بلاگنئون

مادري ٻوليءَ جي اھميت

ٻولي اظھار جو ذريعو آھي. ڏٺو وڃي ته اظھار جا کوڙ ذريعا آھن. جيئن ”اشارا، نشان، تصويرون وغيره“، پر اھي ٻوليءَ جي معاملي ۾ به ناڪافي آھن. آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ زبان جي وضاحت ھن طرح ٿيل آھي: هڪ ٻار يا هڪ بالغ شخص جيڪا ٻولي ننڍپڻ کان ڳالهائي ٿو، جيڪا ٻولي ٻار ننڍي هوندي کان سکي ڳالهائي ٿو اها ان جي ماءُ ٻولي آهي، اها نه جيڪا هو اسڪول ۾ يا بلوغت واري وقت سکي ٿو. ٻولين جي عمل سان ئي قومن جي عروج ۽ زوال جو سوال جڙيل رھي ٿو. زبان ڪنھن به قوم جي جاگرافي، تھذيبي، ثقافتي، معاشي، سياسي ۽ سماجي تاريخ جو آئينو ھوندي آھي. ڪنھن به قوم جي تھذيب ۽ ثقافت جو جز ٻولي ھوندي آھي. ٻولي ھڪ سماجي عمل آھي، ڇاڪاڻ ته سماجي پيدواري عمل ذريعي ٻوليءَ جو وجود ٿيو. ٻولي انساني عمل کي شعوري انداز ۾ ڳنڍي ٿي. ٻولي ھڪ پاسي کان اظھار جو ذريعو آھي ته ٻئي پاسي کان ڄاڻ جو وسيلو پڻ آھي. انساني سوچ جو سڌو سنئون اظھار ٻولي آھي.

ڊيوڊ ڪرسٽل چوي ٿو ته: “معاشري جي اندر پنھنجي راءِ جي اظھار لاءِ، پنھنجي خيالن جي ترسيل جي لاءِ، پنھنجي جذبات کي اڳتي پھچائڻ لاءِ، پنھنجن نظرين کي پھچائڻ لاءِ ٻوليءَ جو استعمال ڪجي ٿو.“

ٻولي ڪنھن به قوم جي پوري شناخت ھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻولي ڪنھن به معاشري جي مختلف سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن سان لاڳاپيل آھي. ٻولي ۽ سماج ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن. ٻوليءَ کانسواءِ سماج وجود نٿو رکي سگھي. سماج ٻوليءَ جو ڳيجھو آھي ۽ ٻولي سماجي لاڳاپن دوران پيدواري عمل جي دوران ئي وجود ۾ آئي. جيئن قومن کي جوڙڻ جو ڪم ثقافت ڪندي آھي، اھڙيءَ طرح ثقافت کي زنده رکڻ جو ڪم ٻولي ڪندي آھي. ٻوليون اسان جي شناخت آھن. جيئن ڪو سنڌي آھي، اتان واضح ٿئي ٿو ته يقينن اهو شخص سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ ھوندو، ڪو بلوچي، سرائيڪي، مراٺي، پنجابي آھي ته ھي پنجابي، سرائيڪي ۽ مراٺي ٻوليون ڳالھائيندڙ هوندو. ٻولي ڳالھائڻ سان گڏوگڏ ڳالھائيندڙ جي خيالن کي ضابطي ۾ آڻڻ جو ڪم پڻ ڪري ٿي.

نيلسن منڊيلا مادري ٻوليءَ جي اھميت کي ھن طرح بيان ڪيو آھي ته: “جيڪڏھن توھان ماڻھن جي دماغ ۾ ڪا ڳالھ ويھارڻ چاھيو ٿا ته ساڻن ڪابه سمجھ ۾ ايندڙ ٻولي ڳالھايو، پر جيڪڏھن توھان ماڻھن جي دل ۾ ڳالھ ويھارڻ چاھيو ٿا ته پوءِ سندن مادري ٻوليءَ ۾ ڳالھايو“.

