”هڪ باغيءَ جي مَزاحمت“
(بخشل باغيءَ جي شعري مجموعي”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ“جو اڀياس)
شيخ اياز شاعر ۽ شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:
”شاعريءَ جو فن پنهنجي ڪمال تي پهچي ڏُکئي کان ڏُکئي خيال جو اظهار، سولي کان سولي ٻوليءَ ۾ ڪندو آهي. اُن آسان ۽ نِج ٻوليءَ جي سلاست ۽ عام فهميءَ جي تھ ۾ فڪر ۽ فن جو اهو رچاءُ هوندو آهي، جنهن ۾ صدين جي سُڳنڌ سميٽجي ايندي آهي. ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ کي پرکڻ لاءِ، هن جي دور جي سماجي، سياسي توڙي معاشي حالتن جو جائزو وٺڻ لازمي هوندو آهي. ان سان گڏ هن جي دور جي قومي ۽ عالمي سياست ۽ فڪر جي لاڙن جو تجزيو ۽ انهن ڏانهن هن جي رد عمل جو مطالعو پڻ لازمي هوندو آهي. شاعر جي داخلي زندگيءَ جي شعوري ارتقا ۽ ان تي، هن جي خارجي زندگيءَ جي اثر جو اندازو لڳائڻ سان گڏ، هن جي تحت الشعور جي اُن روشنيءَ کي به جاچڻو هوندو آهي، جنهن جا پاڇا هن جي شعور جي پردي تي پوندا رهندا آهن.“
مون جڏهن بخشل باغيءَ جو مزاحمتي شاعريءَ جو ڳُٽڪو ”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ“ پڙهيو ته شيخ اياز جون مٿيون سٽون هڪدم ياد اچي ويون.
بخشل پنهنجن خيالن کي سليس ۽ سادن لفظن ۾ اظهارڻ ۾ ڏاڍو ڪامياب ويو آهي. هو شاعريءَ ۾ ڏکيا ۽ اوپرا يا پرائي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آڻي، پڙهندڙن کي منجهائڻ يا پنهنجي دانشوري جهاڙڻ جي ڪا به ڪوشش ڪندي نظر نه ٿو اچي. هتي مون کي وليم ورڊز ورٿ جا لفظ به ياد اچن ٿا ته ”هڪ شاعر کي عوامي ۽ ڏهاڙيءَ واري زندگيءَ ۾ ڪتب ايندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ گُهرجي.“ پر ائين به آهي ته ڪجھ وڏا شاعر ۽ نقاد عوامي ٻوليءَ بدران خواص جي ٻولي استعمال ڪرڻ تي زور ڏيندا رهيا آهن. اهڙن شاعرن ۽ نقادن چواڻي ته: ”شاعريءَ کي ڪو عام يا گهٽ ذهن وارو نه ٿو سمجهي سگهي ۽ هڪ شاعر کي اهڙن گهٽ شعور رکندڙن لاءِ شاعري نه ڪرڻ گُهرجي. اهي اهو به چون ٿا ته عوامي ٻوليءَ ۾ اثر ۽ رس چس گهٽ آهي.“
ٽي ايس ايليٽ روايت جي تسلسل بابت لکي ٿو ته: ”هڪ شاعر کي پاڻ کان اڳ آيل عظيم شاعرن جي شاعريءَ واري واٽ واري روايت کي جاري رکڻ انتهائي ضروري آهي. شاعر پاڻ کان اڳ آيل عظيم شاعرن جي واٽ کان ڪٽجي نه ٿو هلي سگهي.“
ان روايت واري دڳ تي هلڻ کي نقل ڪرڻ هرگز نه چئبو ۽ اگر ڪو شاعر پاڻ کان اڳ آيل مهان شاعرن جي ورتل واٽ واري روايت تي هلڻ کان مڪمل پاسو ڪري ٿو ته ائين چئبو ته هن پنهنجي سماجي، سياسي، ثقافتي قدرن جي انحرافي ڪندي پنهنجي شاعريءَ اندر ڪو اهم باب سِرجڻ کان رهجي ويو آهي. هتي اها ڳالھ به ذهن ۾ رکجي ته روايت واري شاعري ۽ روايتي شاعريءَ ۾ ڏينهن رات ۽ زمين آسمان جو فرق آهي. روايت تي هلندڙ شاعر ۽ روايتي شاعري ڪندڙ شاعر ٻه الڳ دنيائون آهن، جن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ گُهرجي.
