پروفائل فقيرا ڀڳت چولستان

(1960ع کان 1999-5-11)

سومجي ڌاراڻي

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

رُئان رهن نه سُپرين، آيل ڪريان ڪيئن؟

مون کي چاڙهي چِيئن، وِيو وڻِجارو اوهرِي!-(شاهه).

حضرت خواجه فريد جي ڪافين ڳائڻ وارن چولستاني لوڪ فنڪارن ۾، فقيرا ڀڳت جو هڪ معتبر نالو آهي. فقيرا ڀڳت سال 1960ع ۾ سرورام، ذات ڪٽاريه ڳوٺ چڪ 187-R فيروزه، تعلقو لياقت پور ضلعو رحيم يار خان ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو رانجڻ مائي، ڌيءَ جما رام ذات ديار، ڳوٺ ديراور تعلقو نرمان ضلعو بهاولپور جي هئي. سندس پتا سدو رام اُٺ پالڻ ۽ گهمائڻ جو شوقين هو. سندس بزرگ جاني رام هو، بموجب روايت، اُهي حضرت خواجه غلام فريد جي حاضريءَ ۾ حاضر ٿيا. خواجه صاحب چيو ته جاني رام! جو گهرڻو هُجي اُهو گهر! انهن چيو سائين بس، اوهان جي نظر ڪرم جي ضرورت آهي. ڀڳوان جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. خواجه صاحب چيو ته وڃ جاني رام! تنهنجي ستن پيڙهين کي عزت ۽ شهرت ملندي ۽ تنهنجي اولاد ۾ هڪ اهڙو ٻار پيدا ٿيندو، جو منهنجا ڪلام ڳائي دنيا ۾ شهرت ماڻيندو. خواجه صاحب جي دعا جي بدلي ئي هي شهرت ۽ عزت فقيرا ڀڳت کي حاصل ٿي. فقيرا ڀڳت ڳائڻ جي سکيا استاد آڏو ڀڳت کان ورتي. هو سندس گرو آهي، آڏو ڀڳت اڃا حيات آهي.

فقيرا ڀڳت سال 1986ع ۾ پهرين دفعي ريڊيو پاڪستان بهاولپور تان پنهنجي فن جو سفر باقاعدي شروع ڪيو. پي. ٽي. وي لاهور جي پروڊيوسر شيرين پاشا پنهنجي ڊرامي “ايک هي راسته” جي لاءِ هن جو آواز رڪارڊ ڪيو. انهيءَ ڊرامي کي فقيرا ڀڳت جي پيش ڪيل ۽ مشهور لوريءَ جي ڪري، انٽرنيشنل بالي ووڊ ايوارڊ مليا. سال 1994ع ۾ سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن ڀٽ شاهه ۾ گهرايو، جتي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه فقيرا ڀڳت کي خاص فرمائش ڪئي ته هُو ڪنور ڀڳت جي ڳايل لوري (لولي) ٻڌائي ڀرپور داد ماڻيو.

1994ع ۾ محترمه لنڊن ۾ لوڪ موسيقيءَ جي حوالي سان هڪ وفد لنڊن موڪليو. جنهن ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ چولستان کان فقيرا ڀڳت به پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. 1995ع ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد جي طرفان ٻيهر لنڊن ويو ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جتي هُن کي “فوڪ ميوزڪ ايوارڊ” سان نوازيو ويو ۽ حڪومت پاڪستان “نيشنل ڪلچر ايوارڊ” ڏنو. الحمرا آرٽ ڪائونسل لاهور ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ به هُن پنهنجي فن جو جادو جاڳايو.

سن 1997ع ۾ جرمنيءَ کان هڪ وفد فقيرا ڀڳت جي گهر روحي آيو. اتي هن جي فن کان متاثر ٿي فقيرا ڀڳت کي جرمني اچڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ هو 1997ع ۾ جرمني ويو، جتي پنهنجي مٺڙي آواز سان هن جرمن قوم کي موهي وڌو، انهيءَ حوالي سان جرمنيءَ ۾ شايع ٿيندڙ Pakistan Soul Music ۾ ناصر خان، فقيرا ڀڳت جي فني خدمات کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ ان جي ٽائيٽل تي پڻ فقيرا ڀڳت جي تصور شايع ڪئي وئي.

پاڻ شادي سال 1978ع ۾ شريمتي مِٺو مائي ڌيءَ جيسا رام ذات ليلڙ ڳوٺ ديراور تعلقو يزمان ضلعو بهاولپور سان ڪئي، جنهن مان کيس 4 پٽ آهن. (1) موهن ڀڳت، جيڪو هڪ ريڊيو ۽ ٽي. وي ڪلاڪار آهي. (2) شنڪر لال، جيڪو ريڊيو پاڪستان بهاولپور ۾ نائب قاصد آهي. (3) ڀڳوان داس، جيڪو ڍولڪ نواز آهي ۽ (4) هريرام، جيڪو گهريلو ڪم ڪار ڪندو آهي.

پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل هو. سنڌي، سرائيڪي، هندي ۽ مارواڙي ٻوليون ڳالهائي سگهندو هو. سندس لباس چولستاني چادر ۽ قميض هئي.

فقيرا ڀڳت لنڊن ۽ جرمنيءَ کانسواءِ هندوستان ويو، جتي هُن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ آواز جي جادو ۽ مٺاس جي ڪري کيس تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.

جيڪي ماڻهو فقيرا ڀڳت سان گڏ هندوستان ويا هئا، انهن کي شڪ ٿيو ته هي جا کيس هيتري ساري پذيرائي ۽ عزت ملي آهي، تنهنڪري هيءُ شخص شايد واپس پاڪستان نه وڃي. اها ڳالهه جڏهن ڀڳت فقيرا ٻڌي ته هن واضح ڪيو ته اها ڳالهه درست آهي ته مون کي هتي ڪافي عزت ۽ پيار مليو آهي، پر آئون خواجه فريد سائينءَ جي ڌرتي ڇڏڻ جو سوچي به نٿو سگهان ۽ آئون اُتي ئي ويندس ۽ انهيءَ مٽيءَ ۾ سمائجي ويندس.

فقيرا ڀڳت خواجه فريد صاحب، بلي شاهه، ڀٽائي صاحب، سچل سرمست ۽ بخت فقير جون ڪافيون ڳائي چولستان جي ڌرتيءَ جو مانُ ۽ شانُ وڌايو.

فقيرا ڀڳ تاريخ 11 مئي 1999ع تي ڪاري سائي ٿيڻ ڪري، وڪٽوريا اسپتال بهاولپور داخل ڪرايو ويو، پر هو زندگيءَ جي بازي هارائي ويو ۽ سندس آتما وڃي پرماتما سان ملي. پويان هڪ بيواهه ۽ چار پٽ ڇڏي ويو. فقيرا ڀڳت جي خدمتن جي عيوض ڪوٽ مٺن شريف ۾، خواجه فريد لائبريريءَ ۾ فقيرا ڀڳت لاءِ ڪجهه جڳهه وقف ڪئي وئي آهي، جتي انهيءَ جي استعمال ۾ آيل شيون ۽ يڪتارو رکيو ويو آهي. لنڊن ۾ فريديات ۾ ڪم ڪندڙ، ڊاڪٽر شائڪل به سرائيڪي لوڪ موسيقيءَ جي حوالي سان پٺاڻو خان ۽ فقيرا ڀڳت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ روحيءَ جي پسمنظر ۾، جنهن سيد عارف معين، پنهنجي تحرير سان پلي ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فقيرا ڀڳت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ سرائيڪي خطي جي شاعرن پڻ فقيرا ڀڳت تي نظم لکيا آهن، جن ۾ عاشق بزدار، احمد خان طارق، اقبال سوڪڙي، سيد اختر سيال، ظفر رانجهورو، هيرا ۽ ڪيول داس شامل آهن.

فقيرا ڀڳت جي پٽ موهن ڀڳت جو ذڪر نه ڪجي ته اها وڏي نا انصافي چئبي. هاڻي اهي گيت فقيرا ڀڳت جي بجاءِ، موهن ڀڳت ڳائي رهيو آهي. اهو ايئن لڳي رهيو آهي، ڄڻ موهن ڀڳت جي وجود ۾ فقيرا ڀڳت جو روح حُلوُل ڪري ويو آهي. اها ئي لئه، اهي سُر، اهو ئي انداز، اهو ئي يڪتارو ۽ چپڙي، جسم تي گيڙو رنگ جو لباس ۽ پڳڙي ڏسي چولستان جي پوري ثقافت ذهن ۾ گهمي اچي ٿي.

موهن ڀڳت پنهنجي پتا ڀڳت فقيرا جي ياد ۾ پنهنجي چاچي، پاڻ ۽ ڪجهه تنظيمن جي تعاون سان هر سال پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾، ورسيءَ جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪرائيندو آهي، جنهن ۾ تقريرون، مقالا ۽ شاعريءَ جي علاوه فقيرا ڀڳت جي گائڪيءَ جي مخصوص رنگ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪافي ڳائي ويندي آهي. جتي پري پري کان ڀڳت جا دوست ۽ هر مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو ايندا آهن. ضلعي رحيم يار کانسواءِ ملتان ڊويزن ۽ سنڌ مان به ڪيترائي ماڻهو شرڪت ڪندا آهن.

پر افسوس جو هيڏن وڏن فنڪارن جي عمر ٿوري هوندي آهي پر سندس وڇوڙي پوري روحي علائقي چولستان کي سُنسان ڪري ڇڏيو ۽ اهڙا چولستان ۽ روحيءَ ۾ خواجه فريد جون ڪافيون ڳائيندڙ صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا.

روحي وٺڙي ٽوڀا تاروي،

آ مل تون سينگار يار ري.

مڃتا طور سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ صدارتي ايوارڊ 23 مارچ 2011ع تي، سندس ڌرم پتني مائي مٺو وصول ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *