britain to start driverless car
برطانيه دنيا جو اهڙو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن ۾ بغير ڊرائيور جي هلندڙ روبوٽ گاڏيون تيار ڪيون آهن. 2018 ۾ اهڙيون گاڏيون روڊن تي موجود هونديون جنهن لاءِ ڪمپني کي اجازت وٺڻي هوندي پر 2021 کان انهن کي بغير ڪنهن پابندي جي روڊن تي هلڻ جي اجازت ملي ويندي. سڄي دنيا ۾ صرف برطانيه ئي اهڙو ملڪ آهي جنهن اهڙي قسم جي گاڏين کي هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان کان علاوه اها به خاص ڳالهه ته اهي ڪارون بجلي تي هلنديون جنهن جي ڪري هن ڏس ۾ برطانيه جي حڪومت 400 ملين پائونڊ جو بجيٽ رکيو آهي. جنهن سان ملڪ ۾ اليڪٽرڪ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون جنهن سان اهي گاڏين کي ري چارجنگ جو ڪم به ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.