پرائمري کان وٺي تعليم ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو گڏيل استعمال اڻٽر آهي
2023ع ۾، گوگل هڪ جرئتمندانه پروگرام شروع ڪيو، جنهن جو نالو هو “Next Billion Users” (هڪ ارب وڌيڪ استعمال ڪندڙ). اهو ترقي پذير ملڪن جي ماڻهن تائين انٽرنيٽ پهچائڻ لاءِ هڪ عالمي ويزن هو، جن مان گهڻن ماڻهن ڪڏهن به انٽرنيٽ استعمال نه ڪيو هو. انهن نون استعمال ڪندڙن مان گهڻا ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽرن اڳيان نه ويٺا هوندا، پر اسمارٽ فون هٿ ۾ هوندو. اهي “ٽيڪنالاجي جا وارث” هئا، جيڪي ڊجيٽل دنيا ۾ ڄاو ۽ ٽچ اسڪرينن ۽ ايپس سان پنهنجو رستو ڳوليو.
ساڳئي وقت، پاڪستان جي ڪنهن ڳوٺاڻن سرڪاري اسڪول ۾ هڪ ٻار هٿ ۾ 1990 واري ڏهاڪي جو هڪ ڦاٽل ڪتاب کڻي پنو ورائي رهيو آهي. استاد، چاڪ هٿ ۾ کڻي، اهي ئي سبق ورجائي رهيو آهي جيڪي ڏهاڪن کان نسلن کي ساڳي نموني پڙهايا پيا وڃن. ٻاهر جي دنيا بدلجي وئي آهي، پر ان ڪلاس روم ۾ وقت ڄڻ بيهي رهيو آهي. هي پاڪستان جي تعليمي تضاد جي ڪهاڻي آهي، جتي ٽيڪنالاجي اڳتي ڊوڙي رهي آهي، پر تعليم ماضي ۾ اٽڪي بيٺل آهي.
وقت ۾ ڄميل نظام:
پاڪستان جو تعليمي نظام گهڻي عرصي کان “پراڻو” سڏبو رهيو آهي، پر هاڻي اهو رڳو تنقيد ناهي، هڪ بحران بڻجي ويو آهي. دنيا جا تعليمي ماڊل تيزيءَ سان تبديل ٿيا آهن، ڊجيٽل تبديلي، نون تعليمي سائنسن ۽ روزگار جي مارڪيٽ جي ضرورتن سان هلايا پيا وڃن، پر پاڪستان پوئتي آهي. ان ۾ به ته ڇا پڙهايو پيو وڃي ۽ ڪيئن پڙهايو پيو وڃي.
تعليم کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
نصاب
پڙهائڻ جو طريقو
بدقسمتي سان، پاڪستان ٻنهي ميدانن ۾ پوئتي آهي.
يونيسڪو جي 2022 واري رپورٽ ٻڌائي ٿي ته ڏکڻ ايشيا جهڙن ملڪن ۾، جهڙوڪ پاڪستان، نصاب جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مواد پراڻو آهي. نصاب ۾ اهم ۽ جديد موضوع جهڙوڪ: آبهوا جي تبديلي، مصنوعي ذهانت، ذهني صحت ۽ ڊجيٽل خواندگي شامل ئي ناهن. جڏهن ته اهي ئي موضوع مستقبل جوڙيندا.
هڪ ملڪ ٻه دنيائون:
پاڪستان جي شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ صورتحال بلڪل مختلف آهي. ڪلاس روم جي ڀتين تي سمارٽ بورڊ لڳل آهن، شاگرد ٽيبلٽس تي اسائنمينٽ مڪمل ڪن ٿا، آءِ جي سي ايس اي ۽ آءِ بي جهڙا عالمي نصاب پراڻن درسي ڪتابن جي جاءِ وٺي چڪا آهن. ڪوڊنگ ۽ روبوٽڪس ڪلب هلن ٿا ۽ امتحاني نظام ۾ اڪثر AI مددگار آهي.
پر سرڪاري اسڪولن ۾، جتي پاڪستان جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، ٽيڪنالاجي اڃان به اڻڄاتل شيءِ آهي. پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس 2023 مطابق، رڳو 14 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن وٽ ڪمپيوٽر ليب آهن ۽ انهن مان به ٿورا ئي انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهن. نتيجو؟ هڪ وڌندڙ ڊجيٽل وٿي، جتي ڪجهه شاگرد مستقبل لاءِ تيار ٿي رهيا آهن ۽ ٻيا پوئتي رهايا پيا وڃن.
