بلاگنئون

ڪهڙو ماضي؟

ڪنهن به قوم جي روين ۾ هن جو ماضي نهايت اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ۔قوم ترقي يافته هجي ته ماضي هن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو۔. قوم جيڪڏهن پٺتي پيل هجي ته اها پنهنجي ڪمتري واري احساس کي ماضي جي شان وشوڪت ۾ پناهه ڏئي ڪري مطمئن ٿي وڃي ٿي۔. ماضي جا ڪيترائي قسم هوندا آهن ۽ انهن جو استعمال طبقاتي معاشري ۾ الڳ الڳ ٿيندو آهي. ۔جيڪڏهن ڪا قوم عروج کانپوءِ زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي ته اها پنهنجي ماضي کي سياسي نظرين تي جوڙيندي آهي. ۔ماضيءَ کي شاندار بنائڻ جي لاءِ فتحن جو ذڪر ٿيندو آهي۔ جن ۾ دشمنن کي شڪست ڏني وئي ۽ انهن جي غنيمت واري مال جي ڦرلٽ ڪري فتح ڪيل ماڻهن کي غلام بڻايو ويو۔.

جڏهن تاريخ کي فتحن ۽ جنگين جي بنياد تي لکيو ويندو آهي ته اها اشرافيه ماڻهن ۾ فخر وارن جذبن کي پيدا ڪندي آهي، پر تاريخ کي هڪ ٻئي نقطهءِ نظر سان ڏٺو وڃي ته فاتح ۽ حملي آور ڌاڙيلن جيان هوندا آهن جيڪي ٻين جي مال و دولت کي طاقت جي وسيلي ڦريندا آهن. ۔تاريخ ۾ فاتحن کي عظيم بنائڻ انسانيت سان گڏ هڪ ٺٺول آهي۔ ڇو ته اهي ماڻهن جو قتل عام ڪري فاتح بڻجندا آهن، ۔ان ڪري اهي تاريخ جا ڏوهاري آهن. ۔ان جو مثال اسڪندر جون فتحون آهن۔. يونان کان نڪري ڪري هن ايران، ۔مصر ۔افغانستان ۽ هندستان ۾ ماڻهن جو قتل عام ڪيو. ۔ستم ظريفي اها آهي ته ان جي ڏوهن تي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ حڪمران پاڻ اسڪندر بنجڻ ٿي چاهيو. هو۔جوليس سيزر ۽ علاءُالدين خلجي انهن حڪمرانن منجهان هئا۔ جن اسڪندر اعظم جي پيروي ڪرڻ ٿي چاهي. اڪثر قومن ۾ اهڙيون اقليتون آهن جن جي نه ڪائي تاريخ آهي ۽ نه ماضي۔. جڏهن فتح ڪيل ماڻهن کي غلام بڻايو ويندو هو ته انهن کي پنهنجي خاندان، معاشري ۽ ڪلچر کان الڳ ڪري مختلف خريدارن ۾ ورهايو ويندو هو، ۔انهن جا مالڪ بدلبا رهندا هئا ۽ انهن جي حيثيت انسان جي بجاءِ بي جان شيءِ جيان ٿي ويندي هئي. ۔پنهنجي زندگي جي لاءِ انهن کي پنهنجن مالڪن جو وفادار ٿيڻو پوندو هو. ۔جڏهن آمريڪا ۽ ڪيريبين ٻيٽن ۾ آفريقي غلامن کي نيو ويو ته اهي نه صرف پنهنجي وطن کان محروم ٿيا. بلڪه انهن مالڪن انهن کي نوان نالا ڏنا ۔انهن جي مذهب کي تبديل ڪيو ۽ انهن کان محنت ۽ مشقت ڪرائي انهن کان معاشي فائدا حاصل ڪيا. ۔جيتوڻيڪ آفريقي غلامن پنهنجي آزادي جي لاءِ ڪجھه بغاوتون ضرور ڪيون. پر انهن کي سختي سان چٿيو ويو. ۔1791ع جي فرانسيسي ڪالوني سينٽ ڊومينگو ۾ آفريقي غلامن بغاوت ڪري آزادي حاصل ڪئي۔.

مسلمان معاشري ۾ جڏهن سورهين صدي ۾ ٽن وڏين سلطنتن جو زوال شروع ٿيو ۽ عثماني سلطنت پنهنجي طاقت هوريان هوريان ختم ڪري ڇڏي. ۔انهن سلطنتن جي زوال مسلمان معاشري جي ذهن تي ڳوڙها اثر وڌا. ۔مايوس ۽ نااميدي جي عالم ۾ انهن ۾ بدلجندڙ حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي همت نه هئي۔، ان ڪري نون خيالن ۽ فڪرن جي جڳھه هنن ماضي کي واپس آڻي ڪري ان ۾ پنهنجن مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ چاهيو. ۔اڄ تائين مسلمان معاشرو انهيءَ ماضي جي ڳولا ۾ آهي، ۔جنهن کي شاعرن ۔ناول نگارن ۽ تاريخ دانن جوڙيو آهي. ۔موجوده دور ۾ اهوئي شاندار ماضي انهن جي ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي۔.

هندستان جي هندو معاشري ۾ تاريخ ۽ ماضي تي اعليٰ ذاتن جا ماڻهو نه ته پنهنجي تاريخ رکن ٿا ۽ نه ئي انهن جو ڪو ماضي آهي، ۔جيڪڏهن انهن ۾ ماضي جون ڪجھه يادون نسل در نسل منتقل ٿيون آهن ته اهي نهايت سخت ۽ ڪساريون آهن ۔ڇو ته هندو معاشري ۾ انهن جي حيثيت غلامن کان به بدتر هئي۔. ماضي انهن جي لاءِ اڄ به هڪ عذاب آهي۔ ڇو ته ان ۾ نه ته سندن جي عزت هئي نه وقار۔ . برطانوي حڪومتي دور ۾ انهن کي پهريون ڀيرو پنهنجي ذات جي سڃاڻپ جو احساس ٿيو ۽ انهن کي پنهنجي سڃاڻپ جي لاءِ نئين سر کان ماضي کي جوڙڻو پوندو.