بلاگنئون

سياسي فڪر جي تاريخ

شروعات:

سياست جو لفظ انگريزيءَ جيPolitics  جو ترجمو آهي ۽Politics  يونان جي ٻوليءَ ۾ پولس(Polis)  معنيٰ شهري رياست مان کنيو ويو آهي. ان ڪري سياست شهري رياست کان وڌي قومي رياست ۽ ملڪن جي عالمي تعلقاتن سان واسطو رکي ٿي. سٺي سياست سماج ۾ شهرين لاءِ امن، انصاف، جان مال جي حفاظت، سماجي ۽ معاشي برابري، انساني حقن جي حفاظت ۽ خوشحالي آڻيندي آهي. جيئن اسان ترقي ڪيل ملڪن فنلينڊ ۽ جاپان کي ڏسون.

سياست جي وصف ۽ دائرو:

ارسطو مطابق شهري رياست جي حڪومت ڪاري کي سياست چيو ويندو آهي. جرمن سماجي ماهر ميڪس ويبر مطابق سياست طاقت حاصل ڪرڻ جو طريقو آهي، جيڪو رياست يا سياسي تنظيمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. سياست جو دائرو يا اسڪوپ وقت سان گڏ وڌندو رهي ٿو. اوائلي دور ۾ قانون، انصاف ۽ برابري پوءِ وڌي سماجي معاهدو، جمهوريت ۽ انساني حق کان وٺي عالمگيريت، موسمي تبديلي ۽ قومي سلامتيءَ تائين تاريخي سفر ڪيو آهي. سياست جو هي دائرو وقت سان گڏ اڃان به وڌندو رهندو. ايئن چئجي ته رياست جي اندر جيڪڏهن ڪو هڪ ڪوڪو به ڪِري ٿو ته اهو به سياست جي دائري ۾ اچي ويندو.

اوائلي دور:

سياسي فڪر جو جنم دجلا ۽ فرات جي تهذيب ۾ ٿيو. (1750 ق-م)، ۾ بابل جو بادشاھ همورابي جو 282 قانونن تي ٻڌل ڪُوڊَ هڪ پٿر تي اُڪرائي شهر جي چوراهي تي لڳرايو ته جيئن شهري ان کي پڙهي پنهنجي ملڪ ۾ سڪون ۽ ڀائيچاري سان رهي سگهن. انهيءَ کي ڪوڊ آف حمورابي به چئجي ٿو. هي قانوني نقطا “اک جي بدلي اک”(Eye for an eye)  جي اصول تي ٻڌل هئا.

اڳتي هلي حضرت مُوسى (1300-1400 ق. م) جي دوران 10 نقطن تي ٻڌل حڪم نامه پنهنجي يهودي قوم لاءِ پڌرا ڪيا؛ انهن حڪمن مان چار مذهب سان تعلق رکن ٿا، پر 6 نمبر کان وٺي 10 تائين ماڻهوءَ جي ڪردار کي بهتر بنائڻ لاءِ آهن، جن ۾ لکيل آهي ته توهان چوري نه ڪيو، ٻين ماڻهن جي زمين، عورت ۽ مال ملڪيت يا خوشحالي تي نظر نه رکو، ڪوڙ نه ڳالهايو، سچائي، انصاف، ديانتداري ۽ ايمانداري وغيره لاءِ تاڪيد ڪيل آهي.

سياست باقائدي يونان جي اٿينس شهر ۾ شروع ٿي جيڪا سُقراط (470-399 ق. م) ۾ فلاسافي جي ذريعي غلط ۽ صحيح، خراب ۽ سٺي جي فلاسافي تي بحث سان شروع ٿي. سُقراط جي دور ۾ بحث جا موضوع هئا ته؛ انصاف ڇا آهي، سٺي زندگي ڪهڙي آهي ۽ اها ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي وغيره. سُقراط لاءِ ليکڪ چون ٿا ته ان فلاسافي کي آسمان تان کڻي زمين تي آندو. جنهن جو مطلب آهي ته هِن زميني حقيقتن کي اهميت ڏني. ان کان اڳ گهڻي قدر فلاسافر ڪائنات جا راز ڳولهڻ ۾ مصروف هئا. سُقراط جو شاگرد افلاطون 428-348 ق. م هنن سوالن تي پنهنجي ڪتاب “رعيتي راڄ” ۾ گفتگوءَ جي طرز تي بحث ڪيو. جنهن ۾ هن سوالن سان گڏ هي وڌيڪ سوال به اُٿاريا ته ماڻهو ڪيئن خوش رهي، ڪهڙي حڪومت ۾ اُهو خوش رهي سگهي ٿو ۽ حڪمراني لاءِ ڪهڙو نظام بهتر ٿي سگهي ٿو.

