بلاگنئون

جيل مان لکيل خط

پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان پنهنجي سياسي سرگرمين ۽ انوکن بيانن سبب هميشه سرخين ۾ رهيو آهي، جن بيانن ۽ ڳالهين جو ڪو گهڻو وزن ۽ مقصد ناهي هوندو، پر پوءِ به چئي ويندو آهي، ان ڪري جو هي واحد حڪمران هو جيڪو پنهنجي ماضيءَ جي تقريرن جو ضد پيش ڪندو هو ۽ پنهنجي ڳالهين کي ويٺو رد ڪندو هو، جنهن جي وڏي ڊگهي تفصيل آهي، هاڻي به هي جيڪو ڪري ٿو سو هن جي ڳالهين ۽ تقريرن جو ضد آهي، جنهن ۾ هن جو ادارن سان ٽڪرائڻ، عسڪري ادارن سان ضد ۾ اچڻ ۽ سياسي پارٽين سان ويهي ڳالهائڻ ۾ عار محسوس ڪرڻ، ان ڪري ته ماضيءَ وانگي هاڻي به هي پي ڊي ايم 2.0 کي چور ٿو سمجهي ۽ چاهي ٿو ته مالڪن سان ڳالهايان، پر مالڪ ان ڳالھ ۾ راضي ناهن ته هن سان ويهي ڳالهائجي ان ڪري ته عوامي نمائندو يا ته ڪورٽن کي منهن ڏئي يا وقت جي حڪومت سان ويهي ڳالهائي ۽ چور دروازا نه ڳولهي ته جيئن ماضي ۾ ڪرسي وٺي سگهبي هئي هاڻي به اين آر او انهن کان ئي وٺجي.

تازو هن آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي اهم معاملن تي پنهنجا خدشا ۽ تجويزون پيش ڪيون آهن. عمران خان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به خط لکي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالتن تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن. ذريعن موجب هن خط ۾ عمران خان ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي پريشانين ۽ سياسي عدم استحڪام تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ انهن جي ممڪنه حل جي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون آهن. عمران خان جي انهن خطن جو مقصد ملڪ جي اهم ادارن جي سربراهن کي موجوده سياسي، بيروني ۽ معاشي حالتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن جي حل لاءِ پنهنجون صلاحون پيش ڪيون آهن. عمران خان جو هي خط به ملڪ جي سياسي ۽ قانوني حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي جنهن جا مختلف اثر ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي اميد آهي ته هي خط ادارن جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ جو آغاز ٿي سگهي ٿو يا خط ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي مسئلن جو حل ڳولهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي ۽ عوامي آگاهي ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، هن خط ذريعي عوام کي به اهم مسئلن بابت آگاهي ملي سگهي ٿي، جنهن سان عوامي راءِ تي اثر پئجي سگهي ٿو. تنقيد ۽ مخالفت جي پسمنظر ۾ ڪجھ حلقن هنن خطن تي تنقيد به ڪئي آهي، خاص طور تي هنن خطن کي سياسي مفادن سان جوڙيو ويو آهي، پر عمران خان جا آرمي چيف ۽ چيف جسٽس کي لکيل خط ملڪ جي موجوده سياسي، قانوني ۽ معاشي حالتن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. انهن خطن ذريعي مبصرن اهم مسئلن تي پنهنجا پنهنجا خدشا ۽ تجويزون پيش ڪيون آهن، جيڪي ملڪ جي مستقبل لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿيون. انهن خطن جا اثر وقت سان گڏ سامهون ايندا، پر اهو واضح آهي ته اهي ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ نئين بحث جو آغاز ڪري چڪا آهن.

عمران خان جي خطن لکڻ جي تاريخ پراڻي ۽ ڪجھ غير منطقي به آهي، ان ڪري ته جنهن سياسي مهم بازي واري طريقي سان هي سياسي لارا لپا ۽ زور ڏئي رهيو آهي اهي ڪنهن ڪم جا ناهن ۽ ساڀيان نه ٿيندا. هن کي شروع کان ئي اهي ڳالهيون ۽ رياست جا سياسي رويا ذهن ۾ رکڻ کپن ها ته هي ڇا ڪري ۽ موٽ ۾ رياست هن سان ڇا ڪندي؟ هن کي پنهنجا ماضيءَ جا رويا جنهن ۾ هن نون ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ٽي ايل پي کي به نه ڇڏيو هو ته موٽ ۾ هن سان به ائين ئي ٿيڻو هو ۽ هاڻي ته هن سان ٿي به ويو، جو هن جي پارٽي به ذريون ذريون ٿي وئي ۽ جنهن اعليٰ قيادت جي مٿان آرمي آشيرواد هئا، جيڪي هن جي مڪمل ٽيم هئا، سي به هاڻي ڳولهيا نٿا لڀن. هن کان اڳ عمران خان پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوبائيڊن کي به خط لکي پنهنجي خلاف ٿيندڙ ناانصافين جو ذڪر ڪري چڪو آهي. انهن خطن ۾ هن پنهنجي حڪومت جي خاتمي ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن تي روشني وڌي هئي. هن جو موقف هو ته سندس حڪومت کي غير منصفانه طريقي سان هٽايو ويو آهي ۽ ان ۾ ٻاهرين ملڪن جي مداخلت جو عنصر شامل هو. هن ان خط ۾ آمريڪا کي پنهنجي خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ ناانصافين بابت آگاهي ڏني هئي ۽ عالمي برادري کان ان تي ڌيان ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن خط ۾ هن پاڪستان جي خود مختياري ۽ جمهوري عمل جي اهميت تي زور ڏيندي چيو هو ته ڪنهن به ٻاهرين ملڪ کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو حق ناهي. هن خط جو مقصد عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي پيش ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سياسي صورتحال بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو.

