اهو سوال نهايت اهميت جوڳو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته ان جا ڪيترائي سبب پڻ آهن، جن منجهان سڀ کان پهريون ۽ بنيادي سبب اسان جي معاشري جي بنيادي تعليمي نظام ۽ نصاب ۾ خامي آهي. پهرين اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي سبقن کي رٽڻ واري ڪلچر کي هٿي ڏني وڃي ٿي، ڪوبه ٻار ڪتاب ۾ لکيل مضمون يا مواد کي اکر به اکر ياد ڪري امتحاني پرچي يا سليٽ تي لکندو، ان کي وڌيڪ مارڪون ڏنيون وينديون. اهو نظام استادن، ڪتابن ۽ اٿارٽي جي فرمانبرداري واري مسئلي کان اچي ٿو ته جيڪو ڪتاب ۾ لکيل آهي يا استاد چيو آهي يا نظام سيکاريو آهي اهوئي دنيا جو پهريون يا آخري سچ آهي. ان ڪري ان کان ٿورو به هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ تي جيڪا سزا ملندي اها گهٽ نمبرن جي صورت ۾ هوندي.
ٻيو مسئلو اهو آهي ته نصابي ڪتابن ۾ دنياوي علمن جو غير معياري ۽ جديد گهرجن سان ٺهڪندڙ نه هئڻ، ان حوالي سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان جا نصابي ڪتاب جديد دنيا جي درسي ڪتابن ۽ ٻارڙن کي ڪو سائنسي نظريو يا ڪو ٻيو معاشرتي علم جو سبق ڏيڻ ۾ ناڪام آهن. هتي ڏوھ محض درسي ڪتابن جو ناهي، بلڪه استاد پاڻ ان بوگس تعليمي نظام جي پيداوار آهن. اهي به عام طور تي بنا تربيت جي ٻارڙن کي پڙهائين ٿا. هتي مان نالائق استادن جي ڳالھ ڪري رهيو آهيان، يقينن ان ۾ سٺا ۽ بهتر استاد به موجود آهن، مگر اهي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. استادن جي مڪمل ۽ بهتر تربيت نه هئڻ هتي هڪ عام مسئلو آهي. جيڪڏهن اهي پاڻ ڪنهن بنيادي يا سائنسي تصور يا جديد علمن کي نٿا سمجهن ته اهي سڀ ٻارڙن کي ڪيئن پڙهائي سگهن ٿا؟ جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار امتحانن ۾ پاس ٿيندو ٿيندو اڳتي يونيورسٽي تائين پهچي وڃي ٿو. ان جا بنيادي تصور ئي غلط هوندا آهن. جڏهن عمارت جو بنياد ئي ڪمزور هجي ته عمارت ڪيئن بيهندي؟
هاڻي اچون ٿا ٽئين بنيادي مسئلي تي، اهو آهي نقل جو ڪلچر، ڇو ته امتحان سبق رٽڻ واري سسٽم تي قائم آهي، ان ڪري نقل ڪري امتحان پاس ڪرڻ نهايت آسان آهي۔ جيڪڌهن امتحان علم کي جاچڻ ۽ جيڪو پڙهيو آهي ان کي استعمال ڪرڻ يا ڪنهن مسئلي جو حل ڳولهڻ جهڙن بنيادن تي هجي ته نقل ڪرڻ مشڪل ٿيندي آهي۔ نقل جي ڪلچر کي تيستائين ختم نٿو ڪري سگهجي، جيستائين امتحانن جو طريقيڪار تبديل نٿو ڪيو وڃي.