افلاطون ٽي اهم ڪتاب لکيا جنهن ۾ “رعيتي راڄ”، “سياسي مدبر” Statesman ۽ “قانون” اچي وڃن ٿا. هن جو نظريو هو ته قانون ذريعي بادشاھ حڪومت ڪري ۽ هن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته جنهن ۾ بهادري هجي، انصاف هجي ۽ دولت کان پري رهڻ جهڙا گڻ شامل هجن.

افلاطون يونان جي شهر ايٿينس ۾ اڪيڊمي ٺاهي جنهن جي دروازي تي اهو لکرائي ڇڏيائين ته “جيڪو جاميٽري نٿو ڄاڻي ته اهو هن اڪيڊمي ۾ داخل نه ٿئي”. اڪيڊمي ۾ هڪ شاگرد داخل ٿيو. هي اهو ئي ارسطو آهي جيڪو اڳتي هلي سڪندر اعظم جو استاد ٿيو. هن سياسي بحث کي وڌائي ٽي ڪتاب، جنهن ۾ “سياست(Politics) “، “نيڪوميخين جي اخلاقيات” (The Nicomachean Ethics) ۽ “اٿينس جو دستور”(The Constitution of Athens) لکيا. عام طور ارسطوءَ کي سياست جو اَبو ڪري ليکيو ويندو آهي، پر هن شهرين جي برابريءَ جو نظريو ڏنو، پر ان ۾ هن عورتن، غلامن ۽ اٿينس جي غير مقامي شهرين کي حق نه ڏنا. ارسطوءَ جي دور ۾ يونان ۾ 200 رياستون هيون ۽ هن 158 جي سياسي نظام جو اڀياس ڪيو.

ارسطوءَ مطابق “انسان هڪ سياسي جانور آهي”، هن چيو ته انسان اڪيلي زندگي نٿو گذاري سگهي. ان لاءِ هو ٻين سان گڏجي سياسي سماج ٺاهي ٿو. ارسطوءَ جي مطابق رياست جو بنيادي مقصد شهرين جي خوشحالي ۽ خوشيءَ کي يقيني بڻائڻو هو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته حڪومتي نظام کي هلائڻ لاءِ ٽي طريقا آهن؛ هڪ بادشاهي، شاهوڪارن جي حڪومت ۽ ٽيون جمهوري سرشتو، پر هو چاهي ٿو ته قانون جي ذريعي حڪومت هلائجي. ارسطو جي مطابق، سٺو شهري اهو آهي جيڪو رياست جي سرگرمين ۾ حصو وٺي، قانون جي عزت ڪري ۽ رياست جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هندستان ۾ چاڻڪيه (375-283 ق. م)، هڪ سياسي فلاسافر يا ليکڪ ڪتاب “ارٿ شاستر” ۾ لکي بادشاهت کي مضبوط ڪرڻ جو نظريو ڏنو جنهن کي ڪي سياسي ليکڪ ظالم حڪمرانيءَ جو فن سڏين ٿا؛ ۽ ان کي وري اٽلي جي ميڪياوليThe Prince  ڪتاب لکي چاڻڪيه جي نظريي کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪيو. چين جو وڏو نالو ڪنفيوشس جنهن جو اصل نالو ڪونگ فوزي هو (551-479 ق. م) حڪمراني کي قابليت، اخلاقيات ۽ انصاف سان هلائڻ لاءِ فڪر ڏنو جيڪو نه صرف چين، پر ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به ان تي عمل ڪيو ويو. هن ئي دور ۾ رومي راڄ ۾ (450 ق. م) ۾ پٿر جي 12 تختين تي قانون لکي ان کي شهر جي چوراهي ۾ لڳرايو ويو ته جيئن شهري اُهي نقطا ياد ڪن. انهن تختين تي سماجي انصاف، ذاتي حق، ملڪيت جا حق، خانداني حق ۽ ڏوهن کي روڪڻ بابت حڪم هئا.