سنڌ سميت دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن ۾ مزاحمتي شاعري هڪ اهم هٿيار رهيو آهي. فلسطين جو محمود درويش، شام جو نزار قاباني، چليءَ جو پئبلو نرودا، اڳوڻي سوويت روس جي داغستان جو رسول حمزه توف ۽ پاڪستان جي فيض احمد فيض سان گڏ اڪيچار شاعر آهن جن مهان گيت سرجي عوام جي جوش کي جوالا پئي بخشي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ لطيف، سچل ۽ اياز جهڙن مهان شاعرن به مزاحمتي شاعريءَ ۾ خوب نڀايو آهي. ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي حقن ۽ تحفظ خاطر انهن مزاحمتي شاعريءَ وسيلي جيڪو رومانس پيدا ڪيو، ان جي هڪ الڳ ئي دنيا آهي. هاڻي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته بخشل باغيءَ جهڙو ڌرتيءَ جو عاشق شاعر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ماٺ ڪري ويهي!؟ جنهن شاعر پنهنجي تخلص ۾ بغاوت جي چونڊ ڪئي هجي اُهو مزاحمتي شاعري سِرجڻ کانسواءِ ڪيئن ٿو رهي سگهي!؟ ان سان گڏ اهو به ذھن ۾ رکجي ته بخشل باغي پنهنجي ٻوليءَ جي ٻن وڏن شاعرن لطيف ۽ اياز جي مزاحمت واري روايت کان ڪيئن پوئتي هٽندو!؟ لطيف ۽ اياز سان گڏ بخشل پنهنجي دور جي شاعرن پاران سرجندڙ مزاحمتي شاعري پڻ پڙهي ۽ پرکي آهي. هڪ سٺو پڙهندڙ ۽ سرگرم قومي ڪارڪن هجڻ سبب به سندس رڳن ۾ مزاحمت ڊوڙندي رهي ٿي جيڪا لفظن جي وسيلي شعلا بڻجي اظهارجي نڪري ٿي.
سندس شاعريءَ جي مجموعي ”سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ“ ۾ به ڪمال جي مزاحمت جهلڪي ٿي، جيڪا ڌرتيءَ سان عشق رکندڙ هر فرد کي ضرور به پڙهڻ گهرجي.
مون مٿي منڍ ۾ شاعريءَ ۾ سولي کان سولا لفظ ڪتب آڻي عام پڙهندڙ کي به سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالھ ڪئي آهي. بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ۾ به ڏکين ۽ ڳنڀير مسئلن کي سولن لفظن ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اها حرفت بخشل جي ٻوليءَ تي دسترس سان گڏ عوام سان گڏ بيهڻ ۽ انهن جي ڏهاڙيءَ واري عام رواجي ٻوليءَ ۾ خيالن کي پيش ڪرڻ واري اهميت کي پڻ ظاهر ڪري ٿي.
مون جڏهن بخشل باغيءَ جو نثر پڙهيو ته بخشل هڪ گهڻ مطالعاتي شخصيت محسوس ٿيو، پر هاڻي جڏهن سندس شاعري پڙهي اٿم ته بخشل مشاهدي کي تيزيءَ سان پرکڻ وارو شاعر پڻ نظر آيو. ائين چئجي ته بخشل جي شاعريءَ ۾ مطالعي سان گڏ مشاهدي جو بهترين استعمال ٿيل آهي، جيڪا ڳالھ کيس هڪ ڀلوڙ شاعر بڻائي سامهون آڻي ٿي. سندس نظم ”اسلام آباد ۾ لکيل نظم“ ۾ سندس مشاهداتي اک سندس خيالن کي ڏاڍو سهڻي نموني اظهارڻ ۾ مدد ڪئي آهي:
هڪ ديس آ دروهي
ٻيو ديس وطن وارث
هڪ ديس سڄو ڏوهي
ٻيو ديس سڄو پارس
مٿيون سٽون اسلام آباد ۾ نظم جون شروعاتي سٽون آهن، جن ۾ اسلام آباد جي خوشحاليءَ، سنڌ جي بدحاليءَ جي سولي ۽ سڌي ڀيٽ ڪيل آهي. اهو نظم باغيءَ جي اسلام آباد جي سفر دوران سرجيل آهي.