اھڙيءَ طرح مادري ٻولي وجود جو سوال آھي. ٻوليءَ جي سوال سان ڪنھن به قوم جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي معاملن جو گھرو تعلق آھي. ٻولي سياسي، سماجي، قومي، نفسياتي، ثقافتي، تخيلاتي سان گڏوگڏ اسان جي داخليت جو سوال پڻ آھي. اسان جنھن رياست ۾ رھون ٿا، اھا بنيادي اصلوڪي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ بجاءِ ان کي ثانوي ٻولي بڻايو ويو آهي. اسان مٿان ڌاريون ٻوليون مڙھي ڪري، ٻار جي پوري نفسيات ۽ داخليت کي وڏو نقصان رسايو ويو آهي. جيڪڏھن رياست پنھنجي ذميواري نٿي نڀائي ته ھڪڙي قوم ھجڻ جي حيثيت ۾ مادري ٻوليءَ جي قومي درجي واري سوال تي رياست بجاءِ عوام کي پاڻ ڏسڻو پوندو ۽ پاڻ کي ئي اٿڻو پوندو. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ قوم جي اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن، استادن، عورتن، پورهيتن ۽ شاگردن کي متحد ٿيڻو پوندو، منظم ۽ سگھاري تحريڪ هلائڻي پوندي. مادري ٻولي، ٻار ۽ تعليم جو سوال: ٻار کي ٻولي سيکارڻ ۾ ماحول جو وڏو ڪردار ھجي ٿو. اھڙي طرح ٻار کي جھڙو ماحول ڏبو ٻار ان جو اثر وٺندو ۽ اھا ٻولي سکندو. ٻار کي ٻولي سيکارڻ واري سوال تي الھداد ٻوھيو چوي ٿو ته: “مادري ٻوليون اھو ڪم پاڻ ئي ٻار کان ڪرائينديون آھن“.

پاڪستان ۾ اسان وٽ تعليمي تباھيءَ جو جيڪو سبب آھي، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب ئي اھو آھي جو ٻار کي مادري زبان کان ڇني ڌار ڪري ڌاري زبان جي ھنج ۾ وڌو وڃي ٿو. مان سمجھان ٿي ته ٻار لاءِ مادري ٻولي ماءُ جيان پياري، ويجھي، پنهنجائپ جي احساس سان ٽمٽار، امڙ جي ٿڃ جھڙي مٺڙي ۽ پنھنجي آھي، جنھن ۾ ٻار ڏک، ڪاوڙ، بک جو اظھار آسانيءَ سان ڪري سگھي ٿو ۽ جنھن ٻوليءَ ۾ ٻار خواب ڏسي سگھي ٿو، تخليقڪار بڻجي سگھي ٿو. پنھنجي وجود جو سوال پڻ پنھنجي مادري ۽ اصلوڪي ٻوليءَ سان سلهاڙيل آھي. مادري ٻولي ئي آھي، جنھن ٻار جو احساساتي، جذباتي ۽ عقلي لڳاءُ ھوندو آھي پنھنجي وجود کي ڳولھڻ، سمجھڻ جو سوال مادري ٻوليءَ سان ڳنڍيل آھي، ان ٻوليءَ جي ڪري ئي ٻار پنھنجي قوم، تھذيب، تاريخ ۽ پنھنجي تاريخي ڪردارن، سورمن ۽ سورمين، شاعرن، اديبن، ليکڪن سان جڙيل رھي ٿو ۽ ھنن سان پنهنجائپ وارو تعلق جڙي ٿو. ٻار لاءِ غير مادري ٻولي ھڪ ماٽيلي ماءُ جيان آھي، جنھن جي ھنج، جھولي ٻار جي لاءِ اوپري، پرائي لڳندي آھي ۽ ان ۾ ٻار آسانيءَ سان اظھار ناھي ڪري سگھندو، نه وري ٻار جو ان سان ڪو احساساتي تعلق جڙندو آھي. ثانوي ٻولي ڪڏھن به ٻار جي وجود، تخيل، سوچڻ جي دنيا کي ڇھي ناھي سگھندي.

ان جو تازو مثال سنڌ جا خانگي اسڪول آھن، جتي ٻار کي پرائمري مادري ٻوليءَ کي ثانوي طور ۽ غير مادري انگريزي، اردو کي پرائمري طور پڙھائڻ ڪري، نتيجي طور ٻار ٻنھي ٻولين مان ڪنھن به ھڪ ۾ صحيح نموني سکي نٿو سگھي، جنھن ٻار کي تعليم ثانوي ٻولي ۾ ملي ٿي، ان ٻار جو پنھنجي ٻولي، تھذيب و تمدن، ثقافت، ٻولي عظيم شاعرن، اديبن، تاريخي ڪردارن سان جڙت نٿي رھي ۽ جڙت نه ھجڻ ڪري اڳتي ھلي، اھو پنھنجي ٻولي ۽ ادب جي بچاءُ لاءِ ڪو سگھارو ڪردار ادا نٿو ڪري سگھي. سڀ تعليمي ماھر تعليمي زبان لاءِ ھڪ راءِ تي سھمت آھن ته: “ٻار کي تعليم فقط انھيءَ زبان ۾ ڏني وڃي، جا انھيءَ جي نيم شعوري زبان آھي، يعني جنھن ۾ ٻار خواب لھندو آھي، اھا زبان جا بي اختياريءَ جي حالت ۾ سندس وات مان نڪري ٿي”، ڇو ته پنھنجي ٻوليءَ ۾ استادن جي ليڪچرن کي بنا ڪنھن ڏکيائي جي نه صرف سمجھي سگھندو، پر انھن جي سمجھاڻي پاڻ سمجھائي به وٺندو ۽ ڪلاس دوران پاڻ به ان جو حصو ٿيندو رھندو. باقي عام طور تي اسڪولن ۾ ته طوطا ئي تيار ڪيا پيا وڃن، جن ۾ وري پڙھائڻ جو طريقيڪار به پائلو فريريءَ وانگر ته بئنڪاري آھي.

