بلاگنئون

وچ اوڀر جو تاريخي‎ پسمنظر

وچ اوڀر رڳو هڪ جاگرافيائي علائقو نه، پر دنيا جي سياست، تهذيبن ۽ مذهبن جو مرڪز رهيو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن خطي کي “وچ اوڀر” سڏڻ جي اصطلاح به سامونڊي حڪمتِ عملي ۽ عالمي سياست مان جنم ورتو. اڳوڻي آمريڪي جنرل ۽ صدر آئيزن هاور هڪ تقرير وچ اوڀر جي جاگرافيائي بيهڪ بيان ۾ چيو هو ته وچ اوڀر رڳو تيل جو ذخيرو نه آهي، اهو دنيا جي سياسي استحڪام جي ڪنجي آهي. هي نظريو دراصل ان حقيقت جو اعتراف هو ته دنيا جو جيڪو طاقتور ملڪ وچ اوڀر تي اثر رکندو، اهو عالمي سياست ۾ به وڏو اثر حاصل ڪندو. هن خطي جي جاگرافيائي حيثيت اهڙي آهي جو يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جا واپاري رستا هتي اچي ملن ٿا. انهيءَ ڪري صدين کان هي علائقو عالمي طاقتن جي دلچسپي جو مرڪز رهيو آهي، اڄ جڏهن وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر شديد جنگي باهه ۾ سڙندو نظر اچي رهيو آهي ته ان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته هن خطي جي تاريخي پسمنظر، جاگرافيائي اهميت ۽ سياسي پيچيدگين کي نظر ۾ رکيو وڃي. حقيقت ۾ وچ اوڀر جي اهميت رڳو مذهبي يا ثقافتي ناهي، پر ان جي پويان طاقتور جاگرافيائي ۽ سياسي حقيقتون به لڪيل آهن، تاريخدانن مطابق هن علائقي جي اهميت جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هتي دنيا جا اهم واپاري ۽ سامونڊي گذرگاھون جيڪي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا، تاج برطانيه ۽ مغربي حڪمتِ عملي به هن علائقي کي پنهنجي عالمي طاقت جي توازن لاءِ اهم سمجهندي رهي آهي. پهرين عالمي جنگ کان اڳ وچ اوڀر جي وڏي حصي تي سلطنتِ عثمانيه پکڙيل هئي. 1918 پھرين مهاڀاري جنگ کانپوءِ جڏهن عثماني سلطنت ٽٽي ته برطانيا ۽ فرانس هن خطي کي سياسي اثر هيٺ آڻڻ لاءِ 1916ع ۾ سائڪس پيڪو معاهدو ڪيو، تاريخدان جارج انتونيوس لکي ٿو ته “عرب دنيا جي سياسي بحرانن جي بنياد انهن سرحدن ۾ لڪل آهي جيڪي نوآبادياتي دور ۾ ڪاغذن تي ٺاهيون ويون” جنهن کانپوءِ ڪيترائي نوان تڪرار جنم وٺندا رهيا آهن. 1917ع ۾ يھودين جي ھڪ تنظيم متحرڪ ٿي جنهن سموري دنيا جي يھودين کي متحد ڪري اسرائيل رياست جو بنياد رکڻ جو منصوبو ٺاهيو. جنھن کي بالفور ڊڪليئريشن ذريعي فلسطين ۾ صيهوني يهودي رياست سموري دنيا جي طاقتور ڌرين برطانوي راڄ ۽ نئين اڀرندڙ طاقت آمريڪا کان قومي گهر قائم ڪرڻ جي حمايت حاصل ڪئي، اهو اعلان بعد ۾ اسرائيل جي قيام لاءِ هڪ اهم سياسي بنياد بڻيو. 1948ع ۾ اسرائيل جي قيام کانپوءِ صورتحال وڌيڪ نازڪ ٿي وئي، انهيءَ واقعي کي فلسطيني تاريخ ۾ “النڪبه” يعني تباهي چيو وڃي ٿو، لکين فلسطيني پنهنجي زمينن ۽ گهرن کان بي دخل ٿي ويا، جنهن سان وچ اوڀر ۾ هڪ مستقل سياسي بحران جنم ورتو. عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ نه رڪجندڙ جنگين جو سلسلو جاري ٿيو. 1956ع جو سوئيز ڪينال بحران، 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري جنگ ۽ 1973ع جي يوم ڪپور جنگ جنگين هن خطي جي طاقت جي توازن کي بار بار تبديل ڪيو آهي. 1967ع جي جنگ کانپوءِ اسرائيل ويسٽ بينڪ، غزه ۽ گولان جي جابلو پٽي