بخشل باغيءَ جي شاعريءَ ۾ تمثيلون ۽ تشبيهون به ڏاڍيون سهڻيون ۽ اثرائتيون آهن. سندس تشبيهن ۾ ڪنهن به قسم جي اوپرائپ يا مونجهارو نه آهي.
سنڌ کي تو فلسطين ٺاهي ڇڏيو
سوچ تنهنجي اها ساڳي اسرائيلي
هنن سٽن ۾ تشبيھ سان گڏ عالمي سياست ۽ واقعن تي ڪرڙي نظر پڻ ظاهر ٿئي ٿي. هڪ باشعور شاعر لاءِ دنيا جي سمورين مظلوم ۽ محڪوم قومن بابت آواز اٿارڻ ۽ عالمي سياسي منظرنامي کان باخبر رهڻ، انتهائي ضروري هوندو آهي. بخشل جي شاعريءَ مان اهي ضرورتون پوريون ٿيندي ملن ٿيون.
اڄ به چنگيز تو مان نهاري پيو
روح هٽلر جو جاڳيو وري تو منجهان
هتي سنڌ جي دشمنن کي چنگيز ۽ هٽلر جهڙن وحشين ۽ ظالمن سان تشبيھ ڏني وئي آهي. جيڪڏهن ڏسجي ته هنن سٽن ۾ تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو پڻ جهلڪي ٿو. شاعر نه فقط پنهنجي حال پر ماضيءَ جي واقعن کان پڻ باخبر نظر اچي ٿو ۽ هو ماضي ۽ حال جي انسانيت جي دشمنن کي وائکو ڪندي نظر اچي ٿو.
موجوده حالات تي ڪرڙي نظر جو ٻيو سهڻو مثال ”هي سنڌ نه آ هڪ لفظ رڳو“ ۾ پڻ ملي ٿو. هن نظم ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن سان گڏ بحريا ٽائون ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ طاقتور ڌرين جي قبضن خلاف احتجاج بلند ڪيل آهي.
تو ٻيٽ ڏنا سڀ ٻيلاٽيون
ڀنڊاڙ، ڏنگيءَ کي ڀيٽ ڪري
سنڌ ساگر ملياميٽ ڪري
تو ڀونءِ ڀَڳيون ڇو کَنڀڙاٽيون
تو سنڌ کپائي درٻاري
اڄ سياست ۾ واپار ڪري
هن ديس مٿان ڇو وار ڪري
غدار! ڪئي آ غداري
سنڌي مزاحمتي شاعري هجي ۽ ان ۾ سنڌو درياھ سان محبت جو اظهار نه هجي ۽ درياھ کي سڪائڻ وارين سازشي ڪارواين خلاف احتجاج جو اظهار ٿيل نه هجي، ائين هرگز ٿي نه ٿو سگهي. بخشل جي نظم ”سنڌو توکان سوالي آ“ ۾ سنڌو درياھ تي ڊئم اڏڻ ۽ درياھ سڪائڻ خلاف آواز اُٿاريل آهي. هي به ڏاڍو سهڻو نظم آهي. هن نظم ۾ سنڌوءَ سان محبت ۽ سنڌوءَ کي سنڌ جي معيشت ۾ مليل اهميت جي پڻ سگهاري عڪاسي ڪيل آهي.
