سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 26 مارچ 2025 تائين 923 افغان شهري سرڪاري تحويل ۾ پڪڙي ڪئمپن ۾ آندا ويا هئا ته جيئن انهن کي وطن واپس موڪلجي. جن مان 715 کي جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو (جيڪي افغاني ثابت نه ٿيا ۽ انهن جي هٿن ۾ پاڪستاني شناختي ڪارڊ نڪتا) ۽ انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 213 افغاني وطن واپسي لاءِ طورخم بارڊر ڏانهن موڪليا ويا. انگ اکر اهو به ظاهر ڪن ٿا ته 116 “اي سي سي” هولڊرز کان علاوه 290 “پي او آر” ڪارڊ هولڊرز ۽ 21 “يو اين ايڇ سي آر” ٽوڪن هولڊرز به هئا، جن کي مرڪز (اسلام آباد) حراست ۾ ورتو ويو. ان کان علاوه گهٽ ۾ گهٽ 24 افغاني فرد جن ٻاهرين ملڪن جي پاسپورٽ لاءِ درخواست ڏني هئي، انهن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. “پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي” واري نعري يا سختي رڳو پاڪستان تي دٻاءُ وڌايو آهي، جنهن جي ڪري صورت هن خطي ۾ امن داوَ تي رهيو آهي. گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي (يو اين ايڇ سي آر) پاڪستان پاران پناهگيرن جي مهمان نوازي کي تسليم ته ڪري ٿي، پر امن امان جي مسئلي ۾ اهي وچ ۾ نٿا اچن. اهي ڪڏهن به پاڪستاني سرڪار جي ان ڏس ۾ مدد نٿا ڪن، انهن ڌرين جو ڪردار 1954 کان وٺي افغان پاليسي ۾ ٻٽو ۽ منافقاڻو رهندو آيو آهي، اهي 10 اپريل 1988 واري اوجهڙي ڪيمپ جي ڌماڪن کانپوءِ به سچي ڪرڻ وارا ناهن ته انهن سڀني پاليسين جي پويان سي آءِ اي لڪيل آهي ۽ اهي ان راند جو حصو آهن. اهي ڪڏهن به نٿا چاهين ته هن ملڪ ۾ امن رهي، پر فطري طور تي هي خطو ٻيڪڙ ۾ ڦاٿل آهي، هڪ پاسي ڀارت ته ٻئي پاسي افغانستان، معنيٰ جنڊ جي ٻن پڙن ۾ ڦاٿل هن خطي کي بين الاقوامي ڌرين ويتر ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ اهي ويٺا ٿا شطرنج جون ڳوٽون کيڏن، هر دفعي پاڻ هارائي به کٽي ٿا وڃن، عام خلق هتي منهن مٿو پِٽي پِٽي رهجي ٿي وڃي ۽ ڪو تدارڪ نٿو ٿئي.
خطي جي امن ۽ خوشحالي جي بحالي ۾ ڀلي اهو به هجي ته جيستائين اهي ملڪ گڏجي ۽ ٻٽي تعاون سان ڪم نه ڪندا تيستائين هن خطي ۾ امن جا پکي نٿا اڏري سگهن. “فلپا ڪنڊلر” مطابق ته پاڪستان کان افغان پناهگيرن جي هميشه لاءِ ميزباني جي ذميواري کڻڻ جي اميد نٿي ڪري سگهجي ان ڪري هڪ جامع طريقيڪار هجڻ گهرجي جيڪو پاڪستان، افغانستان ۽ پاڻ افغانين جي فوري ۽ ڊگهي مدت جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. جنهن جي لاءِ بين الاقوامي برادري کي هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ رڳو تماشبين ٿي خطي جي ماڻهن جي خون ۽ غارتگيري نه ڏسن، ان ڪري اشد ضروري آهي ته انساني امداد جاري رکي وڃي، صرف مختصر مدت جي امداد فراهم ڪرڻ شين جو حل ناهي، پر هڪ ڊگهي مدت وارا قدم کڻڻ لازمي آهن جنهن سان امن بحال ٿي سگهي ۽ هڪ اهڙو عملي قدم جنهن سان افغان پناهگير رضاڪاراڻا ۽ محفوظ طور تي واپس وڃي سگهن. افغان شهرين کي 2023 ۾ واپس وڃڻ جي لاءِ مجبور ڪيو ويو هو، پر اهي ئي ٻيهر پاڪستان ۾ واپس اچي ويا آهن (ايندا رهن ٿا). هڪ پائيدار واپسي جو مطلب اهو به آهي ته افغانستان ۾ هڪ پرامن ۽ محفوظ ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئن پناهگيرن کي واپس وڃڻ تي انهن سان ظلم يا امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي، جنهن ۾ اهي اتي ڪنهن به خوف ۽ ڊڄ کانسواءِ افغاني بڻجي رهي سگهن. اهي اهو به سمجهن ته اهي هاڻي پاڪستان ۾ سڀ ٻيڙيون ساڙي آيا آهن، سندن واپسي جي ڪا اميد ناهي، انهن جي لاءِ رياست بارڊر جا واپسي جا سڀ رستا پوري ڇڏيا آهن، هاڻي انهن جو ملڪ افغانستان آهي، اتي وڌي ويجهي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪن، پر ساڳي جاءِ تي (يو اين ايڇ سي آر) جو اهو به زور آهي ته جيڪي افغاني هن وقت تائين محفوظ طريقي سان واپس نٿا اچي سگهن، انهن جي لاءِ پاڪستاني سرڪار تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ روزگار جي موقعن تائين رسائي ممڪن ڪري، انهن کي بين الاقوامي پناهگير قانون تحت قانوني سڃاڻپ ڏني وڃي (معنيٰ شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن) ۽ قانوني تحفظ پڻ ڏنو وڃي. هيل تائين پاڪستان 1.52 ملين رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري ٿو، ان مطابق اندازن 800,000 افغان شهري ڪارڊ هولڊر آهن (۽ ٻيا جيڪي هن ملڪ ۾ سرڪاري سڃاڻپ کانسواءِ رهن ٿا) هيءَ سرڪار انهن جي نگهباني ڪري. بين الاقوامي ڌريون ان ڳالھه کي به مڃين ٿيون ته افغان پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي مسلسل مدد قابل تعريف آهي، پر يقيني طور تي ميزبان رياست لاءِ اهو هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن ۾ انهن جي صحت جي سار سنڀال، تعليم ۽ ٻيون عوامي خدمتون اڪثر ڪري وڏو معاشي ۽ معاشرتي بار هجن ٿيون ۽ ميزبان ملڪ هڪ سماجي دٻاءُ هيٺ رهي ٿو. ساڳي جاءِ تي پاڪستان پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، وڌندڙ سيڪيورٽي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ پناهگيرن جي ميزباني جي مالي اثر کي برداشت ڪرڻ ۾ هڪ مشڪل صورتحال ۾ ڦاسي پيو آهي. گڏيل قومن جي پناهگير ايجنسي ان ڏس ۾ 2021 کان وٺي ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ افغانين جي منتقلي لاءِ واعدا ڪيا ويا هئا، جيڪي هيل تائين پاڙيا ناهن ويا.
ذريعن مطابق راولپنڊي پوليس راول، پوٽوهار ۽ صدر ڊويزن جي پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ضلعي ۾ رهندڙ، ڪم ڪندڙ غير قانوني افغان شهري خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هر ان افغاني کي حراست ۾ ورتو وڃي جيڪو ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجي، ڇو ته افغاني وڏن شهرن جي بينڪن ۽ آسودن گهرن مان ڦريون ڪري، مال لٽي، انهن پئسن مان جديد هٿيار ۽ ڌماڪيدارا مادو وٺن ٿا، جيڪي انهن کي وڌيڪ ڏوهاري ڪاررواين ۾ مدد ڪري ٿو. رياستي هداتين موجب جيڪڏهن ڪنهن افغاني خاندان جو ڪوبه هڪ فرد ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث ملي ته ان جو سڄو خاندان ملڪ بدر ٿيڻ گهرجي. ان ڪري پوليس پنهنجي پنهنجي اختياري دائري ۾ رهندڙ افغاني شهرين ۽ انهن