رومي دور ۾ سيسرو (106-43 ق. م) ۽ سنيڪا (4 ق. م ۽ 65ع) جهڙا سياسي فلاسافر پيدا ٿيا. مارڪ اينٿوني جي دور ۾ سيسرو کي قتل ڪيو ويو. سنيڪا سياسي فلاسافر ۽ قانوندان بدنامِ زمانه شهنشاھ نيرو (37-68ع) جو صلاحڪار رهيو، اڳتي هلي نيرو ان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ٻنهي رومي فلاسافرن پنهنجي سياسي نظرين ۾ رياست جي حفاظت ۽ حڪمران جي اخلاقي تربيت ۽ عوام جي ڀلائي کي لازمي قرار ڏنو. هنن فلاسافرن فرد جي اخلاق ۽ ان جي ذميوارين، قانون، انصاف، جمهوريت ۽ عوام جي حقن تي زور ڏنو.

وچولو دور:

جڏهن رومي بادشاھ ڪانسٽنٽين I (Constantine) (272-337ع) جنهن عيسائي مذهب قبول ڪري سڄي رومن شهنشاهيت ۾ عيسائيت ڦهلائي ته ان کانپوءِ سياست ۾ مذهبي تسلط مڙهيو ويو ۽ پوءِ هن (500 کان 1500ع) سال تائين ڪيترائي مسيحي سوچيندڙ ذهن پيدا ٿيا جنهن ۾ خاص ڪري آريليس آگسٽين 354-430 ۽ ٿامس اڪائنس (1225-1274) گهڻا مشهور ٿيا. آريليس آگسٽين “خدا جو شهر” ۽ ٿامس اڪائنس وري “گناهه جو شهر” ڪتاب لکيو. مسيحي دور ۾ سڄي سياست جو محور خدا جي خوشنوديءَ جو نقطو هو ۽ اُتي بادشاهن کي خدائي حق به ڏنو ويو هو، جنهن کيDivine Rights of Kings  چيو وڃي ٿو. جڏهن يورپ ۾ جنگيون، ماڻهن سان زيادتيون ۽ سائنسدانن تي ظلم ٿي رهيا هئا ته ان ئي ماحول ۾ ٿامس هابس (1588-1679) سماجي معاهدي جو نظريو (1651) پيش ڪيو. ان تي جان لاڪ (1632-1704) وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ جي جي روسو (1712-1778) ان سماجي معاهدي ۾ بادشاهي حق جو خاتمو ڪري ماڻهن جي مرضيءَ جي حڪومت قائم ڪرڻ جو نظريو ڏنو سماجي معاهدي ۾ شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

سماجي معاهدي مطابق، سڀ انسان برابر آهن ۽ سڀني کي قدرتي حق مليل آهن. ان مطابق حڪومت ان جي مرضيءَ مطابق چونڊيل هجي، جيڪڏهن حڪومت ان فرض جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان خلاف بغاوت ڪرڻ عوام جو حق آهي. ان کان اڳ ۾ پهريون دفعو قانون جي حڪمراني جو تصور 13 هين صديءَ ۾ انگلينڊ جي بادشاھ جان ۽ نوابن جي وچ ۾ (1215ع) ۾ ٿيل معاهدو جيڪو ميگنا ڪارٽا جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن ۾ بادشاھ قانون جي تابع هوندو.

جاڳرتا جو دور(Enlightenment) :

انگلينڊ ۾ اڳتي هلي گهرو لڙائي 1642 کانپوءِ 1688 ۾ شاندار انقلاب (Glorious Revolution) ۾ عوامي حڪمراني(Power of Parliament)  تي پڄاڻي ڪئي. ارڙهين صدي ۾ (1748) ۾ ڊي مونيسٽيڪو، آئين ۾ طاقت جي ورڇ(Distribution of Power)  جو خيال پيش ڪيو، جنهن مطابق قانونسازي، حڪمراني ۽ آئيني طاقت جي ورڇ ڪئي ته جيئن انهن ٽنهي طاقتن جي وچ ۾ احتساب موجود رهي. اڄ جيترا به جمهوري آئين آهن انهن ۾ هي نقطو آئين جي بنيادي محرڪن مان هڪ آهي.

