اسان جي ڪهڪشان کان ٻاهران 9 سيارا دريافت
ماهرن پاران 3.8 ارب نوري سال جي فاصلي تي اسان جي ڪهڪشان کان ٻاهر گريوي ٽيشنل مائيڪرو لينسنگ ذريعي نوان سيارا دريافت ڪيا آهن سائنسدانن هن نظام هيٺ 6 نوان سيارا ڳولهيا آهن جن کي TRAPPIST-1 (The Transiting Planets and Planetesimals Small Telescope ) جو نالو ڏنو ويو آهي. جڏهن ويجهو جي بليڪ هول يا ڪهڪشان جي ثقل زمان و مڪان ۾ موڙ پيدا ڪندي آهي ته پري جا سيارا قريب نظر اچڻ لڳندا آهن. ان عمل کي گريوي ٽيشنل لينسنگ چيو ويندو آهي. جيڪڏهن ان عمل کان بغير پري جي جسمن کي تلاش ڪيو وڃي ته اهو عمل انتهائي ڏکيو ۽ وقت لڳائيندڙ ثابت ٿيندو آهي. هن طريقي سان اڄ تائين ڪيترائي نوان سيارا دريافت ٿي چڪا آهن. هن عمل لاءِ سائنسدانن چندرا ايڪسري دوربين سان ڊيٽا حاصل ڪيو آهي. هن ڊيٽا جو سپر ڪمپيوٽر ذريعي تجزيو ڪيو ويو ته تقريبن 2000 جسم سامهون آيا. جنهن بعد ماهرن انهن سڀني جسمن ۾ ڪميت معلوم ڪئي. انهن مان ڪجهه جسم اسان جي چند جهڙا هئا ڪجهه نظام شمسي جي وڏي سياري مشتري جيڏا نڪتا. ماهرن تصديق ڪندي چيو ته اهي تمام سيارا آهن. هن طرح پهريون دفعو اسان جي مِلڪي وي ٻاهران به سيارا ڳولهيا ويا آهن.
نوٽ: نوري سال مطلب اهو فاصلو جيڪو روشني هڪ سال ۾ پورو ڪندي آهي، هڪ نوري سال ۾ 9.461e+12 ڪلو ميٽر جو فاصلو هوندو آهي.

