ايڊيٽوريلنئون

ڳڙهي خدا بخش ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو مايوس ڪندڙ خطاب ۽ خاموش عوام

رياست پاڪستان هڪ وفاق آهي، جنهن پهرين ڏينهن کان وٺي هڪ ڪمزور وفاق جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي جنم ورتو. وقت ثابت ڪيو ته اها واقعي ڪمزور وفاقي رياست هئي، جنهن جي ڪري اوڀر پاڪستان جيڪو هاڻي بنگلاديش آهي پاڪستان کان ٽٽي ڌار ٿي 1971ع ۾ هڪ خود مختيار رياست جي شڪل ۾ دنيا جي گولي تي وجود ۾ آيو. ان ايڏي وڏي سانحي کانپوءِ به پاڪستان جي مٿان حڪمراني ڪندڙ ذهن اڃان اهو طئي نه ڪري سگهيا آهن ته هن ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي، جڏهن ته هڪ آئين موجود آهي، جنهن ۾ صوبن جا حق ۽ وفاق جون ذميداريون ظاهر ظهور لکيل آهن. جيڪڏهن انهن مطابق هن ملڪ کي هلايو وڃي ته هي ملڪ هڪ تمام طاقتور رياست بڻجي صرف هن خطي کي نه، پر سڀني مسلمان ملڪن کي به رهنمائي ڏئي سگهي ٿي.

ڪالهه ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير عوام کي ڏاڍو مايوس ڪيو. هن تقريب جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هيءَ تقريب متنازع بڻجي چڪي هئي ۽ مختلف بيان ۽ رايا مختلف ذريعن ذريعي اڳيان اچي رهيا هئا ته صدر آصف علي زرداري جيڪو هر سال هن تقريب کي خطاب ڪندو آهي خطاب ڪرڻ نه اچي رهيو آهي، ڇو ته هو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، پر عوام جو خيال اهو هو ته هو عوام جي دٻاءُ کي برداشت نه ڪندي تقريب کان پاسو ڪري رهيو آهي، پر بلاول ڀٽو زرداري جي لاءِ ٻڌڻ ۾ اهو ٿي آيو ته هو ڪو وڏو اعلان ڪندو ۽ سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي ڪو مرهم رکندو.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير جي شروعاتي  حصي ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ امن امان جي صورتحال تي پرزور انداز ۾ ڳالهايو ۽ پيپلز پارٽي جي وفاق سان گڏ بيهڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ۽ “پاڪستان کپي” جي اصطلاح کي بار بار دهرايو، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. اها ڳالهه تمام گهڻي نمايان هئي ته ڪلهه ڳڙهي خدا بخش ۾ تمام گهٽ ماڻهو پهتا، جنهن شايد پيپلز پارٽي جي قيادت تي تمام گهڻو نفسياتي دٻاءُ وجهي ڇڏيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي باڊي لئنگويج اهو ٻڌائي رهي هئي ته هو تمام گهڻي دٻاءُ جو شڪار آهي. سندس لفظ، سندس زبان ۽ سندس باڊي لئنگويج اهي سڀ هڪٻئي جو ساٿ ڏيندي نظر نٿي آيا، هو انتهائي گهٻراهٽ جو شڪار نظر اچي رهيو هو. سندس تقرير جي شروعاتي حصي ۾ ماڻهن ڪنهن به ڳالهه تي تاڙيون نه وڄايون ۽ مسلسل اها گهر ڪندا رهيا ته پاڻيءَ جي معاملي تي پنهنجو موقف بيان ڪري ۽ هو عوام کي بار بار چوندو رهيو ته هو ضرور ان ڳالهه تي ايندو ۽ ٿوري دير کين انتظار ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن وقت پاڪستان جي صورتحال تمام گهڻي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڪي پي ڪي کان وٺي بلوچستان  تائين امن امان جي صورتحال خراب آهي، دشمن پاڪستان جي بقا ۽ سلامتيءَ کي مسلسل چئلينج ڪري رهيو آهي، پر ڇا پاڪستان جي حڪمران جماعت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته انهن سنڌ جي عوام کي ڪئنالن جي معاملي تي جنهن غير يقيني واري صورتحال ۾ مبتلا ڪيو آهي اها ڳالهه ڪٿي ختم ٿيندي. ڇو ته پاڻيءَ لاءِ شروع ٿيندڙ تحريڪ جيڪا ڇهن ڪئنالن جي خلاف هلي رهي آهي، ان کي ڪابه سياسي جماعت ليڊ نه ڪري رهي آهي، پر اها هڪ پاڻمرادي عوامي آرگينڪ تحريڪ آهي جنهن جو تعلق عوام جي نج ضرورتن، احساسن ۽ گهرجن سان آهي، جيڪي ماڻهو سنڌ کي پنهنجي ڌرتي سمجهن ٿا ۽ انهن جو هن ڌرتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه سرمايو نه آهي ۽ نه ئي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ آهي. قدرت کين هن ڌرتيءَ تي پيدا ڪيو آهي ۽ اهي پنهنجن حقن لاءِ پنهنجي ملڪ لاءِ ٺاهيل آئين ۽ قانون مطابق پنهنجن حقن جو تحفظ هن رياست کان گهري رهيا آهن جنهن آئين ۾ اهي سڀئي حق کين ڏيئي محفوظ ڪيا آهن. هن وقت پيپلز پارٽي تمام گهڻي دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ هڪ ڪمزور پارٽيءَ جي صورت ۾ وفاق ۽ صوبي ۾ بيٺل نظر اچي رهي آهي، جنهن تي عوام کي تمام گهڻو افسوس به آهي ۽ تمام گهڻي ڪاوڙ به آهي. 17 اپريل 2025ع تي يوسف خان ٽالپر جي خالي سيٽ تي باءِ اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي. ڏسجي ته ان سيٽ تي ڪهڙا نتيجا اچن ٿا. ڇا عوام وري پيپلز پارٽيءَ کي ڪامياب ڪري اعتماد بخشيندو يا پيپلز پارٽيءَ کي ان سيٽ تان ناڪام ڪري پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري 18 اپريل 2025 تي حيدرآباد کان ڪئنالن جي خلاف عوام سان گڏ هڪ تحريڪ شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جيڪا تمام خوش آئند ڳالهه آهي، پر الائجي ڇو عوام جيڪا ڳڙهي خيدا بخش ۾ موجود هئي، جيڪي پيپلز پارٽيءَ جا ورڪر هئا اهي به ان اعلان کي ٻڌي گهڻو خوشيءَ جو اظهار نه ڪري سگهيا، جنهن تي بلاول ڀٽو به ڪافي مايوس نظر آيو. اهي سڀ شيون جيڪي هن وقت ٿي رهيون آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ هن ملڪ کي، هن وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مناسب ناهن. وقت اڃان به ويو ناهي سڀني پارٽين کي، سڀني صوبائي حڪومتن کي گڏجي ويهڻ کپي، ڇو ته انڊس ريور سسٽم صرف سنڌ کي نه، پر پوري پاڪستان کي سيراب ڪري صرف زرعي پيداوار نه، پر جياپي جو سبب بڻجي ٿو. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن سنڌ اڪيلي بيٺل هوندي ۽ ٻيا صوبا ۽ وفاق الڳ ٿلڳ بيٺل هوندا ته اها ڳالهه يقينن هڪ ڀيرو تاريخ ۾ ڪنهن سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿي ۽ وفاق ڪمزور ٿيڻ جي نتيجي ۾ سڀني کي نقصان ٿي سگهي ٿو.