بلاگخاصنئون

سوچڻ جي قيمت: Sapiens: A Brief History of Human kind by Yuval Noah Harari مان ماخوذ

جهڙي طريقي سان ڪيترن ئي جانورن جون بيڪ وقت هڪ کان وڌيڪ جنسون موجود آهن. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن دور ۾ انسان جون به هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ جنسون موجود هيون. هڪ اندازي موجب ڇهه انساني جنسون ساڳئي ئي زمان ۾ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هيون. انيڪ فرق هجڻ باوجود، سڀني انساني جنسن ۾ ڪجھ هڪ جهڙائيون پڻ هيون، جنهن جي ڪري کين انساني جنسن جي گروهه جو حصو بنجڻ جي سعادت نصيب ٿي. انهن هڪ جهڙائين مان هڪ خاصيت سندن غير معمولي طور تي ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ وڏو دماغ هو. 60 ڪلو گرام وزني ٿڻائتن جانورن جي سراسري دماغ جي جسامت 200 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هئي. جڏهن ته 25 لک سال اڳ، اوائلي مرد ۽ عورت جي دماغ جي جسامت اٽڪل 600 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هئي. موجودہ دور جي انسانن جي دماغ جي جسامت 1200_1400 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر آهي. جڏهن ته 30 هزار سال اڳ هڪ ٻي انساني جنس نيئيندرٿال جا دماغ اڃان به وڏا هئا.
اها دعويٰ ڪرڻ تمام سولي ٿي لڳي ته قدرتي چونڊ جي نتيجي ۾ هميشه وڏن دماغن کي ترجيح ملڻ گھرجي. اسان گھڻي ذهانت جا ايترا ته شيدائي آهيون جو اسان دماغي طاقت متعلق اهو فرض ڪري ڇڏيو آهي ته وڏو دماغ سدا بهتر هوندو آهي. پر، جيڪڏهن اهو سچ هجي ها ته فيلائين ڪٽنب جنهن ۾ شينهن، چيتا ۽ ٻلا اچي وڃن ٿا، ضرور هڪڙو اهڙو ٻلو به پيدا ڪري ها جيڪو ڪيلڪيولس ڪري سگھي ها ۽ هيستائين ڏيڏر به پنهنجو خلائي پروگرام شروع ڪري چڪا هجن ها. اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جانورن ۾ وڏو دماغ ايترو نادر ڇو آهي؟
حقيقت اها آهي ته وڏو دماغ جسماني وسيلن مٿان وڏو بار آهي. ان کي کڻي هلڻ ايترو سولو ڪم ناهي. مٿان وري اهو هڪ وڏي کوپڙيءَ ۾ سمايل هوندو آهي. ان تائين توانائي پهچائڻ به تمام ڏکيو ڪم آهي. اسان جي دماغ جو وزن جسماني وزن جو 2 کان 3 سيڪڙو هوندو آهي. پر، آرام وقت اهو اسان جي جسم جي 25 سيڪڙو توانائي خرچ ڪندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ باندرن منجھ، سندن آرام وقت اهو صرف 8 سيڪڙو توانائي خرچ ڪندو آهي. اوائلي انسانن پنهنجن وڏن دماغن کي ٻن طريقن سان تاتيو. هڪ ته هنن کاڌي جي ڳولها ۾ وڌيڪ وقت صرف ڪيو، ٻيو ته سندن ڏورا ڪمزور ٿي ويا. جيئن حڪومت دفاع کان تعليم ڏانهن رقم منتقل ڪندي آهي، بلڪل ايئن انسانن به توانائيءَ کي ڏورن کان تنتن ڏانهن منتقل ڪيو. ميداني علائقن ۾ بقا لاءِ اها هڪ بهترين ڪوڏ هئي. چمپانزي انسان کان دليل بازيءَ ۾ کٽي نٿو سگھي پر، انسان کي ڪپڙي جي گڏي جيان چيري ڦاڙي سگھي ٿو.