هاڻي وري عمران خان حاضر سروس آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ڇهن نقطن تي ٻڌل خط لکيو آهي. هن خط ۾ هن پراڻين ڳالهين ۽ معاملن تي هروڀرو زور ڏنو آهي، جنهن جي ڳالهائڻ جو هن جي پارٽيءَ کي ڪو وڏو فائدو يا رياست کي ڪو نقصان ناهي ٿيڻو ۽ نه ئي هن جي خط سان ڪو رياست جا ٿنڀا لڏي ويندا، پر هن شخص جي دل ۾ هڪ سياسي باھ ۽ بدلو ضرور آهي، جيڪو هن جي من ۾ پيو ٿو ٻَري، جيڪو جهڪو ناهي ٿيڻو. هن پهرين به آمريڪا ۽ انساني حقن جي تنظيمن تائين پنهنجون ڳالهيون پهچايون هيون، پر ڪو نتيجو نه نڪتو، هاڻي به هن جي ان طرح بي وقتائتي ڳالهائڻ مان ڪو فائدو ناهي ٿيڻو. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هي جيل جي آپشن کي لت هڻي ٻاهرين ملڪن ۾ پناھ وٺڻ تي غور ڪري ها، جنهن ۾ هن جو، هن جي يوٿيا ڪارڪنن جو ۽ هن جي نئين پاڪستان جو فائدو هو. ان ۾ اهو به هو ته هن جي مٿان 9 مئي جهڙا واقعا صادر نه ٿين ها. هن جي مٿان القادر يونيورسٽي کان وٺي جيڪي به مني لانڊرنگ، فارين فنڊنگ، توشا خانا، عدت کان اڳ نڪاح وارا ڪيس، گوگي جا ڪيس، جهانگير خان ترين جون ڦشريون جنهن ۾ ڪڻڪ، گيھ، کنڊ ۽ مني لانڊرنگ وغيره وغيره جهڙا ڪيس ٽَري وڃن ها، پر انا ۽ هٺ واري سياست هن رياست ۾ ڪم جي ناهي، جيڪا شيءِ هن شخص کي سوچڻ گهرجي ها ته هن جي سياست ملڪان ملڪ ناموس ۽ بيعزتي جو باعث ٿي بڻجي ۽ حاصل ڪجھ ٿيڻو به ناهي، جنهن ۾ رڳو جذباتي سياست ڪري، ماڻهن سان روڊ ڀري ڪجھ حاصل نٿو ٿي سگهي، جنهن کان گريز ڪرڻ گهرجي. هن خط ۾ هن ان ڳالھ تي به به زور ڏنو آهي ته هن کي فراڊيولنٽ اليڪشن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪيئن 45 ۽ 47 فارم نئين اليڪشن انجنيئرنگ جا سامان جوڙي آيا ۽ خلق کي جنهن ڳالھ نه جنِ نه ڪنِ هئي يا جنهن ڳالھ جي کڙڪ به نه هئن سا ٿي پئي، جيڪي هارائڻا هئا اهي کٽي ويا ۽ جيڪي کٽڻا هئا اهي هارائي ويا. ان ڪري اليڪشن جي اهڙي انجنيئرنگ جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي ۽ انصاف وارا ويهي انصاف ڪن، ان ڪري جو ادارتي ڪرپشن هن ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. حيرت اها به آهي ته جيڪي مني لانڊرنگ ڪرڻ وارا آهن، انهن کي هٿ وٺي کٽرايو ويو آهي، جنهن جي کٽرائڻ بابت هن جي پارٽي کي خدشا آهن، جنهن مُدي تي رياست زور ڏئي ۽ ان ڳالھ جي خاطري ڪرائي ته جيڪي پي ڊي ايم 2.0 ٽيم جا ٻه ٻه دفعا اين آر او وٺي هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا آهن، سي انصاف جي ڪٽهڙي تائين اچن. هن جي خط ۾ 26 هين آئيني ترميم سان هٿ چراند جو ذڪر به شامل آهي، هن خط ۾ قانون جي حڪمراني جي نيلامي جون ڳالهيون به ٿيل آهن ۽ عدليا جي آزادي تي اثرن جهڙو تفصيل به هن خط ۾ ڏنل آهن.

هن خط ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته هن ڪيس ۾ جن (ملڪ رياض) مني لانڊرنگ ڪئي، اهي آجا لڳا پيا آهن، پر جن نيڪ نيتي سان القادر يونيورسٽي لاءِ ڪم ڪيو، اهي جيل اندر واڙيا ويا آهن. هن خط جي ٻين ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ خلاف دهشتگردي جي ڪيسن جي ڳالھ به آهي، جن ۾ ڇاپن ۽ گوليون هلائڻ جا واقعا ۽ 9 مئي جا واقعن ۾ عدالتي منافري ۽ ٻٽاڻ جهڙا بحث به شامل آهن. هن خط ۾ انٽيليجنس ادارن جي ڪم بابت سوال واکاڻ به ڪئي وئي آهي ۽ هن خط ذريعي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته هن جي پارٽي ۽ هن جي اعليٰ قيادت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج سان يڪجهتي جو اظهار به ڪن ٿا. ان کان علاوه عمران خان خلاف سوشل ميڊيا تي ڪريڪ ڊائون هلايو ويو آهي، جنهن ۾ هن جا ڪيبورڊ واريئر ٻَڌا وڃن ٿا، جن سان انصاف ڪيو وڃي. هن خط ۾ صحافين کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي خراب حالت بابت به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي. هن خط ۾ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي، انٽرنيٽ سروسز جي بندش ۽ پاليسين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي، پر سيڪيورٽي ذريعن موجب هي خط اڃان تائين آرمي چيف کي موصول ناهي ٿيو.