نئون

سعودي حڪومت ڪرپشن الزامن هيٺ آيل شهزادن کان 107 ارب ڊالر اوڳاڙي ورتا

گذريل سال نومبر ۾ گرفتار ڪيل ڪرپشن الزام هيٺ آيل سعودي شهزادن کان 107 ارب ڊالر اوڳاڙيا ويا آهن. واضح رهي ته نومبر 2017 ۾ سعودي عرب جي ڪرائون پرنس محمد بن سلمان پاران ملڪ اندر ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويا هئا جنهن کانپوءِ ڪل 381 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جن ۾ 11 شهزادا 38 وزير ۽ ٻيا انهن جا نائب ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل هيون، جن کي جيل بدران هڪ هوٽل ۾ قيد رکيو ويو هو. ۽ کانئن پڇا ڳاڇا لاءِ آمريڪي اڳوڻن فوجين جي مدد ورتي وئي هئي. جنهن کي رقم جي اوڳاڙي بعد هڪ هڪ ڪري آزاد ڪيو پئي ويو. هن وقت به 56 ڄڻن کي قيد ۾ رکيو ويو آهي. رقم جي اوڳاڙي نه صرف رقم جي صورت ۾ ٿي آهي پر ملڪيتن جي صورت ۾ به هنن ادائگي ڪئي آهي. ڪرپشن خلاف ڪمپنين جي اڳواڻي شهزادو محمد بن سلمان ڪري رهيو آهي، جنهن چيو ته ملڪ کي 2030 جي Vision تحت هلڻ گهرجي. جڏهن ته هن جي ان قدم تي سخت تنقيد به ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سعودي عرب اهڙي دور ۾ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ هن جي تيل جي دولت تي ڀاڙڻ ختم ٿي ويندو. ان وقت ۾ ڪاروباري شخصيتن کي نقصان پهچائڻ سان ملڪ کي به نقصان پهچي سگهي ٿو. ياد رهي ته هنن گرفتار ٿيل شهزادن ۾ ملڪ جو امير ترين شهزادو الوليد بن طلال به شامل آهي، جنهن کي گذريل ڏينهن آزاد ڪيو ويو آهي.