نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گهٽتائي سڄي دنيا جون اسٽاڪ مارڪيٽون متاثر
نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڊائو جانس انڊسٽريل ايوريج انڊيڪس ۾ اوچتي تاريخي گهٽتائي اچي وئي. ڊائو جانس انڊسٽريل ايڪسچينج ايوريج 5 فيبروري کان گهٽتائي جو شڪار رهيو ۽ ڏينهن جي اختتام تي 4.6 سيڪڙو جي گهٽتائي بعد 34365.75 يونٽس بعد بند ٿيو. ماهرن پاران چيو ويو آهي ته نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ايڏي وڏي گهٽتائي آگسٽ 2001 کانپوءِ ڏسڻ ۾ آئي. هن گهٽائي جو اثر سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن تي به پيو آهي. جنهن ۾ جاپاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾6.1 سيڪڙو انڊيڪس جي گهٽتائي ڏٺي وئي. هانگ ڪانگ جي اسٽاڪ مارڪيٽ 4.9 سيڪڙو جي گهٽتائي سان بعد ٿي گڏ ڪوريا جي اسٽاڪ مارڪيٽ 2.9 سيڪڙو جي گهٽتائي سان بعد ٿي. آسٽريليا جي اسٽاڪ مارڪيٽ 3.3 سيڪڙو جي گهٽتائي سان بعد ٿي ۽ چين جي اسٽاڪ مارڪيٽ 2.9 سيڪڙو سان جي گهٽتائي سان بند ٿي. جڏهن ته دنيا جي سڀني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گهٽائي هجڻ باوجود به پاڪستان جي ڪي ايس اي انڊيڪس نارمل هئي ۽ اڄ ڏينهن جي اختتام تائين ان ۾ تيزي اچي ويندي.