چوٿون جيڪو اهم مسئلو آهي اهو آهي انتظامي مسئلو، اسڪول جو نظم و ضبط، ٻارڙن جي اسڪول ۾ بهتر تعليم، تربيت ۽ سارسنڀال جي لاءِ نه ئي ڪو باقاعدي معيار موجود آهي ۽ نه ئي ڪي چٽا ضابطا ۽ اڳواڻي وارا اصول. ان حوالي سان حڪومتي ۽ خانگي اسڪولن ۾ انتظامي مسئلن جي گهڻائي نظر اچي ٿي. پبلڪ اسڪولن ۾ فنڊن ۽ استادن جي کوٽ، خانگي اسڪولن ۾ مهانگي في ۽ ان ۾ مسلسل واڌ، رشوت وغيره وغيره۔ اسڪولن جي بهتر سيڪيورٽي نه هئڻ هڪ الڳ مسئلو آهي. ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن، جن ۾ خانگي اسڪولن ۾ استادن جون گهٽ پگهارون، استادن جو اسڪول کانسواءِ پنهنجن ٽيوشن سينٽرن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شامل آهن.
ٻيو هڪ اهم مسئلو آهي والدين جي غير سنجيدگي، ٻارن کي اها تربيت ڏني ويندي آهي ته دنياوي تعليم محض پسئا ڪمائڻ لاءِ آهي ٻيو ڪو مقصد ناهي. جنهن ۾ تعليم جو اصل مقصد پٺيان رهجي وڃي ٿو. ڇو ته تعليم انسان کي هڪ بهتر انسان بنائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿئي ٿي. سڄي دنيا ۾ سائنس ۾ نيون ايجادون ۽ دريافتون ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو علم جي جستجو ۾ جيئن ٿا تڏهن ئي نئون علم حاصل ٿئي ٿو. اهي ماڻهو محض پسئا ڪمائڻ جي لاءِ ناهن جيئندا، تحقيق سان ڪيترائي سال لاڳاپيل رهندي اڳتي وڌن ٿا ۽ انسانيت کي فيض پهچائين ٿا. اسان جي تعليمي نظام ۾ اڻبرابري وارو تعليمي نظام هڪ بنيادي مسئلو بڻجي چڪو آهي. جنهن ۾ مختلف بورڊ، مختلف نصاب، سرڪاري ۽ خانگي اسڪول جن جون فيون ڌار ڌار آهن، ان ڪري اسان جي نظام ۾ اهو ٻار پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ ننڍ وڏائي وارو تصور به گڏوگڏ پيدا ٿي وڌي ويجهي ٿو. جيڪو ترقي يافته ملڪن ۾ نظر نٿو اچي. اتي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو هنر سکڻو آهي ته ان جي لاءِ به بنيادي تعليم سڀني جي ساڳي آهي.
هن وقت اسان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به نصاب ۾ نوان تعليمي نظريا اڃان تائين شامل ناهن ڪيا ويا، جنهن جي ڪري اهي شاگرد جيڪي انهن نون نظرين کي پڙهڻ چاهين ٿا يا ان سان لاڳاپيل اڳتي هلي ڪا ريسرچ ڪرڻ چاهين ٿا ته کين اها معلومات حاصل نه ٿي رهي آهي. ڇو ته اسان جو نصاب پراڻن سائنسي نظرين ۽ فڪرن تي ٻڌل آهي.
ڪاليجن ۾ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر سائنس جي پروگرامن ۾ سائنس جي بنياد کي بهتر نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ليبارٽريون ئي موجود ڪونه آهن ۽ جيڪڏهن ليبارٽريون موجود آهن ته اتي سائنسي تجربا ڪرڻ لاءِ پورو سامان موجود ڪونهي. جنهن جي ڪري شاگرد عملي طور تي سائنسي تجربا ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي هو ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت نٿو ٿي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي تعليمي نظام کي هڪ ڀيرو ٻيهر جاچي سائنس جي حاضر ضرورتن مطابق ٽيڪنالاجي ۾ ايندڙ تبديلين ۽ مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ ضرورتن مطابق جوڙيون ته جيئن اسان جي تعليمي ادارن مان اهي ذهن تيار ٿي نڪري سگهن جن جي کپت ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ٿي سگهي.