ثانوي ٻولي ۾ ٻار ڪلاس ۾ موجود ته ھوندو آھي، پر بحث مباحثن، سرگرمين جو حصو ناھي ٿي سگھندو. ڇاڪاڻ ته حصو ٿيڻ لاءِ ٻار جو سمجھڻ ضروري آھي. ائين ھڪڙي ثانوي ٻوليءَ واري ٻار ته ٻئين مادري ٻولي ۾ پڙھندڙ ٻارن کي ”اسڪول“ تي مضمون لکڻ لاءِ ڏنو وڃي ته لکڻ جي قابليت، شعور ۽ خيال جي اڏام مادري ٻوليءَ ۾ پڙھندڙ ٻار ۾ ھوندي ثانوي ٻوليءَ وارو ٻار اوچتو بي خيالي ۾ ھڪ سٽ به نٿو لکي سگهي. ٻولين جي تحقيق مان اھا ڳالھ به ثابت ٿي آھي ته ٻار جون مختلف مھارتون، ڳالھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ صرف مادري ٻوليءَ ۾ ئي پختيون ٿي سگھن ٿيون ۽ پوءِ انھن ٻارن لاءِ ٻيون ٻوليون سکڻ به آسان آھن. وڌ کان وڌ ٻوليون سکڻ سان علم، عقل و دانش ۾ اضافو ٿيندو آهي، پر جيئن انساني حقن جي حوالي سان جھڙي ريت انسان جا ٻيا حق آھن ته مادري ٻولي ۾ تعليم جو حق بنيادي ۽ جمھوري حق آھي، جيڪو انساني حقن جي دائري ۾ شمار ٿئي ٿو. تعليمي ماھر ۽ نفسيات دان ان ڳالھ تي متفق آھن ته ”اٽڪل اٺن ورھين تائين ٻار جو ذھن شين، انھن جي اھميت، خاصيت ۽ بنيادي حسي، تجربن جي بھتر ۽ ڀرپور انداز ۾ پنھنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ سکندو آھي“.

مادري ٻولي ٻارن ۾ ساھ وجھي ٿي. اھا حياتياتي طور ٻار کي مٽن، مائٽن کان ملي ٿي، جنھن لاءِ نوم چومسڪي چوي ٿو ته “Language is biological” جنھن ٻوليءَ جي ڳالھ ڪري ٿو، ان جو مطلب ته اھا به ماءُ جي ٻوليءَ جي ڳالھ ڪري ٿو. ڪنھن به ڌاري ٻولي سکڻ، سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته ٻار کي پھرين پرائمري مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي. ڪھڙيون قوتون آھن، جيڪي مادري ٻولين جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون؟ آخر اصلوڪي ٻولين سان رياست جا ٻٽا معيار ڇو آھن؟

پاڪستان جھڙي طرح گھڻ قوميائي ملڪ سان گڏوگڏ گھڻ ٻوليائي ملڪ پڻ آھي، پر پاڪستان جي رياست مادري ٻولين جي اهميت کان انڪاري آھي، جنھن ڪري قومن سان لساني استحصال اڄ سوڌو جاري آھي، آخر ڪھڙا سبب آھن جو رياست ۽ سامراجي قوتون ملي ڀڳت ڪري اصلوڪين ٻولين جي واڌ ويجھ ۾ رڪاوٽون بڻجن ٿيون؟ آمريڪي سامراجي آمريتن جو حصيدار ۽ سندن مٿي چڙھڻ جي ڏاڪڻ مٿيون طبقي ھجي ٿو. جاگيرداري، سرمائيداري، جنھن ۾ وڏيرا، ڪامورا شاھي، بيورو ڪريسي، رياست، جھڙي ريت اھي عوام جي اقتصادي، پيدواري ذريعن تي قابض آھن ۽ پورھيت، مظلوم طبقي جو استحصال ڪن پيا، سندن ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجندا آھن ته اھڙي طرح لساني سامراجيت به ٿيندي آھي ۽ سامراجي قوتن لاءِ ٻولي اھو وڏو ھٿيار آھي، جنھن جي ذريعي پنھنجي غير مادري ٻولي مڙھي مظلوم طبقي کي سياسي، سماجي، اقتصاديات سان گڏوگڏ ثقافتي طور به غلام ۽ مفلوج بڻائڻ چاھيندا آھن. ائين ڪري مظلوم قومن جي پوري شناخت کي ميسارڻ چاھيندا آھن، جيڪو ھن وقت به ٿئي پيو.

