بلاگخاصنئون

سٺي حڪمراني ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ئي امن امان قائم ڪري سگهجي ٿو

پهرين مئي تي ڪراچي جي وزيراعليٰ هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. هن وقت سنڌ اندر ڪچي کان وٺي ڪراچي جي شهر اندر هر گهٽيءَ ۾ روزانو جي بنياد تي موبائل فونن جي ڦر کان وٺي ماڻهن جو اغوا ٿيڻ، بينڪن جا ڌاڙا ۽ ماڻهن جو قتل عام لقاءُ بڻجي چڪو آهي.
سٺي ڳالهه اها آهي ته ميڊيا هائوسن جو ان مسئلي تي مستقل آواز اٿارڻ ۽ ان آواز جو اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين پهچڻ يقينن مسئلي کي حل ڪرڻ طرف هڪ بهترين قدم بڻجندو، صدر پاڪستان کي به ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي رهنما جي حيثيت سان هن ايڏي وڏي سنجيده مسئلي جو نوٽيس نه ورتو ته شايد هڪ ڀيرو وري امن امان جي نالي تي ٻيون قوتون سنڌ اندر پنهنجي والار ڪري سگهن ٿيون. ڇو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي هٿيارن جي سپلاءِ کان وٺي ڪراچيءَ ۾ امن امان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي هوندي به جيڪڏهن ڏوهاري قانون کي للڪاري رهيا آهن ته اها سراسر سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي ۽ صدر ان ڳالهه کي ۽ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي ڪراچي کي هڪدم سيف سٽي بنائڻ ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ قبائلي تڪرارن جي حل لاءِ اجلاس گهرايو آهي ته جيئن بهتر حل طرف وڃي سگهجي. اجلاس دوران هن ان ڳالهه جو به حڪم ڏنو ته امن امان ۾ ناڪام آفيسرن کي هٽايو وڃي، زمينن تي قبضا ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪراچي جي سيف سٽي منصوبي کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. صدر پاڪستان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ٿين ٿا ته ان جا سبب هوندا، پر ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو ڪو خاص سبب ناهي. گاڏيون ۽ موبائل فونون چوري ٿيڻ کانپوءِ ڪيڏانهن وڃن ٿيون پوليس کي خبر هجڻ گهرجي. هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻي اسپيشل آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ آپريشن جا نتيجا ڪڍيا وڃن ته جيئن شهرين جو پنهنجي حڪومت تي اعتماد بحال ٿئي. ڪچي جي صورتحال تي آءِ جي سنڌ بريفنگ ڏيندي چيو ته فيبروري 2023 کان وٺي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي 107 پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن، هني ٽريپ ذريعي 609 ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي. صدر پاڪستان کي بريفنگ ڏيندي اهو ٻڌايو ويو ته 104 مغوي بازياب ڪرايا ويا آهن ۽ باقي 19 ماڻهو رهيل آهن. صدر پاڪستان کي بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته پوليس چئن مهينن ۾ آپريشن دوران 63 ڌاڙيلن کي ماريو آهي، 120 زخمي ٿيا آهن ۽ 418 کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان دوران 17 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 27 زخمي ٿيا آهن. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اغوا جي وارداتن ۾ جيڪي به بااثر شخصيتون ملوث هجن انهن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي ته جيئن ٻين لاءِ مثال قائم ٿي سگهي. هن ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن کي اثرائتو بنائڻ لاءِ ناردرن باءِ پاس تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي. هن وڏي وزير کي چيو ته سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپن تي خاص ڪري رونتي کان گيمڙو ۽ گڊو کان ڳڙهي تيغو تائين ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن. صدر آصف علي زرداري وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته ڪچي وارن علائقن ۾ قبيلائي تڪرارن لاءِ معزز ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. صدر، گهرو وزير محسن نقوي کي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان وچ ۾ ٽطرفي اثراتي ڪوآرڊينيشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ صدر هڪ ٻئي اهم مسئلي ڏانهن به ڌيان ڇڪائيندي ان خلاف ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جي پکيڙ کي روڪيو وڃي ۽ ان خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ والدين ۽ شاگردن لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس آفيسرن کي ٽاسڪ ڏني وڃي ۽ صرف ان ٽاسڪ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ کين اتان تبديل ڪيو وڃي. سندن تبادلن کي سندن ڪارڪردگي سان مشروط ڪيو وڃي.
اميد آهي ته ان صدارتي اجلاس کانپوءِ سنڌ حڪومت پنهنجون اکيون کوليندي ۽ ان ڳالهه جو احساس ڪندي ته سنڌ ۾ بدامني ۽ خراب حڪمراني جا سبب ڪهڙا آهن ۽ ڏوهاري ڪيئن پلجي رهيا آهن. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي وزيراعليٰ سٺي حڪمراني ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺندو ۽ سنڌ جي بنيادي مسئلن کي حل ڪندو.