اڄ جي دور ۾ اسان جا وڏا دماغ سٺي ادائگي ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اسان گاڏيون ۽ بندوقون تيار ڪري ورتيون آهن. گاڏيون اسان کي چمپانزي کان تيز ڊوڙڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ بندوقن سان اسان کين پريان کان گولي هڻي سگھون ٿا، ان ڪري ساڻن ملهه وڙهڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي. پر، گاڏيون ۽ بندوقون ته ويجھڙ جون ايجادون آهن. گذريل 20 لک سالن کان انسان صرف پٿريلين ڇرين ۽ چڀندڙ ڪاٺين سان چمپانزي سان سٺو مقابلو ڪيو آهي ته پوءِ اها ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن ان عرصي دوران انساني دماغ جي اوسر کي جاري رکيو. ان جو جواب آسان آهي. انسان جو مقابلو صرف چمپانزي ۽ ٻين جانورن سان نه هو بلڪِه قدرتي آفتن سان پڻ هو ۽ ان ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار انسانن جي هڪٻئي سان چٽاڀيٽيءَ به ادا ڪيو. هڪ ٻي منفرد انساني خصلت اها آهي ته اسين اڀا ٿي ٻن ٽنگن تي ٿا هلون. اڀو بيهڻ جي ڪري ميداني علائقن ۾ اسان جي نظر پري تائين وڃي سگھي ٿي، جيڪا دشمن ۽ شڪار جي تاڪ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. جڏهن ته ٻانهون اسان جي چرپر ۾ ڪوبه ڪردار ادا نٿيون ڪن. لحاظه اهي ٻين مقصدن جي استعمال لاءِ فارغ رهن ٿيون، جيئن پٿر اڇلڻ، پريان کان اشارا ڪرڻ، هٿيارن ۽ اوزارن جو استعمال ڪرڻ وغيره. ٻانهن جو وڌ کان وڌ ڪارائتو هجڻ وڌ کان وڌ ڪاميابيءَ جو سبب آهي. ان ڪري انساني اوسر جو رخ تنتي سرشتي جي وڌيڪ ڳوڙهي ٿيڻ ۽ آڱرين ۽ هٿن جي ترين جي ڏورن جي وڌيڪ موثر ٿيڻ طرف گامزن رهيو. نتيجي طور انسان هٿن سان تمام پيچيده ڪم سرانجام ڏيئي سگھن ٿا. هو تمام نفيس اوزار ٺاهي انهن جو استعمال ڪري سگھن ٿا. اسان کي اٽڪل 25 لک سال پراڻو اوزار ٺاهڻ جو ثبوت ملي چڪو آهي. جڏهن ته قديم آثارن جي ماهرن اوائلي انسان کي سڃاڻڻ خاطر اوزار ٺاهڻ ۽ انهن جي استعمال کي معيار طور استعمال ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ اڀو ٿي هلڻ سان ڪجھ مسئلا پڻ لاڳاپيل آهن. اسان جي اوائلي ابن ڏاڏن جو ڍانچو چئن ٽنگن تي هلندو هو ۽ سندن مٿو پڻ ننڍو هو. اهو ڍانچو ڪيترن ئي لکن سالن جي اوسر جو نتيجو هو. ان ڍانچي لاءِ اڀو ٿي بيهڻ تمام ڏکيو ڪم هو. خاص ڪري اهو ڍانچو وڏي کوپڙيءَ جو بار کڻڻ جي لائق ته بلڪل به ڪونه هو. ان ڪري انسانن وسيع نظارو ۽ مهارتي هٿ حاصل ڪرڻ جي قيمت چيلهه ۽ ڪنڌ جي سور جي صورت ۾ ادا ڪئي.
