سنڌ حڪومت پاران اين جي اوز کان فوٽ پاٿ اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) حوالي ڪرڻ جي گهر
ڪراچي جي هڪ اين جي او سنڌ حڪومت تي الزام هڻندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ان تي دٻاءُ وڌو ويو آهي ته هو ڪراچي اندر عبدالله شاهه غازي جي مزار جي ويجهو ڪلفٽن فلاءِ اوور لڳ پنهنجو عارضي اسڪول SEF حوالي ڪري يا بند ڪري ڇڏي. جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران چيو ويو آهي ته هن اين جي او کان درخواست ڪئي آهي ته هو اهو اسڪول پارٽنرشپ تحت SEF حوالي ڪري. اين جي او جي عهديدار سيده انفس علي شاهه زيدي چيو ته هن جي اين جي او کي سنڌ حڪومت باقائده ڌمڪي ڏني آهي ۽ هن چيو آهي ته سرڪار هن ڏس ۾ پوليس جي طاقت به استعمال ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته هن اسڪول هيٺ 2000 ٻار ٽن سالن کان تعليم پرائي رهيا آهن جيڪي ڪنهن ٻئي سيٽ اپ هيٺ رهڻ نٿا چاهين. اسان جو هي ڪم انسان ذات جي ڀلائي ڪارڻ آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ به مڃيو ويو آهي پر بدقسمتي سان هتي جو نظام ان کي برداشت نٿو ڪري. هن ڏس ۾ حڪومت جي نمائندي جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي هدايتن تي ڪم ڪندي اسان غريب ٻارن جي تعليم لاءِ سروي ڪيو ۽ پهرين قدم طور مزارن ٻاهران گهمندڙ ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ هن اين جي او کي درخواست ڪئي هئي، اهو چوڻ ته اسان ڌمڪي ڏني هئي اهو بلڪل غلط آهي.