تعليم ماضيءَ لاءِ يا مستقبل لاءِ؟:
دنيا هاڻي فيڪٽري ورڪرن ۽ ڪلارڪن جي تلاش ۾ ناهي. اڄ جي معيشت جدت، ڪاروباري ذهنيت، تنقيدي سوچ ۽ ڊجيٽل مهارت تي ٻڌل آهي. عالمي اقتصادي فورم بار بار ٻڌايو آهي ته مستقبل جون اهم صلاحيتون تخليقيت، مسئلا حل ڪرڻ جي قابليت ڊجيٽل خواندگي ۾ آهن.
پر اڪثر پاڪستاني اسڪولن جي ڪلاس رومن ۾ اڃان به شاگردن کي ياد ڪرڻ ۽ ورجائڻ سيکاريو پيو وڃي. سنگاپور ۽ فنلينڊ جهڙا ملڪ پهرين درجي کان ئي ڪوڊنگ متعارف ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته هتي رڳو 4 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن ۾ ICT تي ٻڌل سکيا تائين رسائي حاصل آهي- (الف اعلان، 2023).
۽ پڙهائيندڙ ڪير آهن؟ گهڻو ڪري اهي استاد، جيڪي پاڻ ڊجيٽل دنيا سان گڏ هلي نه سگهيا آهن. ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي 2023 جي انگن اکرن موجب، رڳو 12 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن جا استاد رسمي ICT ٽريننگ حاصل ڪري چڪا آهن. باقي “ڊجيٽل مهاجر” آهن، جيڪي ڊجيٽل ڄاول شاگردن کي اوزار، تربيت ۽ اعتماد کان سواءِ سيکارڻ جي ڪوشش پيا ڪن.
ڪلاس روم کان ٻاهر سکيا:
COVID-19 سان گڏوگڏ وڏي تعليمي رڪاوٽ به آئي. اسڪول بند ٿيا ته حڪومت “ٽيلي اسڪول” پروگرام شروع ڪيو، جيڪو ٽي وي ۽ ريڊيو ذريعي سبق پهچائيندو هو. اهو 80 لک کان وڌيڪ شاگردن تائين پهتو. اهو هڪ وڏو قدم هو، پر هڪ وڏو نقص به. اهو هڪ طرفو هو ڪابه به حقيقي انگيجمينٽ نه هئي، پر دنيا جلدي سکيو. يورپ ۽ وچ اوڀر ۾، هاڻي پناهگير ڪيمپن ۾ به ٽيبليٽس، اڳواٽ لوڊ ٿيل سبق، ۽ ڊجيٽل ڪلاس روم ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي. ٽيڪنالاجي بغير عمارتن، بليڪ بورڊن ۽ سرحدن جي اسڪول قائم ڪري ڇڏيا آهن.
عالمي ڪاميابي جا مثال:
دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ ٽيڪنالاجي ذريعي تعليم ۾ برابري آڻي رهيا آهن، روانڊا “One Laptop Per Child” پروگرام تحت 10 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ٻارن ۾ ورهايا.
ڀارت جا DIKSHA ءٌSWAYAM پليٽ فارم ڪيترين ٻولين ۾ مفت آن لائين ڪورسز مهيا ڪن ٿا، جيڪي پري ڳوٺن تائين به رسائي رکن ٿا.
ايم آءِ ٽي ۽ هارورڊ پنهنجي عالمي معيار جا ڪورس EDX ذريعي مفت آن لائين رکيا آهن، جيڪي ڪنهن به سکڻ واري لاءِ کليل آهن.
ضروري بنياد:
تعليم ۾ ٽيڪنالاجي آڻڻ لاءِ ٻن بنيادي ٿنڀن جي ضرورت آهي:
اثرائتو انتظام- حڪومت جي وزارتن، مقامي اسڪول بورڊن ۽ ڊجيٽل سروس فراهم ڪندڙن جي وچ ۾ هم آهنگي.
مضبوط امداد-باقاعدي استادن جي ٽريننگ،IT سارسنڀال، سافٽ ويئر اپڊيٽ ۽ سستو انٽرنيٽ ضروري آهي.


2023ع ۾، گوگل هڪ جرئتمندانه پروگرام شروع ڪيو، جنهن جو نالو هو “Next Billion Users” (هڪ ارب وڌيڪ استعمال ڪندڙ). اهو ترقي پذير ملڪن جي ماڻهن تائين انٽرنيٽ پهچائڻ لاءِ هڪ عالمي ويزن هو، جن مان گهڻن ماڻهن ڪڏهن به انٽرنيٽ استعمال نه ڪيو هو. انهن نون استعمال ڪندڙن مان گهڻا ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽرن اڳيان نه ويٺا هوندا، پر اسمارٽ فون هٿ ۾ هوندو. اهي “ٽيڪنالاجي جا وارث” هئا، جيڪي ڊجيٽل دنيا ۾ ڄاو ۽ ٽچ اسڪرينن ۽ ايپس سان پنهنجو رستو ڳوليو.