سماجي معاهدي جي فڪر کان متاثر ٿي ارڙهين صديءَ ۾ ئي آمريڪي انقلاب (1776) ۽ فرانسيسي انقلاب (1789) ۾ آيو. آمريڪي انقلاب جو مرڪزي خيال آزاديءَ جي پڌرنامي ۾ زندگي، آزادي ۽ خوشيءَ جي تلاش جي(Life, Liberty, and Pursuit of Happiness)  فلاسافي ۾ ڏنو ويو ۽ فرينچ انقلاب ۾ آزادي، برابري ۽ ڀائيچارو(Liberty, Equality, and Fraternity) جو شاندار پيغام سياست ۾ شامل ڪيو.

جديد دور:

19 هين صديءَ ۾ سياسي فڪر ۾ اڃان وڌيڪ سڌارا آيا، جنهن ۾ خاص ڪري برطانيه جي ڏاهي جيري بينٿم(Utilitarianism)  فائدي جو نظريو پيش ڪيو ۽ ان جو هي پيغام اڄ تائين ليکيو ويندو آهي، هن جڳ مشهور جملي ((Greatest Happiness of the Greatest People ذريعي ۽ ساڳي ئي ملڪ جي فلاسافر جان اسٽوارٽ مل انساني آزاديءَ کي مٿانهون رکڻ لاءِ هن آزاديءَ جي ڪتاب(On Liberty)  جي ذريعي آزاد خياليءَ جي فلاسافي کي مشهور ڪيو. جيئن ته انگلينڊ ۾ صنعتڪاري جو دور شروع ٿيو ان ۾ پورهيتن جو استحصال شروع ٿيو ۽ ان استحصال کي نظر ۾ رکندي ڪارل مارڪس پنهنجو(Socialist)  نظريو ڏئي سياسي فڪر ۾ ڄڻ زلزلو پيدا ڪيو. مارڪس، Friedrich Engels سان گڏ تاريخ، معيشت، سياسي فڪر، سماجيات ۽ انساني نفسيات جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو. انهن مفڪرن سماجي معاهدي جي نظريي کي رد ڪري طبقاتي جدوجهد ذريعي سياسي نظام جي تشريح ڪئي ۽ معاشي برابريءَ لاءِ ڪميونسٽ پڌرنامو دنيا جي اڳيان پيش ڪيو. هن نظريي کان متاثر ٿي (1917) ۾ روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب آيو. ان وقت دنيا جي وڏي ۾ وڏي ملڪ چين ۾ به (1949) ۾ به ڪميونسٽ انقلاب آيو.  20 هين صديءَ ۾ ٻه وڏيون عالمي جنگيون لڳيون. پهرين عالمي جنگ ۾ اٽڪل ٻه ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻين عالمي جنگ ۾ اندازن 8 ڪروڙ ماڻهن جو قتل ٿيو. هن صديءَ ۾ ترڪيءَ جي عثمانيه، انگلينڊ، بيلجيئم ۽ فرانس ۾ سامراجي تسلط ختم ٿيو.

1945ع ۾ گڏيل قومن جو ادارو ٺاهيو ويو شروعات ۾ ان جا بنيادي ميمبر مُلڪ 51 هئا پوءِ اُهي اڳتي وڌي 193 ميمبر ملڪ آهن. اقوامِ متحده جي چارٽر ۾ حق خود اختياري تسليم ٿيو ۽ سامراجيت هيٺ غلام قومن آزادي ورتي. سامراجي نظام ۾ جيڪي ملڪ غلام هئا اُتي قوم پرستيءَ جي بنياد تي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ۽ ڪيترن ئي ملڪن آزادي ورتي. هن ئي صديءَ ۾ جمهوريت جي ذريعي سوشلزم جو جنهن کي سوشل ڊيموڪريسي چيو ٿو وڃي. ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ترقي جو عمل شروع ٿيو. جنهن ۾ پهرين نارڊڪ ملڪ، جنهن ۾ سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ، فنلينڊ ۽ آئيسلينڊ، ٻيون جرمني، ٽيون فرانس، چوٿون ڪئناڊا ۽ پنجون هالينڊ شامل آهن.