بقول ڪامريڊ عاصم آخوند جي ته: “ٻولين جي ارتقا رڳو سماجي شعور کي نه، پر سياسي اقتصادي مفادن جي جدوجھد کي پڻ تيز ڪري ٿي“. عالمي طور جيڪي وڏيون تبديليون اچن ٿيون، سماجي ڀڃ ڊاھ ٿيندي آھي يا جيئن جديديت جو دور آھي. چوڻ جو مقصد ته جيڪي به وڏيون تبديليون اينديون آھن، عروج سان گڏوگڏ پاڻ سان زوال جون صورتون پڻ کڻي اينديون آھن. جيئن ته انھن جو سڌو سنئون فائدو مٿئين طبقي کي رسندو آھي، عام ماڻھو انهن تبديلين مان ايترو فائدو ناھي وٺي سگھندو. اھڙيءَ طرح جيئن ايڪھين صديءَ جي جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ سنڌي ٻولي پڻ ترقيءَ جا ڏاڪا طئي ڪندي جديد دور ۾ بيٺي آھي، علم ادب جي واڌ ويجھ ذريعي ٻولي وچولي طبقي کي به سياسي، سماجي معاملن کان متعارف ڪرائي ٿي. جيئن ڪابه قوم ٻوليءَ ذريعي پنھنجي عوام کي سياسي، سماجي، حالتن کان متعارف ڪرائي ٿي ته عوام جو شعور به اسرڻ لڳندو آھي. اھوئي سبب آھي جنھن کان ھيءَ رياست ۽ سامراجي قوتون خوفزدہ آھن ته جيڪڏھن عام ماڻھو جو سماجي شعور وڌي ٿو، حالتن آھر انھن جي سمجھ وڌي ٿي ته يقينن انھن کي اھو ڄاڻڻ ۾ به دير نه لڳندي ته سندن صدين جي غلامي، مظلوميت، استحصال ۽ جبر جو سبب ٻيو ڪير نه پر اِھي آمريتي قوتون پاڻ ئي آھن. ان ڪري پاڪستان جو حڪمران طبقو ۽ قابض جيڪي به گروھ آھن ۽ سندن سول، فوجي عملدارن اردوءَ کي زبردستي ٻين سماجن جي مٿان مڙھڻ جي عمل کي تيز ڪيو آھي. جيئن ھن وقت آمريڪي سامراجيت پوري دنيا تي انگريزي مڙھي محڪوم قومن کي پنھنجو غلام بڻائڻ چاھي ٿي، پنھنجي انگريزي ٻولي ذريعي پنھنجي ثقافت ٿوپڻ چاھي ٿي.

ھو ان ڪري خوفزده آھن ته جيڪڏھن پاڪستان ۾ موجود عوامي ٻولين کي قومي درجو ڏنو ويو يا ٻوليون ترقي ڪنديون ته سندن ڪرتوتن جي باري ۾ وچولي طبقي جون حقيقتون ھيٺيون طبقو علم ذريعي سمجھڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان ۾ رياست جو به وڏو ڪردار رھي ٿو. قومن جي قومي شناخت ۽ طبقاتي شعور جي واڌ ويجھ کي ڪيئن روڪڻو آھي، مادري ٻولين جي ترقيءَ جي راھ ۾ ڪيئن رڪاوٽ بڻجن ٿيون. پاڻ وٽ بنگالين واري صورتحال آھي جو رياست آئين ٺاھيندڙ پنھنجو آئين ويساري ويٺي آھي ۽ قومون پنھنجا مادري ٻوليءَ جا تاريخي، جمھوري ۽ آئيني حق ياد ڏيارينديون رھن ٿيون. مادري ٻولي سنڌي ماضيءَ جي پوري لوڪ ڏاھپ جي وارث آھي. ٻوليون تھذيب ۽ ثقافت جي وارثي ڪن ٿيون ته ٻولين جي وارثي ڪرڻ اسان ۽ توھان جو بنيادي ۽ جمهوري حق آھي.

جيڪا ٻولي ٿڃ سان تنھنجي پيٽ پئي،

ساتو ڪيئن ڪئي، اڄ ڪلھ آھي اوپري. (شيخ اياز)