سنڌوءَ جي سينڌ ۾ واري
اکين ۾ اُڃَ هيڪاندي
دُنگيءَ جي دانهن دل ڏاري
مَڇي ٿي ريت ۾ ماندي
*
ڪنڌين کي رُڃَ پئي رَڙڪي
درياھ جو پيٽ خالي آ
پَتڻ تي بُکَ پئي ڦَٿڪي
سنڌو تو کان سوالي آ
*
ڪراچي سنڌ جي ماروي آهي. ڪراچي سنڌ جي سڃاڻپ آهي. ڪراچي سنڌ جو معاشي حب آهي. ڪراچيءَ تي ڌارين پاران ٿيندڙ والار ۽ اُن کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ وارين سازشن خلاف ٻه نظم ”ڪراچي“ ۽ ”ڪراچي رُوپ سَرتيءَ جو“ به ڏاڍا سگهارا آهن. هنن نظمن ۾ ڪراچيءَ سان سنڌين ۽ ڪراچيءَ جي اصلوڪن وارثن جي محبت، انس ۽ پيار جي ڏاڍي سهڻي نموني عڪاسي ڪيل آهي. هنن ٻنهي نظمن ۾ بخشل باغي سنڌين پاران ڪراچيءَ سان محبت ۽ اُن جي مالڪي ڪرڻ وارو نمائنده آواز بڻيل آهي. هيٺ انهن نظمن مان ڪجھ سٽون پيش ڪجن ٿيون.
خدا جي خواب جي اُجري
ازل کان ساڀيان تو ۾
ستارن ۾ سدا اُڀري
ڪراچي!ڪهڪشان تو ۾
*
مِڙيا تو تي وري مانگر
گِدڙ گڏجي پيا سڀئي
ڪندا ڇا هي نوان ”نادر“
تنهنجا عاشق اُٿيا سڀئي
*
ڪراچي سنڌ جي دل آ
ڪراچي روح ڌرتيءَ جو
ڪراچي بَڙ تي ڪوئل آ
ڪراچي رُوپ سَرتيءَ جو
*
منهنجي بخشل باغيءَ سان ملاقات محترم دوست مجيب اوٺي جي ڪهاڻين جي تازي آيل ڳُٽڪي ”غيرموزون موسم جون ڪهاڻيون“ جي مهورتي تقريب دوران ٿي هئي. ملڻ دوران ئي بخشل جو سڀاءُ ڏاڍو متاثر ڪندڙ هو. بخشل معصوميت، سچ ۽ پيار جو سرچشمو محسوس ٿيو. اهڙي معصوم دل جو مالڪ ڀلا جنگي جنون، انساني قتل عام ۽ دنيا جي تباهي ڪيئن سهي سگهندو. سندس نظم ”جنگي جنون“ ۾ جنگ کان نفرت ۽ جنگي جنون رکندڙ ذهنيت خلاف ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي تمنا جو سهڻو مثال آهي. هي هڪ ڊگهو نظم آهي جنهن ۾ قديم دور ۾ ٿيندڙ نيزن، ڀالن، تيرن ۽ تلوارن وسيلي ٿيندڙ جنگين کان جديد دور ۾ بمن ۽ گولين وسيلي ٿيندڙ جنگين کان نفرت جو اظهار ۽ دنيا جي سُک، چين جي تباهي ۽ فطرت مٿان ٿيل ظلم جو اظهار ٿيل آهي.
بم بي رحم آهن
ائٽمي نشو ڇانيل
جنگ ۾ ظلم آهن
هانوَ سڀئي هيسايل
*
ڏِسُ! سڄي ڊِنل فطرت
زندگي ڏَڪي پيئي
ڪَڪ ٿي پئي قدرت
آ تباھ ٿي ويئي
بخشل باغيءَ جي مزاحمتي شاعريءَ جي هِن ڳٽڪي ۾ گهڻائي نظمن جي آهي، پر ان سان گڏ غزل، بيت، وايون، پنجڪڙا ۽ چوسٽا پڻ شامل آهن. شاعريءَ جو هي مجموعو جديد دور جي مزاحمتي شاعريءَ جو سهڻو مثال آهي. هي ڪتاب سنڌ شناس دوستن، امن ۽ اهنسا جو پيغام سانڍي رکندڙن ۽ مزاحمتي مزاج رکندڙ ذهنن جي پڙهڻ وٽان آهي.
***