انساني حقن جي تحريڪ:

ايران جي شهنشاھ سائرس (580-530 ق. م) ۾ پهريون دفعو انساني حقن کي هڪ تختيءَ تي اُڪرائي پنهنجي راڄ ۾ واضح ڪيو جنهن کي سائرس ڪئلينڊر به چئبو آهي جيڪا هاڻي اقوامِ متحده ۾ اها تختي پيل آهي. ان کانپوءِ انگلينڊ ۾Bill of Rights  پارليامينٽ منظور ڪيو. اڳتي هلي فرانس جي انقلاب جي دوران Bill of Rights of Man منظور ڪيو ويو. ائين انساني حقن جو سفر آمريڪا ۾ 14 ترميم جو تسلسل رهيو ۽ آخر اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي 10 ڊسمبر 1948ع ۾Universal Declaration of the Human Rights ۾ ان جو حصو ٿيا جنهن کي 48 ملڪن منظور ڪيو ۽ اڄ 193 ميمبر ملڪ ان کي قبول ڪري چڪا آهن. انساني حق سياست جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهن.

سياست جو سياسي نظرين ۾ تبديل ٿيڻ:

هن صديءَ ۾ ئي سياست، سياسي نظرين ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ روايت پسندي (Conservatism)، آزاد خيالي (Liberalism)، سوشلزم (Socialism)، قوم پرستي (Nationalism)، ماحوليات (Environmentalism) ۽ عورتن جي برابري(Feminism)  شامل آهن.

سياست جا مقصد:

بهترين سياست شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪري ٿي. انهن جي آزادي ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪري ٿي ۽ عورتن سميت انهن جي سماجي ۽ معاشي برابري مهيا ڪري ٿي. هن قسم جي سياست سماج ۾ آئيني ۽ قانوني حڪمراني قائم ڪري ٿي. شهرين کي خوشحالي ۽ خوشي فراهم ڪري ٿي. بهترين سياست عالمي سطح تي ٻين قومن سان گڏجي امن قائم ڪرڻ ۾ حصيدار ٿئي ٿي ۽ موسمي تبديليءَ کان وٺي هر قسم جي انتها پسنديءَ جو خاتمو آڻي ٿي.

بهترين سياست ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊ ذريعي عوام جي صحيح نمائندن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن سياست جو مثال فنلينڊ، جاپان، ناروي، ڊينمارڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏسي سگهون ٿا. جيئن ته سياست هر وقت تبديل ٿيندي رهي ٿي، پر ان جا هي مقصد مستقل طور رهن ٿا.

پڄاڻي:

اٽڪل (4000) چار هزار سالن کان سياسي فڪر جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سياست هڪ تخليقي عمل آهي ۽ وقت سان گڏ ان ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي، مثال طور: همورابي کان وٺي پهرين ئي قانون کي اهميت هئي، پر پوءِ سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ جي سوچ مطابق سياست عوام کي انصاف ڏئي ٿي ۽ اڳتي هلي ٿامس هابس ۽ جان لاڪ جي فڪر مطابق سياست سماجي معاهدي جو بنياد وجهي ٿي ۽ ائين ئي برطانيه جو شاندار انقلاب، آمريڪا جو انقلاب ۽ فرانس جي انقلاب ۾ نه صرف عوام ان جو محور آهي، پر انهن جي حقن کي به محفوظ ڪري ٿي.  19 هين ۽ 20 هين صديءَ ۾ سياست ۾ قومن جي خود مختياري ۽ جمهوريت شامل ٿئي ٿي ۽ هن وقت صحيح سياست انصاف، انساني حق، خوشحالي ۽ هر قسم جي برابري جو موقعو فراهم ڪري ٿي. سياست صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي بهترين سياسي اڳواڻن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. ان ڪري اسان سڀ شهري سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان لاءِ سلامتي، خوشحالي ۽ خوشيءَ جو موقعو پيدا ڪيون.

***