ڪجهه ڏينهن اڳ چين چئن ڪينيڊين شهرين کي منشيات جي الزام ۾ ڦاهي ڏني هئي. چارئي شهري ٻٽي شهريت رکندڙ هئا. ان معاملي تي ڪئناڊا چين کي نرمي جي اپيل ڪئي هئي، پر چين گهريلو قانونن کي ترجيح ڏيندي انهن جي سزا برقرار رکي. ڪئناڊا ۾ چيني سفارتخاني جي ترجمان ڪئناڊا کي چيو ته هو چين جي عدالتي آزاديءَ جو احترام ڪري. ڇو ته آزاد ۽ خود مختيار قومن جي اها فطرت آهي ته اهي پنهنجي قانون ۽ آزاديءَ تي سمجهوتو نه ڪنديون آهن. ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين اهو انصاف جو نظام قائم نٿو ڪري. سماج جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته هر ڪنهن سان بنا فرق جي قانون موجب سلوڪ ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو معاشرو يا ملڪ قانون ۽ انصاف کي ڇڏي ڏئي ته اهو تباهه ٿي ويندو آهي. حڪومت چين قانون ٺاهيو آهي ته منشيات فروش کي موت جي سزا ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هونئن به منشيات فروش انسانيت جا دشمن آهن ۽ سڄي سماج کي تباهه ڪن ٿا. منشيات فروش پنهنجي فائدي لاءِ ٻين کي نقصان پهچائي ڇڏيندا آهن. سماج جا لائق فرد لعنت جو شڪار ٿي پنهنجي زندگي برباد ڪندا آهن، جيڪي ماڻهو سماج کي فائدو ڏيڻ وارا هئا انهن کي هن لعنت مان نجات ڏيارڻي پوندي. جيڪڏهن چين منشيات فروشن کي سزا ڏئي رهيو آهي ته اهو بهترين عمل آهي، ڇو ته منشيات فروش سماج جا دشمن آهن ۽ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.