روس- يوڪرين جنگ ڪافي عرصي کان هلي رهي آهي ۽ اڃان تائين ختم ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي. ميڊيا ذريعن موجب روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ بندي جو امڪان تازو ئي پيدا ٿيو هو جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ هن جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ خاص ڪردار ادا ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن ته جيڪڏهن هو جنگ بندي معاهدي لاءِ ڳالهين جي ميز تي نه آيو ته سندس خلاف پابنديون لڳايون وينديون، ٽرمپ موجب روسي صدر پيوٽن به جنگ بندي تي راضي ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳالهيون به ٿينديون رهيون، پر اميدون پوريون نه ٿيون ۽ جنگ اڃان به جاري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آمريڪا يوڪرين جي فوجي امداد سميت سموري امداد به بند ڪري ڇڏي آهي. روس هڪ پراڻي سپر طاقت رهي آهي ۽ يوڪرين جهڙي رياست کي آساني سان شڪست ڏئي سگهي ٿو. يوڪرين چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته هو اڪيلو روس کي منهن نٿو ڏئي سگهي.
يوڪريني صدر ولاديمير زلنسڪي آمريڪي امداد جي بندش سبب سخت پريشان ٿي ويو آهي. تازو هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جي فوجي امداد کانسواءِ روس سان وڙهڻ ناممڪن آهي. آمريڪي فوجي امداد کانسواءِ، يوڪرين ڪجهه به نٿو ڪري سگهي ۽ نتيجو يوڪرين جي تباهي جي صورت ۾ ٿيندو. يوڪرين جي صدر اهو پڻ اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن يوڪرين- روس جنگ ختم ٿي وئي ته پوءِ ايندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ يوڪرين لاءِ مشڪل ٿي ويندو. اها پڻ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روسي صدر پيوٽن جنگ جو خاتمو نٿو چاهي، هو عارضي جنگبندي چاهي ٿو ته جيئن کيس ڪجهه مهلت ملي سگهي. هن وقفي جو مقصد اهو آهي ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ منظم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر يوڪرين سان جنگ جوٽي سگهن، وڌيڪ فوجين کي تربيت ڏين. جرمن صدر فرينڪ والٽر اسٽائن ميئر به شڪايت ڪئي ۽ چيو ته ٽرمپ انتظاميه مروج اصولن، ڀائيواري ۽ وڌندڙ اعتماد کي نظر انداز ڪري رهي آهي.
هاڻ جيڪڏهن رڳو آمريڪا مدد ڪرڻ کان هٿ ڪڍي ٿو ته يورپي يونين يا ٻين ملڪن جي امداد به يوڪرين جي سلامتي برقرار رکي نه سگهندي. يوڪرين ۽ سڄي دنيا کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته آمريڪا جي امداد ئي روس کي روڪيو آهي. آمريڪا جا يورپ سان لاڳاپا پڻ خطري ۾ پئجي ويا آهن. جيئن ٽرمپ يورپي يونين جي شين تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان جي جواب ۾ يورپ پڻ آمريڪي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو ڏسڻ ۾ آسان آهي ته آمريڪا ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ رنڊڪ پڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ يورپي ملڪ انهن تفاوتن کي گهٽائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪندا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا آمريڪا اڪيلو سڄي دنيا جي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟ ان جو فوري جواب اهو ئي ڏئي سگهجي ٿو ته آمريڪا چند ملڪن تي قبضو ڪري انهن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا کي سنڀالڻ هن لاءِ ممڪن نه آهي. يورپ جي اها ڪوشش آهي ته روس کي يوڪرين تي قبضو ڪرڻ ۽ روس جي طاقت وڌائڻ کان روڪيو وڃي. جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته ان ڳالهه جو مضبوط امڪان آهي ته اها ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي وڃي. هرڪو ڄاڻي ٿو ته ايٽمي جنگ جو خطرو موجود آهي. ڪجهه عرصو اڳ ايٽمي هٿيارن بابت انڪشاف ٿيو هو ته دنيا جي نون ملڪن وٽ ٻارهن هزار (12000) کان وڌيڪ وار هيڊز آهن، جن ۾ صرف روس وٽ ڇهه هزار (6000) کان وڌيڪ وار هيڊز آهن ۽ آمريڪا وٽ اٽڪل پنج هزار (5000) وار هيڊ آهن. روس کي جيڪڏهن پنهنجي شڪست نظر آئي ته اهو ايٽمي طاقت استعمال ڪري سگهي ٿو.
اها ايٽمي جنگ نه رڳو يوڪرين کي تباهه ڪندي، پر ٻين ملڪن کي به متاثر ڪندي. روس کي وڏين طاقتن سان منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ هي مقابلو ظاهر ڪري ٿو ته روس اڃان به طاقت جي لحاظ کان مضبوط آهي. جڏهن ته يوڪرين آمريڪي امداد جي بندش سان متاثر ٿيندو، يورپ ان جي اثرن کان محفوظ نه هوندو. روس به ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن رخ ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن روس يوڪرين کانپوءِ هڪ يا ٻن وڌيڪ ملڪن تي قبضو ڪري ٿو ته پوءِ ماسڪو ضرور ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ شروع ڪندو. روس- يوڪرين جنگ بند ٿيڻ گهرجي، ڇو ته هيءَ جنگ عالمي امن کي تمام گهڻو نقصان پهچائي رهي آهي. جيڪڏهن ڪو هن جنگ بندي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان جي حمايت ڪئي وڃي ته جيئن اهي ڪوششون پوريون ٿي سگهن.