سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا نه رڳو سفارتڪاريءَ جي بنياد تي آهن، پر اهي عالمي سياست ۾ مفادن جي هڪ گهري جنگ کي پڻ ظاهر ڪن ٿا. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا ڳانڍاپا، گڏوگڏ تيل، توانائي ۽ دفاعي معاهدن جي بنيادن تي هڪ اهڙي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا جيڪا عالمي سياست جي گهراين کي ظاهر ڪري ٿي.
محمد بن سلمان جنهن سعودي عرب جي معيشت کي “ويزن 2030” تحت تيل جي بنيادن کان هٽي ڪري ٻين صنعتن ڏانهن وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي، آمريڪا سان سيڙپڪاريءَ جا ڪيترائي وڏا معاهدا ڪيا آهن. ٽرمپ جي صدارتي دور ۾ 460 ارب ڊالرن جا معاهدا، جن ۾ 110 ارب ڊالر دفاعي معاهدن تي مشتمل هئا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپن جو ثبوت آهن. ٽرمپ جي پاليسي ۾ اهو صاف نظر آيو ته سعودي عرب سان واپار جا انگ اکر وڌائڻ لاءِ ڪيتري حد تائين دٻاءُ وجهڻ ضروري هو.
پر ڇا هن سيڙپڪاريءَ جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي نوعيت صرف اقتصادي آهي؟ سعودي عرب کي ٽرمپ کان پرامن ايٽمي پروگرام لاءِ سهڪار جي ضرورت هئي، جڏهن ته ٽرمپ سعودي کان وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ آمريڪي شين جي خريداريءَ جو مطالبو ڪري رهيو هو. هي اقتصادي معاهدا عالمي سياست جي هڪ وڏي مفادن جي ڳٺ جوڙ جو حصو آهن، جتي هر پارٽي پنهنجي راند کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي.
سعودي عرب جو پرامن ايٽمي پروگرام ۽ ان لاءِ آمريڪا جي حمايت حاصل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي منظر نامي ۾ هڪ پيچيده باب آهن. سعودي عرب جي يورينيم وسيلن ۽ ايٽمي توانائي جي حوالي سان خواهشن آمريڪا ۽ اسرائيل ٻنهي لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻيون آهن. اسرائيل پاران سعودي عرب جي يورينيم افزودگي جي سخت مخالفت ۽ آمريڪا پاران ان پروگرام کي محدود ڪرڻ جا شرط هڪ گهري زميني آبادي جي گهوٽالي کي ظاهر ڪن ٿا.
جيئن ته ٽرمپ پنهنجي اڳئين دور ۾ سعودي ولي عهد جي ڪيترين ئي خواهشن کي سهولت فراهم ڪئي، پر سعودي عرب جي ايٽمي پروگرام لاءِ آمريڪي حمايت جي مخالفت هڪ اهڙو اشارو آهي جيڪو آمريڪي پرڏيهي پاليسي جي مسلسل مزاحمت کي ظاهر ڪري ٿو. اسرائيل جو اثر رسوخ آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي تي هڪ مستقل عنصر آهي، جنهن جي بنياد تي سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دفاعي معاهدو اڃان تائين اڻپورو آهي.
ٽرمپ ۽ محمد بن سلمان جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جون ڳالهيون دراصل عالمي طاقت جي ڊپلوميٽڪ راند جو عڪس آهن. سعودي عرب جيڪو چين ۽ روس سان پڻ لاڳاپا وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، آمريڪا کي سيڙپڪاريءَ جي پرڪشش واعدن ذريعي پنهنجو اتحادي بڻائڻ چاهي ٿو. آمريڪا جنهن کي وچ اوڀر ۾ چين ۽ روس جي اثر کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي. سعودي عرب کي پنهنجي پاسي ۾ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو.
پر سوال اهو آهي ته سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هي گيم ڪنهن حد تائين صاف آهي؟ سعودي ولي عهد جي 1000 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو واعدو هڪ اهڙو حربو ٿي سگهي ٿو، جيڪو آمريڪا کي اقتصادي بنيادن تي قائل ڪري، پر عالمي سياست ۾ آمريڪا جي اسرائيل لاءِ وابستگي ان توازن کي سخت آزمائش ۾ وجهي ٿي.
هي معاملا سياست جي ان بنيادن کي ظاهر ڪن ٿا جتي قومن جا مفاد، نظريا ۽ انساني حقن جون ڳالهيون هڪ طرف رکيل آهن. آمريڪا جيڪو عالمي سطح تي انساني حقن ۽ جمهوريت جي ڳالھ ڪندو رهيو آهي، سعودي عرب سان انهن ئي معاملن ۾ خاموش نظر اچي ٿو، جيڪو “عمليت” تي ٻڌل آهي، اڄ جي عالمي سياست ۾ هڪ اهم رجحان بڻجي چڪو آهي.
سعودي ولي عهد ۽ ٽرمپ جو لاڳاپو اهو ٻڌائي ٿو ته سياست ۾ “دوستي” رڳو مفادن تي ٻڌل آهي. اقتصادي مفادن جي گهمسان ۾ انساني حقن، جمهوري قدرن ۽ عالمي امن جي ڳالهين کي نظرانداز ڪرڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته سياست ۾ اخلاقيات کان وڌيڪ عمليت جي حيثيت وڌيڪ اهميت رکي ٿي.
سعودي عرب ۽ آمريڪا جا لاڳاپا عالمي سياست جي هڪ پيچيده ۽ گهري منظر نامي کي ظاهر ڪن ٿا، جتي واپار، سيڙپڪاري ۽ طاقت جا مفاد سڀ کان اڳتي آهن، پر امن ايٽمي پروگرام، چين ۽ روس جي اثر کي گهٽائڻ ۽ اسرائيل سان سعودي لاڳاپن جو معاملو ان تعلقات ۾ هڪ اهم امتحان آهي. آخرڪار سعودي عرب ۽ آمريڪا جا لاڳاپا نه رڳو اقتصادي آهن، پر عالمي سياست جي طاقتور گهوٽالي جو اهم حصو پڻ آهن.