ايڊيٽوريلنئون

ليگ آف نيشنز کانپوءِ گڏيل قومن جي اداري جي ناڪامي ۽ نئين عالمي اداري جي ضرورت

اڄ دنيا هڪ اهڙي موڙ تي بيٺي آهي، جتي محسوس ٿي رهيو آهي ته انسان ذات ترقي ڪندي وري ان موڙ تي واپس پهتو آهي جتان ان ترقيءَ جي شروعات ڪئي هئي. پهرين عالمي جنگ (1914-1918) ۾ ٿيل وڏي تباهيءَ کانپوءِ ملڪن کي هڪ اهڙي فورم جي ضرورت ٿي جتي مسئلا بنا جنگ ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن ۽ پوءِ 10 جنوري 1920ع  ۾ “ليگ آف نيشنز” جو بنياد پيو، جنهن جو مقصد مستقبل ۾ عالمي جنگين کي روڪڻ، ملڪن وچ ۾ تڪرارن کي سفارتڪاريءَ ذريعي حل ڪرڻ، هٿيارن جي ڊوڙ گهٽائڻ هو. جنهن جو هيڊڪوارٽر جنيوا ۾ هو، پر هي ادارو ڪجهه سببن ڪري ناڪام ٿيو. ڇو ته هن ۾ آمريڪا شامل نه هو ۽ هن اداري وٽ پنهنجي ڪابه فوج نه هئي، جيڪا ڪنهن به ملڪ جي جارحيت کي روڪي سگهي. “ليگ آف نيشنز” جي ناڪاميءَ جو نتيجو ٻي عالمي جنگ جي صورت ۾ نڪتو. جنهن کانپوءِ UN جو بنياد پيو، پر اڄ اهو به ناڪام ٿي چڪو آهي. اسان وري 1920ع واري نقطي تي بيٺل آهيون. جنهن ۾ ادارا تماشائي بڻيل هئا، جنگ جو رستو کليل هو، هٽلر ۽ مسوليني قانون کي لتاڙي رهيا هئا. اڄ اسرائيل ۽ آمريڪا ساڳي غنڊه گردي ڪري دنيا جي معصوم انسانن جي نسل ڪُشي ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن ئي ٺاهيل عالمي ادارن جي نفي ڪري رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو هن وقت قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ مهانگائي ۽ قرضن جي بار هيٺ دٻجي چڪا آهن ۽ ڊالر جي ظالم نظام دنيا کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. ان دور ۾ ريڊيو ذريعي نفرت پکيڙي ويندي هئي، اڄ ساڳيو ڪم سوشل ميڊيا ۽ اي آءِ ذريعي انسانن کي مذهب، نسل ۽ قوميت جي بنيادن تي ويڙهائي ڪيو پيو وڃي. ڇو ته ملڪن جي غلط پاليسين سبب خاص طور ايشيائي ملڪن جي هڪ وڏي آبادي تعليم نه هجڻ سبب اهو شعور حاصل نه ڪري سگهي آهي جو ان پروپيگنڊا جو مقابلو ڪري سگهي. اسان کي گڏجي هڪ اهڙي نظريي جي اوسر ڪرڻي پوندي جنهن ۾ انسانيت جي نالي تي گڏجي بيهي سگهون.