جيتوڻيڪ عورتن کي اڃان به وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پئي. اڀي چال جي لاءِ سوڙهي چيلهه گهربل آهي، جنهن جو نتيجو ڄم جي رستي جي ويڪر گھٽجڻ جي صورت ۾ نڪري ٿو. ويتر ڄم ۾ ڏکيائي تڏهن پيدا ٿيڻ لڳي جڏهن ٻارن جا مٿا وڏا ٿيندا ويا. ان ڪري ڄم دوران ماءُ جو موت هڪ تمام وڏو مسئلو ٿي پيو. اهي عورتون جن جلدي ٿي ٻار ڄڻيا، جڏهن ٻار جو دماغ ۽ کوپڙي نسبتن ننڍا ۽ لچڪدار هئا، انهن جي بچڻ جا امڪان وڌيڪ هئا. ان ڪري اهڙيون عورتون نسبتن وڌيڪ ٻار ڄڻڻ جي لائق هيون. نتيجي طور قدرتي چونڊ تڪڙي ڄم جي فائدي ۾ وئي. حقيقت ۾ ٻين جانورن جي نسبت، انسان وقت کان اڳ ڄمن ٿا، جڏهن سندن اهم سرشتا اڃان پوريءَ طرح سان تعمير نه ٿيا هوندا آهن. کودڙو ڄمڻ کان ٿورو ئي پوءِ هلڻ شروع ڪري ٿو. پونگڙو ڄمڻ کان ڪجھ هفتا پوءِ ئي پنهنجي ماءُ کي ڇڏي پنهنجو شڪار پاڻ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. جڏهن ته انساني ٻار ڪيترائي سال خوراڪ، بچاءُ ۽ سکيا لاءِ پنهنجي وڏڙن تي انحصار ڪندو آهي.
ان حقيقت انسان جي غير معمولي سماجي لياقتن ۽ مخصوص سماجي مسئلن ڏانهن شراڪت ڪئي آهي. اڪيليون مائرون پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ گھربل مقدار ۾ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ جي قابل نه هونديون آهن. ٻارن جي پالنا لاءِ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين ۽ پاڙيسرين جي مدد درڪار رهندي هئي. ان ڪري انساني ٻار پالڻ ۾ سڄي قبيلي جي سهڪار جي ضرورت هئي. نتيجي ۾ اوسر انهن جي چونڊ ڪئي جيڪي مضبوط سماجي تعلق رکڻ جي اهل هئا. ان کانسواءِ جيئن ته انساني ٻار گھٽ تعميريل هوندو آهي، ان ڪري کيس ٻين جانورن جي نسبت وڌيڪ سيکاري ۽ سمجهائي سگھجي ٿو. گھڻن ٿڻائتن جانورن جا ٻار ڪک مان ايئن نڪرندا آهن جيئن بٺي مان ٺڪر جو سامان تيار ٿي نڪرندو آهي. کين وري تراشڻ جي ٿوري به ڪوشش سندن ڏارجڻ يا ٽٽڻ جو سبب ٿي سگھي ٿي. جڏهن ته انساني ٻار ڪک مان ايئن نڪرندو آهي جيئن بٺي مان پگھريل شيشو. کيس حيرت انگيز درجي جي آزاديءَ سان مروڙي، ڪشي ۽ گھڙي سگھجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسين پنهنجن ٻارن کي هندو يا مسلمان، سرمائيدار يا اشتراڪي، جنگجو يا امن پسند ٿيڻ جي سکيا ڏيئي سگھون ٿا.
اسان سمجھندا آهيون ته وڏو دماغ، اوزارن جو استعمال، سکڻ جون بهترين لياقتون ۽ ڳوڙهيون سماجي بناوٽون نسبتن فائدو پهچائين ٿيون. اهو صاف نظر اچي ٿو ته انهن اسمن انسانن کي ڌرتيءَ جو طاقتور ترين جانور بڻائي ڇڏيو آهي. پر، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انسانن کي اهي فائدا مڪمل طور تي 20 لک سالن کان حاصل هئا. جڏهن ته ان عرصي دوران هو ڪمزور ۽ غير اهم مخلوق رهيا. جيتوڻيڪ 10 لک سال اڳ جي انسان کي وڏو دماغ هو ۽ هن وٽ تکا پٿر جا اوزار هئا، پر، هو مستقل طور خونخوار جانورن جي خوف ۾ رهندو هو. وڏو جانور ڪو ورلي شڪار ڪندو هو. گھڻو ڪري سندس گذران، ٻوٽن تي، جيتن تي يا وري ٻين خونخوار جانورن جي بچايل گوشت تي هوندو هو.