تي قبضو ڪيو، جنهن سان تڪرار وڌيڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي، شام جي ھن ڏکڻ وارو علائقو اڳ ئي تھذيبي مذهبي، قومي ۽ سياسي تضادن جو مرڪز آهي. اڄ ايران، اسرائيل، آمريڪا ۽ خليجي رياستي قوتن جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ اصل ۾ انهيءَ ڊگهي تاريخي عمل جو تسلسل آهي. 1979ع ايران ۾ انقلاب کانپوءِ خطي ۾ طاقت جو توازن ٻيهر تبديلي ۽ شدت سان ظاھر ٿيو. ايران ۽ عراق جي وچ ۾ 1980ع کان 1988ع تائين جاري رهندڙ جنگ جديد تاريخ جي سڀ کان ڊگهي روايتي جنگن مان هڪ هئي. ان جنگ نه رڳو ٻنهي ملڪن کي اقتصادي طور ڪمزور ڪيو، پر سڄي خطي ۾ فرقيواري سياست جي شروعات پيدا ٿي. 1990ع ۾ عراق جو ڪويت تي حملو ۽ ان کانپوءِ آمريڪا جي قيادت ۾ خليجي جنگ آپريشن ڊزرٽ اسٽارم وچ اوڀر ۾ عالمي طاقت جي سڌي فوجي مداخلت جو اهم مثال بڻيو. بعد ۾ 2003ع ۾ آمريڪا ۽ اتحادي نيٽو عراق تي الزام لڳايو ته صدام حسين وٽ ڪيميائي ھٿيار آھن، سامراجي فوجن عراق تي حملو ڪري صدام حسين جي حڪومت جو خاتمو آندو، جنهن کانپوءِ عراق ۾ سياسي افراتفري ۽ شدت پسندي وڌي وئي، 2011ع جي عرب بهار پڻ وچ اوڀر جي سياست ۾ هڪ نئون باب کوليو. تونس، مصر، ليبيا ۽ شام ۾ عوامي تحريڪن حڪومتن کي چئلينج ڪيو، پر ڪيترن ئي عرب ملڪن ۾ اهي تحريڪون گهرو جنگن ۾ تبديل ٿي ويون، اهوئي ماحول بعد ۾ داعش جهڙي تنظيم جي اڀار جو سبب بڻيو، 2014ع ۾ داعش عراق ۽ شام جي وڏن علائقن تي قبضو ڪري خلافت جو اعلان ڪيو، جنهن خلاف عالمي اتحاد نيٽو آمريڪا کي وڏي فوجي مهم هلائڻي پئي. وچ اوڀر جي هن بدلجندڙ سياسي ۽ فوجي صورتحال ۾ پاڪستان جي حيثيت هڪ اهڙي اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ ملڪ جي آهي جنهن کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به عالمي طاقت لاءِ آسان ناهي، هڪ پاسي پاڪستان جي ايران سان ڊگهي سرحد آهي ۽ گيس پائپ لائين جهڙا اهم منصوبا به ٻنهي ملڪن کي ويجهو ڪن ٿا، جڏهن ته ٻئي پاسي خليجي رياستن جي اھم مذھبي مرڪزي رياست سعودي عرب سان پاڪستان جا گهرا دفاعي ۽ معاشي لاڳاپا قائم آهن. ڪراچي سنڌ پورٽ قاسم بندرگاھه ۽ گوادر پورٽ بلوچستان جهڙا بندرگاهه عالمي واپار ۽ توانائي جي رستن لاءِ اهم آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان هڪ تمام نازڪ رسِي تي هلندي نظر اچي رهيو آهي، جتي کيس آمريڪي دٻاءُ ۽ پاڙيسري اسلامي برادران ملڪ ايران سان لاڳاپن جي وچ ۾ توازن قائم رکڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان دنيا جي واحد اسلامي ايٽمي قوت آهي، تنهنڪري ان جا دفاعي اثاثا ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي خطي جي طاقت جي توازن ۾ ڪنهن به وقت فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، تاريخ جي ورقن کي جيڪڏهن نوم چومسڪي جي نظر سان ڏسجي ته معلوم ٿئي ٿو ته دنيا کي “بارود جي ڍير” تي بيهارڻ ۾ انهن طاقتن جو وڏو هٿ آهي، جيڪي امن جي نالي تي پنهنجي فوجي معاشي طاقت کي وڌائينديون رهن ٿيون، وچ اوڀر جو خطو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ تهذيبن جو ھندورو هو، اڄ عالمي سياست جي شطرنج جو اهو ميدان بڻجي چڪو آهي جتي رڳو رت جي راند کيڏي پئي وڃي، هڪ طرف ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۽ ‘NPT’ جهڙن معاهدن جي پامالي، ٻئي طرف سيموئيل پي هنٽنگٽن جي ان نظريي کي هٿي ڏني پئي وڃي ته مستقبل جون جنگيون رياستن جي وچ ۾ نه، پر تهذيبن جي وچ ۾ هونديون يعني تهذيبن جو ٽڪراءُ وچ اوڀر جي هن تڪرار جو هڪ پاسو قديم تاريخ سان پڻ جڙيل آهي، جڏهن اسين بني اسرائيل جي طاقتور بادشاھه جالوت جي جنگ بني اسرائيل جي قديم رياستن جي عروج زوال جو ذڪر پڙهون ٿا ته خبر پوي ٿي ته هي سرزمين صدين کان طاقت جي توازن ۽ مذهبي سڃاڻپ جي جنگ جو مرڪز رهي آهي، اڄوڪو اسرائيل، فلسطين تڪرار رڳو زمين جو جهڳڙو ناهي، پر ان ۾ تاريخ جي نراڙ تي زخم آهي. تھذيبن جو ٽڪراءُ کان وٺي اڄ جي جديد سياسي تجزين تائين پکڙيل آهن، آمريڪي پرڏيهي پاليسين ۽ عراقي جنگ جي ناڪام تجربن ثابت ڪيو آهي ته طاقت جي زور تي تهذيبن کي مٽائي نٿو سگهجي، بلڪه ان سان رڳو دهشتگردي ۽ عدم تحفظ جي نئين لهر جنم وٺي ٿي، ان پسمنظر ۾ موجوده جنگي صورتحال کي رڳو هڪ عارضي تڪرار طور ڏسڻ شايد صحيح نه هوندو، وچ اوڀر جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به عالمي طاقتن جا مفاد، مذهبي جذبا ۽ جاگرافيائي اهميت هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا ته تڪرار ڊگهو ۽ پيچيده ٿي وڃي ٿو، اڄ به دنيا جي نظر هن خطي تي ان ڪري آهي جو هتي پيدا ٿيندڙ هر سياسي يا فوجي تبديلي عالمي امن، معيشت ۽ طاقت جي توازن تي سڌو اثر وجهي ٿو. تنهنڪري وچ اوڀر جي موجوده جنگ کي سمجهڻ لاءِ صرف موجوده واقعا نه پر ان جي تاريخي، جاگرافيائي پسمنظر ۽ سياسي پاڙن کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نقشا ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا “ڪروسيڊ وار” صليبي جنگ جهڙا بيان هن تڪرار کي هڪ خطرناڪ مذهبي ۽ نظرياتي موڙ ڏئي رهيا آهن، هڪ پاسي صيهوني “گريٽر اسرائيل” جو اهو پراڻو تصور جيڪو درياءَ نيل کان درياءَ فرات تائين پکڙيل رياست جو خواب ڏسي رھيا آھن. جڏهن ته ٻئي پاسي مغربي اتحاد هن جنگ کي پنهنجي تهذيبي بقا جي جنگ طور پيش ڪري رهيا آهن، ٽرمپ جي سخت پاليسين ۽ جارحاڻن بيانن هن باهه تي تيل هارڻ جو ڪم ڪيو آهي، جنهن ڪري امن جون رهيل اميدون به آهستي آهستي ختم ٿي رھيون آھن. نتيجي طور ائين چئي سگهجي ٿو ته وچ اوڀر ۾ امن تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن دنيا “طاقت جي برتري” واري سوچ کي تياڳي “انصاف جي برتري” کي قبول ڪندي. تاريخ گواهه آهي ته جالوت جهڙيون وڏيون طاقتون هجن يا جديد دور جا ايٽمي هٿيار، اهي ڪڏهن به انساني بقا جي ضمانت بڻجي ناهن سگهيا. جيڪڏهن تهذيبن جي وچ ۾ ڊائلاگ جي راهه اختيار نه ڪئي وئي ۽ عالمي طاقتن وچ اوڀر کي پنهنجي هٿيارن جي بازار بڻائڻ بند نه ڪيو، ته پوءِ هي بارود جو ڍير پوري عالمي امن کي رک ڪري سگهي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين تاريخ جي غلطين مان سبق سکون نه ته “عقابن کان تيز ۽ شينهن کان بهادر” هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ قومون به زوال جي گهرائي ۾ ائين ئي غرق ٿي وينديون، جيئن قديم دور جا عظيم جنگجو ۽ سلطنتون ٿي ويون.