“پاڻي زندگي آھي” ھن چوڻيءَ کان دنيا جي ڪا طاقت انڪار ڪري نه سگھندي. تاريخ جي مشاهدي مان خبر پوي ٿي ته دنيا جي آڳاٽين تھذيبن دريائي وهڪرن جي ويجھو ئي جنم ورتو ھو. مثال طور: ميسوپوٽيميا جي تھذيب يوفريٽيز ۽ ٽائيگرس دريائن جي ڀرسان، بابل جي تھذيب فرات نديءَ جي ڀرسان، نينوا جي تھذيب دجله نديءَ وٽ، مصر جي تھذيب نيل نديءَ جي ڪناري تي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب سنڌو نديءَ جي ڪناري تي وجود ۾ آيون. پاڻيءَ جي اھميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 22 مارچ کي پاڻيءَ جي عالمي ڏينهن طور ملھائڻ جو فيصلو ڪيو. اھو ڏينھن دنيا جي 2.2 ارب ماڻهن جي باري ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ ملھايو وڃي ٿو جيڪي محفوظ پاڻي تائين رسائي کان محروم آهن. اهو عالمي ڏھاڙو پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ بابت آهي. اھو ڏھاڙو گڏيل قومن طرفان پائيدار ترقيءَ جي ڇھين مقصد تائين رسائي حاصل ڪرڻ بابت آھي جنھن جي تحت 2030 تائين دنيا ۾ پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۽ ڌرتيءَ تي رھندڙ سڀني ساهه وارن لاءِ صاف پاڻي ۽ صفائي جي حاصلات کي ممڪن بنائڻ آهي.
2026ع تي ملھايو ويندڙ پاڻيءَ جي ڏھاڙي جو موضوع “جتي پاڻي وهندو آهي، اتي برابري وڌندي آهي” رکيو ويو آھي. اھا ھڪ تلخ حقيقت آھي ته جن علائقن ۾ پاڻيءَ جي ڪمي ھوندي آھي اتي پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ عورت جي ذميوارين ۾ شامل ھوندو آھي. دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾، صنفي عدم مساوات ۽ پاڻي جي ڪمي هڪٻئي سان ڳنڍجي ويا آهن. اسان جي سماج ۾ پاڻيءَ جي ڪميءَ جو گھڻو اثر عورت تي پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو گھر جي صفائي سٿرائي، رڌ پچاءُ، ٻارن جي سارسنڀال اسان وٽ صرف عورت جي کاتي ۾ وڌي وڃي ٿي. جڏھن ته مرد کي ان ڪم کان استثنيٰ حاصل آھي. ان ڪري صاف پاڻيءَ جي پورت ڪرڻ پڻ عورت جي ذميوارين ۾ شامل ڪئي وڃي ٿي. ھن جو وڏو مثال خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب جي پھاڙي علائقن، چولستان ۽ سنڌ جي ٿر ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ نظر ايندو جتي عورتون ۽ ٻارڙيون مٿي تي ۽ ڪڇ ۾ گھڙا کڻي، پاڻيءَ جي ڳولها ۾ مصروف نظر اينديون جنھن لاءِ کين گرمي ۽ سرديءَ جون سختيون برداشت ڪندي ڪيترائي ڪلاڪ پنڌ ڪرڻو پوندو آهي. ساڳيو حال دنيا جي غريب ايشيائي، وچ اوڀر جي ڪجھه ملڪن ۽ آفريڪا جي صحرائي علائقن جو آھي جتي پڻ پاڻيءَ جي فراھمي، عورت جي ذميواريءَ ۾ شامل ھوندو آھي. پاڻيءَ جي ڳولها ۾ مصروف ھجڻ ڪري جتي ڇوڪريون تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ھنر سکڻ کان دور رھنديون آھن، اتي عورتون پنھنجن ٻارن جي تربيت ڪرڻ ۽ پنھنجي ۽ پنھنجن گھرڀاتين جي صحت ۽ گھر جي صفائي سٿرائيءَ تي توجهه مرڪوز نه ڪري سگھنديون آهن. بنيادي سهولتن کان وانجهيل علائقن ۾ اڪثر گھرن ۾ ڪپڙا ڌوئڻ، وھنجڻ يا حاجت پوري ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو انتظام موجود نه ھوندو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ عورتن کي ڪپڙا ڌوئڻ يا پنھنجي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ مردن وانگر گھر کان ٻاھر وڃڻو پوندو آهي جيڪو انھن لاءِ انتھائي غير محفوظ پڻ ھوندو آھي. اھو عمل عورتن جي لاءِ مخصوص ڏينھن ۾ وڌيڪ ڏکيو ۽ تڪليفده ھوندو آھي. اھڙن موقعن دوران خوف ۽ گندگيءَ جي ڪري کين مختلف جسماني بيماريون جن ۾ چيلهھ، ٽنگن، پيٽ ۽ ڳاٽي ۾ سور، بخار ۽ ٻيون بيماريون شامل آھن، کي به منھن ڏيڻو پوندو آهي. ان سان گڏ نفسياتي ۽ ذھني مسئلا، جن ۾ عدم تحفظ ۽ خوف جو عنصر شامل آھن پڻ پيدا ٿيندا آهن. انھن مسئلن جي ڪري عورتون پنھنجي ڪٽنب کي گھربل وقت نه ڏئي سگھنديون آھن ۽ اڪثر حالتن ۾ گھريلو تشدد جو نشانو پڻ بڻجنديون آھن.
پاڻي زرعي پيداوار لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکندو آهي. پاڻي ھوندو ته زمينون آباد ٿينديون ۽ جڏهن زمينون آباد ٿينديون ته گهرن جي آمدني وڌندي آهي. اهڙي خوشحاليءَ واري ماحول ۾ گهڻو ڪري عورتن کي به ڪم جا بھتر موقعا ملندا آهن. جهڙوڪ: باغباني، مال پالڻ، سلائي ڪڙھائي يا ننڍا ڪاروبار ڪرڻ. اھڙن عملن سان عورتون معاشي طور وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن ۽ سماج ۾ سندن آواز وڌيڪ اهميت حاصل ڪندو آهي، جيڪو برابريءَ جي واڌ ويجهه جو سبب بڻجي ٿو. نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته جتي پاڻي وهندو آهي، اتي زندگي ۾ آساني، خوشحالي ۽ ترقي پيدا ٿيندي آهي. اهڙي ترقي نه رڳو معاشي فائدو ڏيندي آهي، پر عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ برابريءَ کي به وڌائيندي آهي. تنهنڪري پاڻي جي وسيلن جي حفاظت، منصفاڻي ورڇ ۽ صحيح استعمال سماج جي روشن مستقبل لاءِ تمام ضروري آهي ۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آهي جڏھن حڪومتي ادارا عوام تائين صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب قدم کڻندا ۽ عوام ھن قيمتي نعمت کي ضرورت آھر استعمال ۾ آڻيندو ۽ ضايع ٿيڻ کان بچائيندو.