سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ الهه بخش سومرو پنهنجي ٻي وزارت عظميٰ جي خاتمي کانپوءِ شڪارپور ۾ سماجي خدمتن ذريعي عوام سان لهه وچڙ ڪري رهيو هو. ڪن ماڻهن وٽس اچي دانهيو هو ته هڪ واهه وٽ ڪو فقير اچي ويٺو آهي، سو عورتن ۽ مردن کي تعويذ ڏئي شرعي رستي تان ڦيرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سو ارادو ڪيائين ته پنهنجن دوستن کي ساڻ ڪري ڏانهس ويندو. مئي جي چوڏهين ۽ جمادي الاول جي يارهين تاريخ هئي. جمعي جي نماز پڙهڻ جو ارادو به هئس، مٿان وري گرميءَ جي موسم ۾ ڀينڊيون کائڻ جو شوق به هو. سو ساجهر ئي گهران نڪتو ۽ ڀينڊيون وٺي گهر آيو ۽ نيرن ڪري ٽانگي تي اڳيان ويٺو ۽ شڪارپور مان شايع ٿيندڙ هڪ اخبار وٺي پڙهڻ لڳو. ساڻس گڏ وڏيرو نبي بخش ڦلپوٽو ۽ غلام رسول جهلڻ به هئا، سي پٺيان ويٺا هئا. اُن فقير سان ملي کيس ڪجهه رپيا ڏئي اتان اٿي وڃڻ جو چوڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ٽانگو نيو فوجداري وٽان جيئن ئي گذر ڪرڻ لڳو ته لڪل قاتل ظاهر ٿي پيا ۽ پستولن جا وار ڪري ڀڄي ويا. الهه بخش سومري کي سيني ۾ گوليون لڳيون هيون ۽ سندس واتان “الله اڪبر” جو آواز بلند ٿيو هو، سندس ساٿين مان نبي بخش ڦلپوٽي کي به ڄنگهه ۾ هڪ گولي لڳي هئي، پوليس جيترو جلد پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، اوتري دير ٿي چُڪي هئي، زخمين کي شڪارپور جي وڏي راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند اسپتال نيو ويو، جتي سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ الهه بخش سومرو شهيد ٿي ويو. شڪارپور ۾ سندس شهادت جي خبر تيزيءَ سان پکڙجي وئي، سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو. سرڪاري آفيسن، اسڪولن توڙي ڪاليجن کي موڪل ڏني وئي. شڪارپور جو ناميارو صحافي مسٽر رامچند ويرو مل ڀوراڻي پيرين اگهاڙو روئيندو پاڻ پٽيندو شڪارپور جي گهٽي گهٽي ۾ ڊوڙندو نظر آيو. سندس وات تي اِها وائي هئي ته “سومرو نه ويو، سنڌ هٿن مان وئي.” الهه بخش سومري جي شهادت جي خبر ٻُڌي هر هنڌ روڄ راڙو شروع ٿي ويو، سوين ماڻهو سول اسپتال پهچي ويا. ريڊيو تان خبر نشر ٿي ته سَموري سنڌ ۾ غم جي لهر ڇانئجي وئي، سول اسپتال شڪارپور مان سندس جسد کي هاٿيدر پهچايو ويو. شهيد جا ٻارڙا، گهر جا ڀاتي، خاندان وارا ۽ دوست، ان کان علاوه بي پناهه محبت ڪندڙ هندو مسلم عوام جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، لاش شاهي باغ نيو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سندس لاش مٿان شڪارپورين مولود پڙهيا، جنازي کي وري واپس هاٿيدر آڻي پنج پير مقام ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ خبرن ۽ مضمونن سان گڏ ايڊيٽوريل شايع ٿيا، وارثن سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿيو.