ليکڪ: يووال نوح ھراري
اسان پٿر جي دور کي پٿر وارو دور ان ڪري چوندا آهيون، جو گهڻو ڪري شيون ججهائي ۾ پٿر جون مليون آهن. ماڻهن جي اڪثريت کي ائين لڳي ٿو ته شايد سڀ شيون پٿرن جون ٺهيل هيون، پر، ائين ڪونه هو، پر سچ اهو آهي ته گھڻيون شيون ڪاٺ، جانورن جي کلن، پکين جي کنڀن ۽ ڪن ٻين شين جون ٺهيل هيون، پر گهڻو اڳ اهي شيون سواءِ پٿرن جي، گم ٿي ويون. ان ڪري اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو اوکو آهي ته اسان جي وڏڙن پٿر جي دور ۾ ڪيئن جيون گذاريو. ڀاڳن سان هڪ ٻيو به طريقو آهي، جو اسان ان سان به پتو لڳائي سگهون ٿا ته اسان جي وڏڙن جي ان عهد ۾ ڪيئن زندگي گذري. اھو طريقو هي آهي ته هن وقت جيئرن ماڻھن جي زندگين جو مشاهدو ڪجي. دنيا ۾ ڪجھ ماڳ مڪان اهڙا به آهن، جتي ماڻهو اڃان تائين پنهنجي زندگي اسان جي وڏڙن جيان گذارين ٿا. جيڪڏهن اسان انهن ڏانهن وڃون، انھن سان ڪچهريون ڪريون، مشاهدا ماڻيون ته ھوند اسان گهڻو ڪجھ سکي سگهون ٿا.
عام طور تي انسانن کي اسان ٽن گروهن ۾ ورهائي سگهون ٿا: فصل/اناج اپائيندڙ انسان، پنهنجو کاڌو خريد ڪندڙ انسان ۽ شڪار ڪندڙ ۽ پنهنجو کاڌو گڏ ڪندڙ انسان. اناج اپائيندڙ انسانن کي اسان هاري چوندا آهيون. اهي انسان ماني جي حاصلات لاءِ ڪڻڪ ۽ صوف کائڻ لاءِ صوفن جا وڻ پوکين ٿا. اهي ڪڪڙ پڻ پالين ٿا ۽ اهي گوشت ۽ بيدا پڻ کائين ٿا. انسانن جي اڪثريت اناج جي اپت بجاءِ ان کي خريد ڪري ٿي. جڏهن انهن کي بک لڳي ٿي، تڏهن اهي مارڪيٽن ۽ بازارن جو رخ ڪن ٿا، اٽو، بيدا ۽ صوف خريد ڪن ٿا يا وري اهي پنهنجون سمارٽ فونون کڻن ٿا ۽ پيزا جو آرڊر ڏين ٿا. اسان جي پٿر جي دور جا وڏڙا اناج اپائي يا خريد ڪري نه سگهندا هئا. اهي بس سير شڪار ڪندا هئا. ائين جيئن سڀ جانور ڪن ٿا. جراف ٻوٽن کي پوکين نٿا ۽ شينهن کي مارڪيٽ مان جراف جو گوشت ڪونه ملندو. جراف جو گذران انهن وڻن تي آهي، جيڪي فطري طور ميدانن تي واڌ ويجھ حاصل ڪن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح شينهن وري جراف جو شڪار ڪن ٿا. ساڳيءَ طرح، اسان جا وڏڙا جھنگلي ٻوٽن ۽ سبزين کي گڏ ڪندا هئا ۽ جھنگلي جانورن جو شڪار ڪندا هئا. ان سبب جي ڪري ئي اسان جي وڏڙن کي شڪاري يا جھنگلي سڏيو ويو آهي. ڇو جو اهي پنهنجو کاڌو جهنگ مان حاصل ڪندا هئا.