ان دور ۾ پٿر جي اوزارن جو استعمال گھڻو ڪري هڏن کي چيري، نريءَ کي کائڻ هوندو هو. ڪجھ تحقيقدانن جو خيال آهي ته پٿر جا اوزار ٺاهڻ جو مقصد به اهو ئي هو. جيئن ڪاٺ ڪٽا وڻن جي ٿڙ مان جيت ڪڍڻ جي مهارت رکن ٿا، تيئن اوائلي انسان هڏن منجھان نري ڪڍڻ جي مهارت حاصل ڪئي. پر، سوال اهو آهي ته انسان جي نريءَ ۾ ايتري دلچسپي ڇو هئي؟ فرض ڪريو ته اوهان شينهن کي چراغ جو شڪار ڪندي ڏسو ٿا. اوهان شينهن جي فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪريو ٿا. پر، پوءِ وري گدڙن ۽ هائنن (شڪل نمبر 1) جو وارو اچي ٿو. اوهان انهن سان به مقابلي جي همت نٿا ساريو. اوهان جاءِ واردات تي آخر ۾ پهچو ٿا، جڏهن باقي صرف وڃي هڏا بچيا آهن. ان ڪري اوهان جي لاءِ کائڻ جي شيءِ صرف هڏن جي وچ واري نري وڃي بچي ٿي. اهو مشاهدو اسان جي تاريخ ۽ نفسيات کي سمجھڻ جي ڪنجي آهي. ويجھي ماضيءَ تائين خوراڪي تسلسل ۾ انساني نسل جي جاءِ وچ ٿري هئي. لکين سالن کان وٺي انسان ننڍڙا جانور پئي شڪار ڪيا ۽ خوراڪ جمع ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي. جڏهن ته هو خود وڏن جانورن جو شڪار به ٿيا پئي. صرف چار لک سال اڳ ڪيترن ئي انساني نسلن وڏا جانور باقائدگيءَ سان شڪار ڪرڻ شروع ڪيا ۽ صرف هڪ لک سال اڳ موجوده انساني نسل جي ميدان ۾ اچڻ سان، ماڻهو خوراڪي تسلسل ۾ سڀني کان اڳيان ٿي بيٺو. يعني انسان لاءِ ٻين جانورن جو شڪار معمول بڻجي ويو، جڏهن ته انسان جو ٻين جانورن لاءِ کاڄ ٿيڻ معمول نه رهيو.
انسان جي خوراڪي تسلسل ۾ وچ ٿري جاءِ تان اڳڀري جاءِ تائين شاندار ٽپ جا نتيجا شديد هئا. ٻيا جانور جيئن شينهن ۽ شارڪ (شڪل نمبر 2) ان جاءِ تي ڏاڪي به ڏاڪي لکين سالن جي اوسر کانپوءِ پهتا هئا. ان دير جي ڪري ٻين جانورن کي به اسرڻ جو ڪافي وقت ملي ويو. نتيجي طور شينهن ۽ شارڪ تباهي مچائڻ کان باز رهيا. جيئن شينهن خونخوار ٿيڻ لڳا تيئن گزيل (شڪل نمبر 3) تيز ڀڄڻ لڳا. جيئن هائنا بهتر سهڪاري ٿيڻ لڳا، تيئن گينڊا وڌيڪ چڙچڙا ٿيڻ لڳا. ان جي ڀيٽ ۾ انسان خوراڪي تسلسل ۾ اڳڀري حيثيت ايتري تڪڙي حاصل ڪئي جو ٻين جانورن کي اسرڻ جو وقت ملي نه سگھيو. ٻيو ته ٺهيو پر، انسان کي پاڻ کي به پنهنجي نئين حيثيت لاءِ موزون ٿيڻ جو وقت ملي نه سگھيو. ٻيا شڪاري جانور تمام شاهاڻي مخلوق آهن. لکين سالن جي راڄ منجھن خود اعتمادي پيدا ڪئي آهي. انسان ان جي برعڪس پوءِ ڍاوا آهن. کين جھنگلي جانورن منجھ برتري ويجھي ماضيءَ ۾ ملي آهي. ان ڪري هو خوفزده آهن ۽ پنهنجي برتري برقرار رکڻ متعلق ڳڻتي رکن ٿا. جنهنڪري هو وڌيڪ ظالم ۽ خطرناڪ ٿي چڪا آهن. ڪيتريون ئي تاريخي آفتون، موتمار جنگيون ۽ ماحولياتي تباهڪاريون صرف انسان جي ان خوراڪي تسلسل منجھ اوچتي ٽپ جي ڪري ٿيون آهن.
***