَ آئِيا.
سمجهاڻي: اڄ ڪانگ سڄڻ سان ملڻ جي خوشخبري ٻڌائي ويو آھي، ڄاڻ ٿوريءَ دير ۾ سڄڻ سھي سنڀري سينگار ڪري اچڻ وارا آھن، ھاڻ سموري اُڻتڻ توڻي انتظار ختم ٿي ويو، جو منھنجا سڄڻ سلامتي سان اچي پھتا.
سُر بروو ۳۱:۲
وائي
مون کي ڇَپَرِ تان مَ ڇَڏيجاھُ، ٻاروچا!
پَلئِہ لَڳِي آھِيان
ڇورِي ڇَڏي ڇَپَرِين، ڪيچِي ڪِيمَ وَڃيجاھُ
ڇورِي ڇِنِي آھِيان، مون سِين نِيھُ نِباھي نيجاھُ
پُنھون منھنجو آن سِين، اَئِين ساٿُ سَلامَتَ نيجاھ
آرِياڻِي عَبداللطِيفُ چئي مون تي وِھلو وَرُ ڪَرِيجاھ.
سمجهاڻي: سسئي ٿي چوي اي منھنجا دل جا دلبر ٻاروچل سائين! مون کي جبل ۾ اڪيلو نه ڇڏجانءِ، مان تنھنجي آسري تي آھيان. مون تنھنجو پاند پڪڙيو آھي ھن بيڪس ۽ بيواھيءَ کي جبل ۾ ڇڏي ڪيچ ھليو نه وڃجانءِ. منھنجي ٻي ڪا واھر وسيلو ڪونهي مان ڇوري ڇني آھيان. تون مون سان پنھنجي پيار جو واعدو پورو ڪجانءِ. منھنجو پنھل ڄام توھان سان آھي. ساٿ کي سلامتيءَ سان وٺي وڃجو. عبداللطيف چوي ٿو او آرياڻي سردار! تون ڪا جلدي مون تي پنھنجي مھرباني ڪر.
سُر حُسيني ٨‏:١٠
دنيا ۾ امن ۽ سلامتي کي قائم رکڻ ۽ فتني ۽ فساد کان بچڻ لاءِ، هر ماڻهو پنهنجي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ چاهي ٿو ۽ اهو به چاهي ٿو ته کيس مذهبي ۽ فڪري آزادي ملي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ملڪ جي آزادي ۽ خود مختياري چاهي ٿو، ان ڪري ضروري آهي ته هو ٻين لاءِ به اهو ئي سوچي ۽ انھن سان انھيءَ ئي رويي سان پيش اچي جنھن جي ٻين کان توقع رکي ٿو. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته دنيا جو عوام، حڪمرانن کان وٺي عوام تائين ۽ عوام کان وٺي خواص تائين، هر هڪ شاھ سائين جي ھن پيغام تي عمل ڪري ته صرف ان طريقي سان دنيا مان فتنو ۽ فساد ختم ٿي سگهي ٿو ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي فضا قائم ٿي سگهي ٿي.
***