اڄ دنيا ۾ اڃان ڪجھ گروھ اهڙا آهن، جيڪي پنهنجو کاڌو سير شڪار ذريعي حاصل ڪندا آهن. اهي گهرن ۽ شهرن ۾ نٿا رهن ۽ اهي ڪارخانن يا آفيسن ۾ پڻ ڪم ڪار ڪونه ٿا ڪن. اهي گهڻو ڪري ڏور جهنگلن ۽ ريگستانن ۾ رهندا آهن. سائنسدان انهن انسانن ڏانهن وڃي، انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو مطالعو ڪري سگهن ٿا. سائنسدان ڪوشش ڪري پتو لڳائي سگهن ٿا ته اسان جا وڏڙا هزارين سال اڳ ڪيئن رهندا هئا! اڄ جي خانابدوشن ۽ پٿر جي دور جي خانا بدوشن ۾ ڪافي فرق آهي. ويندي اڄ جي دور ۾ پري پري جي برپٽن ۽ جهنگلن ۾ رهندڙ خانابدوش جديد دنيا جو حصو آهن. جديد خانابدوش شڪاري قبيلن کي قديم آثارن جي شاهدين ۽ مشاهدي هيٺ پرکي، ڇا اسان سولائيءَ سان ٻڌائي سگهون ٿا ته پٿر جي دور جي انسانن پنهنجون زندگيون ڪهڙي نموني گذاريون! اهم ڳالھ اها آهي ته زندگي گذارڻ جو ڪو هڪ ڍنگ نه هو، هزارين رنگ ۽ ڍنگ هئا. ان وقت جي دنيا هزارين مختلف قبيلن، مختلف خاندانن، مختلف ثقافتن ۽ مختلف ٻولين جو گهر هئي. انهن سڀني فرقن، تضادن ۽ نرالائپ جو هڪ ئي سبب اهو هو ته انسان مختلف جاين تي رهندا هئا. تنهنڪري انهن کي هر قسم جي ايڪو سسٽم ۽ ماحول کي اپنائڻو پوندو هو. اهي انسان جيڪي ندين جي ويجهو رهندا هئا، اهي ڪثير تعداد ۾ مڇي کائيندا هئا ۽ انهن ٻيڙي کي ٺاهڻ پڻ سکي ورتو هو. جڏهن ته اھي انسان جيڪي اوچن جبلن ۽ پهاڙن تي رهندا هئا، انهن کي ترڻ نه ايندو هو. اهي انسان جيڪي گهاٽن جهنگلن ۾ رهندا هئا، اهي مڪمل طور تي اگهاڙا گهمندا ڦرندا هئا. جڏهن ته اهي انسان جيڪي آرڪٽڪ جي برفاني علائقن ۾ رهندا هئا، اهي جانورن جي کلن مان ٺهيل ڳورا ڪوٽ پائيندا هئا.
ڪهاڻي ٻڌائڻ جي فن سبب سيپينس کي ٻين جانورن تي فوقيت هئي. هر انساني قبيلو مختلف هو. ڇاڪاڻ جو هر قبيلي مختلف ڪهاڻين تي يقين ٿي رکيو. مثال طور: هڪ قبيلي جو اهو يقين هوندو ته توهان مرڻ کانپوءِ نئين ٻار يا جانور جي صورت ۾ واپس اچي سگهو ٿا. ڪنهن ٻئي قبيلي جو وري اھو يقين هوندو ته توهان مرڻ کانپوءِ جن جي صورت وٺي وري سگهو ٿا. ٽئين قبيلي جو وري اهو اعتقاد هوندو ته توهان جي مرڻ سان گڏ توهان جو وجود پڻ ميسارجي ويندو. شايد ڪنهن هڪ قبيلي ۾ هرڪو ڪنهن هڪ وڏي گروھ ۾ رهندو هوندو، ڪجھ وري ننڍي خاندان ۾ رهندا هوندا. ڪنهن هڪ خاندان ۾ اهو ممڪن هوندو ته ڪو هڪ مرد ڪنهن هڪ مرد سان شادي ڪري سگهي پيو. جڏهن ته ڪنهن ٻئي خاندان ۾ وري اها اجازت هرگز نه هوندي ته ڪو هڪ ئي وقت گهڻن مردن سان شادي ڪري سگهي. ڪنهن قبيلي ۾ وري مردن سان شادي بجاءِ ٻن عورتن يا ڏهن عورتن سان شاديءَ جي اجازت هوندي ۽ ٽئين قبيلي جي ماڻهن کي شايد شاديءَ جي مقصد بابت پتو به نه هوندو.
آرٽ جي حوالي سان مختلف قبيلن جي ماڻهن وچ ۾ مختلف سوچ رهي هوندي. ڪنهن هڪ قبيلي خوبصورت فنپارا غارن ۾ ٺاهيا هوندا. ڀر واري قبيلي وري رقص ۽ موسيقي کي ترجيح ڏني هوندي. ٿي سگهي ته ڪو قبيلو جهڳڙالو رهيو هجي ۽ سندن ماڻهو هر وقت جهيڙيندا رھيا هجن، پر ٻئي پاسي ڪو قبيلو اهڙو رهيو هوندو، جو سندن فردن جو سڀ ڪنهن سان دوستاڻو رويو رهيو هجي. جڏهن ته هر خانابدوش قبيلي جو دنيا کي ڏسڻ جو پنهنجو خاص زاويو هو. عام طور تي ماڻهو هڪٻئي سان جام تعاون ڪندا هئا. هر قبيلي جا ماڻهو ساڳي ٻولي ڳالهائيندا هئا، ساڳين ڪهاڻين تي يقين رکندا هئا ۽ ساڳين اصولن جي پيروي ڪندا هئا. تنهن وقت جو قبيلو اڄ جي ڪنهن جديد ملڪ کان بلڪل مختلف هو؛ ان کي ڪابه حڪومت، ڪابه فوج ۽ نه ئي ڪا پوليس فورس هئي، پر هڪ وڏي قبيلي سان تعلق رکڻ جا گهڻا فائدا هئا. مثال طور: اهي هڪٻئي سان شين جي مٽاسٽا ڪري، هڪٻئي جي ضرورتن جو پورائو ڪري ٿي سگهيا. هڪٻئي سان سھڪار سبب وڏو لاڀ حاصل ڪري ٿي سگهيا.
