جيئن ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. انهيءَ اجلاس ۾ تنظيم جي ميمبر ملڪن سان لاڳاپيل اڳواڻ شرڪت ڪندا. اسان جو ملڪ جيئن ته انهيءَ اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ اسلام آباد تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجن مطالبن جي حق ۾ هر سياسي پارٽي جدوجهد ڪندي آهي، پر پي ٽي آءِ رهنمائن پنهنجي مطالبن لاءِ هميشه غير جمهوري ۽ غير مهذب طريقا اختيار ڪيا آهن.
ڪنهن به سياسي پارٽي ۽ ڪنهن به ليڊر جو ڪوبه مطالبو ملڪ جي وقار کان مٿي ناهي، جڏهن شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ عالمي رهنما شريڪ ٿي رهيا هوندا تڏهن اتي ئي پاسي ۾ ئي ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ جا ڌرڻا، جلاءُ گهيراءُ ڪهڙو پيغام ڏيندا ۽ مهمان اڳواڻ اسان جي ملڪ لاءِ ڪهڙو تاثر کڻي ويندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس ۾ اٺن ملڪن جون اعليٰ شخصيتون شريڪ ٿينديون. شنگهائي تعاون تنظيم سياسي اقتصادي ۽ معاشي تعاون تنظيم جيڪا شنگهائي چين ۾ سال 2001ع ۾ چين قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي رهنمائن قائم ڪئي انهن ۾ اڳتي هلي پاڪستان به شامل ٿي ويو. هاڻ اهو اٺن ملڪ جو گڏيل فورم آهي. اهو سٺو لڳندو جيڪڏهن چين جو وزيراعظم ۽ ٻين ملڪن جا اهم سربراهه اسان جا مهمان ٿي رهيا آهن ته اها اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته پاڙيسري ملڪ ڀارت انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انهيءَ جو پرڏيهي وزير جئه شنڪر پاڪستان ايندو. اهو وڏي وقت کانپوءِ ٿي رهيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪري رهيو هجي. گذريل سال مئي مهيني ۾ اسان جي پرڏيهي وزير جناب بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو هو. بين الاقوامي تناظر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اجلاس انتهائي اهم آهي ۽ سڄي دنيا جون نظرون انهيءَ ٻن ڏينهن واري اجلاس تي کتل آهن. خاص طور تي ان ڪري به ته وچ اوڀر ۾ غزه جي دل ڏکوئيندڙ حالتن جي ڪري جتي گذريل سال کان جنگ هلي رهي آهي. اسان جي چوڌاري اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر به اسان جا پاڙيسري آهن. اهي ڊي چوڪ تي پيدا ڪيل فتني جو ڪهڙو اثر وٺي ويندا. هتي ڏک سان اها ڳالهه به ڪرڻي ٿي پوي ته اسان جي هڪ سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي ڪاميابين لاءِ هڪ طرح سان ڄڻ سڄي ملڪ کي يرغمال ڪريو ويٺي آهي. گاديءَ وارو هنڌ اسلام آباد ڄڻ لاڳيتو امتحان ۾ آهي. تازو ملائيشيا جي وزيراعظم جي دوري دوران به سڄي دنيا اهي منظر ڏٺا هوندا. انهيءَ سڀ جي باوجود شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي ۽ اسين سمجهون ٿا ۽ سرڪار به ضرور سمجهندي هوندي ته موقعا روز روز نه ملندا آهن. انهيءَ ڪري موجوده حڪومت کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس مان فائدو وٺڻ گهرجي ۽ اسين اهو سمجهون ٿا ته شنگهائي تعاون تنظيم جا بنيادي مقصد سياسي، اقتصادي ۽ معاشي آهن. سڀ ميمبر ملڪ هڪٻئي سان انهن ميدانن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪندا، تڏهن ملڪ جي هڪ سياسي جماعت پاڙيسري ملڪن کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهي آهي. اسان جي سياست جي اها معنيٰ آهي ته وفاقي حڪومت کي امن امان لاءِ حد کان وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
هي اهم موقعو آهي جو ڀارتي پرڏيهي وزير شنڪر پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيل شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي. ساڳئي پرڏيهي وزير پاڪستان سان مذاڪرات لاءِ چيو هو ته ٻنهي ملڪن ۾ مذاڪرات جو دور ختم ٿي ويو آهي، پر وقت ۽ حالتون ملڪن جا خيال ۽ پرڏيهي پاليسيون تبديل ڪريو ڇڏين. اسين پاڪستان تحريڪ انصاف کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جو ملڪ عالمي برادريءَ ۾ هڪ باوقار ملڪ آهي ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جي بليڪ ميلنگ انهيءَ جي دنيا ۾ اهميت کي گهٽ نٿي ڪري سگهي. اسين حڪومت پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميزباني ڪرڻ تي مبارڪ ڏيون ٿا.