هن وقت آمريڪا دنيا کي پنهنجي طاقت ۽ ڊالر جي زور تي تباهه ۽ برباد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو غلام بڻائي هڪ اهڙي دنيا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي صرف تباهي ۽ بربادي بچي آهي. اهڙي وقت ۾ هڪ اهڙي بلاڪ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي جنهن ۾ اهي سڀ ملڪ  شامل هجن جن جو نظريو معاشي ترقي ۽ پرامن دنيا هجڻ گهرجي، جيڪي گڏجي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن جنهن سان ٽيڪنالاجيءَ ذريعي انقلاب آڻي پنهنجن ملڪن اندر خوشحالي آڻين ۽ گڏوگڏ هڪٻئي سان پرامن لاڳاپا قائم ڪري معاشي ترقيءَ ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏين ۽ ان بلاڪ ۾ چين سڀني کان وڏي اميد ثابت ٿي سگهي ٿو. چين چاهي ته آمريڪي سامراجي غلبي کي معاشي ۽ ٽيڪنالاجي بنيادن تي تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ سڄي دنيا کي ڊالر جي غلبي کان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو. هن وقت به چين ڪيترن ئي ملڪن سان پنهنجي ڪرنسي ۾ واپار شروع ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن پاڪستان سوڌو ٻيا پرامن ملڪ به چاهين ته چين سان ملي هڪ اهڙو متبادل بينڪنگ نظام جوڙي سگهن ٿا، جيڪو اڳتي هلي سامراجي پابندين کي ختم ڪري سگهي ٿو. هن وقت سامراجي ملڪ ٽيڪنالاجيءَ کي غلاميءَ لاءِ استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته چين هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ جي حيثيت سان “گڏيل ترقيءَ” تي ٻڌل نظريو کڻي هلندڙ ملڪ آهي. جنهن جو ثبوت “بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو” آهي. جنهن جي ذريعي ملڪن کي انفرااسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڪستان لاءِ به هڪ انقلابي منصوبو ثابت ٿي سگهي ٿو، پر ان سڄي منصوبي ۾ آمريڪا ۽ يورپي ملڪ جن ۾ جرمني، فرانس، اٽلي ۽ يورپي يونين جا ادارا شامل آهن ڪيتريون ئي رنڊڪون پيدا ڪيون آهن.

هن نئين نظام کي جوڙڻ لاءِ انهن سڀني ملڪن کي گڏجڻ گهرجي جيڪي واقعي چاهين ٿا ته اهي هڪ پرامن دنيا جي تعمير ڪن ۽ پنهنجن ملڪن اندر هڪ پرامن معاشي انقلاب برپا ڪن. اهڙن ملڪن کي پنهنجي نظرين ۾ مذهبي انتها پسنديءَ کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي عالمي ادارن کي هڪ نئين ترتيب سان جيئارڻ جي ضرورت آهي، جتي ويٽو پاور بدران ملڪن جي بلاڪن وٽ فيصلا سازيءَ جو حق هجڻ گهرجي. هن وقت سلامتي ڪائونسل ۾ پنجن ملڪن ويٽو پاور سبب دنيا کي هن حال تائين پهچايو آهي. عالمي عدالت جنهن کي ان لاءِ جوڙيو ويو ته هي ادارو رياستن جي وچ ۾ تڪرار ختم ڪندو، پر اڄ بيوسيءَ جو شڪار آهي. انساني حقن جا ادارا ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پوين پساهن ۾ آهن ۽ هينئر جيڪو عالمي منظر نامون اڀريو آهي اهو صرف “ڏاڍي جي لٺ کي ٻن مٿن وارو” آهي. ملڪن جي مفاد پرستي انساني اخلاقيات کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. قدرتي وسيلن ۾ “ريئر منرلز” سڄي دنيا کي اخلاقي پستيءَ  ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جو هاڻي جنگ جي دوران، اسڪولن، اسپتالن، ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن کي بنا تفريق جي ميزائلن ۽ بمن جي حملي سان ماريو ٿو وڃي. انسانيت وڃائجي چڪي آهي اهڙي حالت ۾ انسان وڌيڪ زنده نٿو رهي سگهي. ان لاءِ اسان سڀني انسانن کي جتي جتي بيٺل آهيون هڪ استاد جي حيثيت سان، ڊاڪٽر، انجنيئر، يا بورچي جي حيثيت سان، ڪنهن رشتي يا عهديدار جي حيثيت سان اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجن ادارن اندر سڌارا آڻڻ ۽ سڌارن جي گُهر جي ضرورت آهي. جڏهن اسان فرد طور ذميداري محسوس ڪندي دنيا کي بهتر ڪنداسين ته شايد اسان دنيا کي بهتر ڪري سگهون. هن وقت طاقتور ملڪن جي لالچ ۽ انهن جي ويٽو پاور سڄي دنيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. ان ڪري دنيا کي هڪ نئين نظام جي اشد ضرورت آهي جيئن ليگ آف نيشنز جي ناڪاميءَ کانپوءِ گڏيل قومن جو ادارو جڙيو هاڻي گڏيل قومن جي ناڪاميءَ کانپوءِ “پرامن قومن جو گڏيل ادارو” ٺهڻ گهرجي، جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي.