تازو سنڌ جي ڪجھه شهرن ۾موجود اين آئي سي وي ڊي مان علاج ڪرائڻ وارن جون رپورٽون سامهون آيون آهن، جن ۾ لاڙڪاڻو، سيوهڻ، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد شامل آهن، جتي اڪثر مريضن جي اينجيو گرافي ڪري ڪجھه دوائون لکي ڊسچارج ڪري گهر موڪليو وڃي ٿو. نتيجي ۾ مريض گهر پهچي دوا کي ڪافي سمجهي ٿو، پر حقيقت ۾ هن جو مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي، والو بند ٿيڻ جو اصل علاج اينجيو پلاسٽي يا باءِ پاس آهي، جنھن لاءِ تجويز نٿو ڪيو وڃي نه ڪي مريض کي اڳتي ريفر ڪيو وڃي ٿو يا ڪو ٻيو مناسب گس ڏنو وڃي ٿو.
ذاتي طور مونکي ان ڳالھه جو تجربو حيدرآباد جي اين آئي سي وي ڊي مان ٿيو، جتي پڻ ساڳيو عمل اختيار ڪيو ويو، پر ڀلائي ٿي جو پاڻ پنهنجي هوشياري ڪري ڪراچي پهچي پنهنجي جان بچائي ورتي نه ته حيدرآباد واري اين آئي سي وي ڊي سر وڃايو هو.
هي سينٽر مريضن کي وقت تي درست مشورو به نه پيا ڏئي سگهن، هٿ سان موت جي منهن چاڙهي ڇڏين ٿا. خدا سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي وارن کي سلامت رکي، جيڪي مريض کي مڪمل صحتياب ڪري پوءِ موڪل ڏين ٿا.
منهنجي تجويز آهي ته سنڌ حڪومت مٿي ذڪر ڪيل ضلعن جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن جي رپورٽ تيار ڪرائي ته انهن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتون ڇو ميسر نه ٿي رهيون آهن. ان قسم جي بدعنواني حڪومت جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهچائي رهي آهي.
ڊاڪٽري هڪ تمام گهڻو باعزت پيشو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر پنهنجن مريضن جي جان بچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي، پر لڳي ٿو ته حيدرآباد ۾ ڪجهه ڊاڪٽر پنهنجي ان مقدس پيشي سان انصاف نه ڪري رهيا آهن. حيدرآباد جي ڊاڪٽر لين ۽ اڪثر اسپتالن ۾ ڊاڪٽر صرف پئسا ڪمائڻ جي لاءِ ويٺا آهن. انهن جي نسبت ماڻهو ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن تي وڌيڪ ڀروسو ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن مان شفا به نصيب ٿئي ٿي.
اين آئي سي وي ڊي حيدرآباد جهڙي اسپتال ۾ پڻ ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ ڏٺي وئي آهي، جتي مريضن کي محدود علاج جي سهولت ملي ٿي، پيچيده مريضن کي ٻئي ماهر ڊاڪٽر جو مشورو ڏيڻ جي به زحمت نٿا ڪن جو بهتر علاج جي صلاح ڏيڻ جي به هنن وٽ کوٽ آهي. مريضن کي غلط تجويز تي رکڻ سان مريض کي خطرو لاحق ٿيڻ سان گڏوگڏ وقت پڻ ضايع ڪيو وڃي ٿو. اينجيو گرافي کانپوءِ اڪثر مريضن کي دوا تي رکيو وڃي ٿو، پيچيده مريض کي داخل ڪرڻ بجاءِ دوا لکي ڪري روانو ڪيو وڃي ٿو، اهڙو مثال سامهون آيو آهي، جنهن جي بنياد تي هيءَ رپورٽ لکي وئي آهي.
اسپتال ۾ موجوده ڊاڪٽر مريض کي هڪٻئي ڏانهن موڪلڻ جا مثال تمام گهٽ ڏسجن ٿا، مريض جي شڪايت جي باوجود ريفر نٿو ڪيو وڃي، ڪافي مريض پنهنجي فيصلي سان ڀڄي جان بچائين ٿا.
ھاشم ميڊيڪل سٽي جون پڻ ميڊيا ۾ ڪافي شڪايتون سامھون آيون آهن، جتي پڻ غير معياري علاج جون سهولتون عوام جو نقصان ڪري رهيون آهن. آغا خان اسپتال ۾ پڻ گهٽ ماهر ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن، اڪثر ساڳيا ڊاڪٽر آهن، جيڪي هڪ کان وڌيڪ اسپتالن ۾ ڪم ڪن ٿا. ڊاڪٽرن جي ڊگرين ۽ مهارت يا علاج ۾ تضاد ڏٺو ويو آهي. حڪومت کي گهرجي ته هن مسئلي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.