سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 26 مارچ 2025 تائين 923 افغان شهري سرڪاري تحويل ۾ پڪڙي ڪئمپن ۾ آندا ويا هئا ته جيئن انهن کي وطن واپس موڪلجي. جن مان 715 کي جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو (جيڪي افغاني ثابت نه ٿيا ۽ انهن جي هٿن ۾ پاڪستاني شناختي ڪارڊ نڪتا) ۽ انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 213 افغاني وطن واپسي لاءِ طورخم بارڊر ڏانهن موڪليا ويا. انگ اکر اهو به ظاهر ڪن ٿا ته 116 “اي سي سي” هولڊرز کان علاوه 290 “پي او آر” ڪارڊ هولڊرز ۽ 21 “يو اين ايڇ سي آر” ٽوڪن هولڊرز به هئا، جن کي مرڪز (اسلام آباد) حراست ۾ ورتو ويو. ان کان علاوه گهٽ ۾ گهٽ 24 افغاني فرد جن ٻاهرين ملڪن جي پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏني هئي، انهن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. “پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي” واري نعري يا سختي رڳو پاڪستان تي دٻاءُ وڌايو آهي، جنهن جي ڪري صورت هن خطي ۾ امن داوَ تي رهيو آهي. گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين ايڇ سي آر) پاڪستان پاران پناهگيرن جي مهمان نوازي کي تسليم ته ڪري ٿي، پر امن امان جي مسئلي ۾ اهي وچ ۾ نٿا اچن. اهي ڪڏهن به پاڪستاني سرڪار جي ان ڏس ۾ مدد نٿا ڪن، انهن ڌرين جو ڪردار 1954 کان وٺي افغان پاليسي ۾ ٻٽو ۽ منافقاڻو رهندو آيو آهي، اهي 10 اپريل 1988 واري اوجهڙي ڪيمپ جي ڌماڪن کانپوءِ به سچي ڪرڻ وارا ناهن ته انهن سڀني پاليسين جي پويان سي آءِ اي لڪيل آهي ۽ اهي ان راند جو حصو آهن. اهي ڪڏهن به نٿا چاهين ته هن ملڪ ۾ امن رهي، پر فطري طور تي هي خطو ٻيڪڙ ۾ ڦاٿل آهي، هڪ پاسي ڀارت ته ٻئي پاسي افغانستان، معنيٰ جنڊ جي ٻن پڙن ۾ ڦاٿل هن خطي کي بين الاقوامي ڌرين ويتر ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ اهي ويٺا ٿا شطرنج جون ڳوٽون کيڏن، هر دفعي پاڻ هارائي به کٽي ٿا وڃن، عام خلق هتي منهن مٿو پِٽي پِٽي رهجي ٿي وڃي ۽ ڪو تدارڪ نٿو ٿئي.