نئون

چيئرمين نيب پاران 435 پاڪستانين جي آف شور ڪمپنين بابت تحقيقات جو حڪم

قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين چيف جسٽس  رٽائرڊ جاويد اقبال 435 پاڪستاني شهرين جي آف شور ڪمپنين خلاف تحقيق جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. پريس رليز ۾ چيئرمين چيو آهي ته ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ کي خاطر ۾ نه آندو ويندو. ان حوالي سان نيب پاران وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي)، اسٽيٽ بينڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کان پاڪستان جي آف شور ڪمپنين بابت تفصيل به گهري ورتا آهن. ياد رهي ته گذريل مهيني سپريم ڪورٽ پاران نيب ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ته اهي پاڪستانين جي انهن ڪمپنين بابت تحقيقات ڪرائي. گذريل سال اپريل ۾ پاناما جي مشهور فرم موزيڪ فونسيڪا جي منظر تي ايندڙ خفيه دستاويزاتن سان پاڪستان سفيت دنيا جي طاقتور ۽ سياسي ماڻهن جون آف شور ڪمپنيون منظر تي آيون هيون.