جي خاندانن کي حراست ۾ وٺن ۽ “اي سي سي” ڪارڊ رکندڙ سڀني افغاني شهرين کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد مان ڪڍي ملڪ بدر ڪن. ان کان علاوه رجسٽريشن جا ثبوت رکندڙ افغان شهري جن کي رياست طرفان (پي او آر) ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي، انهن کي به خبردار ڪيو وڃي ته انهن کي ۽ انهن جي خاندانن کي حڪومتي پاليسي جي مطابق هر صورت ۾ پاڪستان ڇڏڻو پوندو. ڇو ته “پي او آر” ڪارڊ هولڊرز لاءِ به ملڪ ڇڏڻ جي آخري تاريخ هاڻي وري وڌائي 30 جون 2025 رکي وئي آهي، پر پوليس راولپنڊي ضلعي جي مختلف حصن ۾ سرچ آپريشن جاري رکيون ويٺي آهي ته جيئن افغاني رهائشين جي تصديق ڪري سگهجي ۽ انهن کي ملڪ بدر ڪجي، خاص طور تي انهن افغانين کي به جيڪي ڪرائي جي ڏنل گهرن ۾ رهن ٿا. جڏهن کان (معنيٰ هن سال جنوري کان) غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. تڏهن کان 923 افغاني شهرين کي گرفتار ڪري، انهن کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي، پر اهي ته نالي ماتر آهن، جنهن جاءِ تي 20 لک افغاني پناھ ورتل آهن، جيڪي هاڻي 60 لک کان به مٿي ٿي ويا آهن، اهي جيڪڏهن ان اسپيڊ سان واپس ويا ته اهي نه وڃي سگهندا. ڇو ته حڪومت انهن کي ڍر ڏيندي ٿي رهي، معنيٰ 2021 کان وٺي ٽاريندي نٽائيندي ٿي اچي ۽ تاريخ جي مٿان تاريخ ڏيندي ٿي اچي، جنهن مان ثابت آهي ته سرڪار پاڻ به ان ڳالھه ۾ سنجيده ناهي ۽ نٿي چاهي ته افغان شهري هن ملڪ مان واپس وڃن، حڪومت پاڻ انهن افغان شهرين ۽ دهشتگرد تنظيمن ۾ فرق ڪيو ويٺي آهي.
جيئن ته افغان شهري ڪارڊ (اي سي سي) هولڊرز لاءِ ملڪ ڇڏڻ جي حڪومت جي آخري تاريخ (پهرين اپريل 2025) ختم ٿي چڪي آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊِي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي ڪنهن به افغان شهري کي انهن جي خاندانن سميت گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪن، پر ساڳي ڳالهھ ڪراچي شهر جي لاءِ به ڪئي وڃي، جتان جا افغان شهري هاڻي پٺاڻ بڻجي هتي جا اصلوڪا رهاڪو ٿي ويا آهن، جن جا ٻار سڄو ڏينهن رَسي ۾ چقمق ڦاسائي، ڪلهي ۾ پاچڪو لڙڪائي، خالي بوتلون ميڙيندا ٿا وتن ۽ انهن رَسي سان ٻَل چقمق سان لوھ ميڙي ميڙي گذران ٿا ڪن، پر اهي ساڳي جاءِ تي امن جي لاءِ خطرو پڻ آهن، شهر جي چوڪن تي ڀڳڙن، مُنڱيرن ۽ لائي جون ريڙيون هلائيندڙن ۽ معمولي ريڙهي تي چانھه جون هوٽلون هلائيندڙن تي به يقين ناهي ته اهي به هٿيارن ۽ اسمگلنگ يا نشي آور شين جا ڪاروبار ڪندا هجن ۽ اهي ئي پٺاڻ شڪلين ۾ لڪيل ڪٿي افغاني نه هجن، ان ڪري ساڳي ڪارروائي هن شهر سان گڏوگڏ حيدرآباد جهڙي شهر ۾ به ڪئي وڃي، جتان جي پسگردائي ۾ اهي افغان شهري موچڪو ۽ نسوار جو ڪاروبار ڪري ڪري اسان جي اٻوجھه ۽ سادن ماڻهن کي مذهب جي آڙ ۾، انساني همدري جي دلاسي ۽ دولاپي ۾ ڦري فقير ڪري ٿا ويهن، ڪٿي اهي تبليغي جماعتن جا حصا به بڻيل رهن ٿا، جيڪي عام ماڻهن کان اوجهل آهن. ان ڪري سرڪار هڪ ڪَري ڪارروائي ڪري انهن غير ملڪي ديش دروهين مان هن خطي جي هميشه جي لاءِ جان ڇڏائي ۽ هن خطي ۾ امن ۽ سُڪون کي بحال ڪري.