توهان کي حيرت ضرور ٿيندي هوندي ته انهن قبيلن جي وجود بابت اسان کي خبر ڪيئن پوي ٿي. ڇا اسان وٽ ان ڳالھ جو ڪو ثبوت آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ رھندڙ ماڻهو هڪٻئي سان تعاون ڪيئن ڪندا هئا؟ ها، ان جو ثبوت قديم آثارن جي ماهرن پٿر جي دور جي جهوپڙين جو مطالعو ڪندي ڏنو آهي، جي سوين ميل سمنڊن کان پري ٺهيل هيون. اتي سامونڊي ڪوڏ مليا آهن، جي لڳي ايئن ٿو ته زمين تي رهندڙ ماڻهن کي سمنڊ جي ڪنارن وٽ رهندڙ ماڻهن ڏنا هوندا. ٻيو اهم ثبوت روس جي سنگهير واري علائقي مان مليو، جتي قديم آثارن جي ماهرن 34000 هزار سال قديم قبرستان دريافت ڪيو. ڪجھ قبرن مان انساني ڍانچا مليا. هڪ قبر ۾ انهن کي 40 سالن جي انسان جو ڍانچو مليو، جو جانورن جي هزارين عاج جي هڏن سان ڍڪيل هو. کيس کاڏيءَ وٽان 25 بريسليٽ هئا ۽ سندس مٿي تي پيل ٽوپلي تي لومڙ جا ڏند پيل هئا. اهو ٽوپلو گهڻو ڪري چمڙي يا ان جو ٺهيل هو، تنهنڪري اهو جٽاءَ ڪري نه سگهيو، جڏهن ته لومڙ جا ڏند اڃان سلامت هئا.
قديم آثارن جي ماهرن کي هڪ ٻي دلچسپ قبر ملي. ان ۾ آرٽ جا لاتعداد شاهڪار ۽ انهن سان گڏ ٻن ڇوڪرن جا ڍانچا مٿو مٿي سان پوريل هئا. هڪ ٻار جي عمر نو سال ۽ ٻئي جي ٻارهن سال هئي. انهن ٻنهي کي عاج جا جهجها بريسليٽ پاتل هئا. انهن جي مٿن تي پاتل ٽوپلن کي لومڙين جا ڪيترائي ڏند لڳل هئا. ٿي سگهي ٿو ته سنگهير جي علائقي ۾ پٿر جي دور ۾ اهو فيشن جو عروج هو. اسان ان جي وڌيڪ وضاحت ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ ڪجھ قبرن مان قيمتي شيون مليون، جڏهن ته ڪجھ مان وري صرف ڍانچا مليا، ائين ڇو آهي؟ ان جي آسان وضاحت اها آهي ته چاليھن سالن وارو شخص قبيلي جو اهم فرد هو، شايد ڇوڪرا ان جا پنهنجا ٻار يا پوٽا هئا، ان ڪري انهن جي پورڻ جي رسم به خاص قسم جي ٿي. سائنسدان مٿئين خيال جا هئا، پر جڏهن اهي انهن ٽنهي ڍانچن جي ڊي اين اي جي هدايت نامي وارو ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪامياب ويا ته انهن کي پتو پيو ته ڇوڪرا نه پاڻ ۾ ڀائر يا سئوٽ هئا ۽ نه ئي اهو شخص سندن پيءُ يا ڏاڏو هو. ان جي هڪ ٻي به وضاحت ٿي سگهي ٿي. شايد هڪ قبيلي جي فردن جو هڪ عجيب ڪهاڻيءَ تي اعتقاد هو ۽ ڏور آسمان ۾ جهڙ جي مٿان هڪ عظيم روح جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن هڪ شخص ۽ ٻن ٻارڙن جي قرباني ڏني. ٿي سگهي ٿو ته انهن جو عقيدو هجي ته جيڪڏهن اهي هنن ٽنهي انسانن جي قرباني عظيم روح جي آڏو پيش ڪندا ته اهو روح کين شڪار لاءِ کوڙ سارا جانور موڪليندو. اسان کي ان بابت پڪ نه آهي، پر هڪ شيءِ پڌري آهي ته جيڪي قيمتي شيون انهن ٽنهي ڍانچن جي قبرن مان مليون آهن، انهن لاءِ يقينن سوين ماڻهن گڏجي ڪم ڪيو هوندو.
***