نواز شريف ۽ شاهد خاقان بغاوت ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش
اڳوڻا وزيراعظمَ نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ صحافي سرل الميڊا تي بغاوت جو مقدمو درج ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي. هن ٻڌڻي ۾ نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي پيش ٿيا آهن. هن ڪيس جي اڳوڻين ٻڌڻين ۾ شاهد خاقان عباسي ٻه دفعا ۽ نواز شريف هڪ دفعو پيش ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي عدالت اندر سيڪيورٽي جو سخت انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ن ليگ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي وڏي تعداد عدالت جي اندر ۽ ٻاهر موجود آهي. جيڪي حڪومت خلاف نعري بازي ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته هي ڪيس هڪ شهري آمنه ملڪ پاران جمع ڪرايل درخواست تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن جو موقف آهي ته ممبئي حملن بابت نواز شريف متنازع انٽرويو ڏئي ملڪ ۽ قوم سان غداري ڪئي آهي ۽ ملڪ جي سالميت کي نقصان پهچايو آهي. واضح رهي ته هن سال جي شروع ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سرحد پار وڃي 150 ماڻهن کي ماري ڇڏڻ قابل قبول نه آهي ۽ عسڪري تنظيمون اڃان تائين متحرڪ آهن جن کي غير رياستي عنصر چيو وڃي ٿو.انهن کي اهڙي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن انٽرويوءَ خلاف، فوج پاران سخت رد عمل ڏنو ويو هو ۽ چيو ويوهو ته اهو انٽرويو گهمراهه ڪندڙ آهي.

