27 ڊسمبر 2007ع اهو بدنصيب ڏينهن هو جنهن ڏينهن پاڪستان کان هڪ قابل ۽ بهادر ليڊر کسجي وئي. کيس راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ شهيد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ملڪ جي سياسي تاريخ ئي بدلجي وئي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت صرف هڪ فرد جو وڃڻ نه هو، پر سندس شهادت کانپوءِ پاڪستان جي سياسي صورتحال تبديل ٿي وئي. سندس وڇوڙو صرف هڪ فرد جو وڇوڙو نه پر، پاڪستان جي سياسي استحڪام لاءِ هڪ ڌڪ هو. چئني صوبن جي زنجير سمجهي ويندڙ ليڊر جي وڃڻ کانپوءِ وفاق ڪمزور ٿي ويو. جمهوري تسلسل ۾ رڪاوٽ اچي وئي. 2007ع ۾ سندس واپسي عوام جي دلين ۾ جمهوريت جي بحالي جي اميد پيدا ڪئي هئي. سندس شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي خلا پيدا ٿيو. هوءَ عالمي سطح تي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف هڪ مضبوط آواز هئي، سندس وڃڻ سان پاڪستان ان ويڙهه ۾ هڪ بهادر ترجمان وڃائي ويٺو. سندس جاءِ مستقبل ۾ ڏهاڪن تائين ڀرجندي نظر نٿي اچي. هن وقت اسان کي ڪوبه اهڙو ليڊر نظر نٿو اچي، جيڪو سندس متبادل بڻجي سگهي. هوءَ هڪ عوامي رهنما هئي. غريب طبقو کيس پنهنجي حقن جو محافظ سمجهندو هو. هڪ خاص مڪتبهءِ فڪر جو اهو خيال آهي ته کيس هڪ عورت هجڻ جي ناتي قتل ڪيو ويو، پر شايد اها ڳالهه مڪمل طور تي درست نه آهي. سندس شهادت جو سبب سندس سياسي نظريا هئا. ڇو ته هوءَ انتهاپسندي خلاف هڪ مضبوط موقف رکندڙ قائد هئي. سندس خيال سيڪيولر ۽ پرامن اسلامي سماج جي وڪالت ڪندا هئا. ان وقت ۾ پاڪستان جن ماڻهن جي هٿ ور چڙهيل هو. سندس سياسي نظريا انهن سان ڀيٽ نه کائي رهيا هئا. هوءَ آمريت جي خلاف هڪ مضبوط آواز هئي، سندس پاڪستان واپسي جو مقصد ملڪ مان غير جمهوري قوتن جو اثر گهٽائڻ ۽ عوامي راڄ قائم ڪرڻ هو. انهن سڀني ڳالهين سان گڏوگڏ اهو به چئي سگهجي ٿو ته ڪيترائي ذهن کيس هڪ عورت جي نظر سان تعصب ڀري نگاهه سان به ڏسندا هئا ۽ کانئن اها ڳالهه به برداشت نه ٿيندي هئي ته هڪ مسلم عورت دنيا جي پهرين وزيراعظم بڻجي وڃي ۽ ٻيهر اقتدار ۾ اچي دنيا آڏو پاڪستان جو روشن خيال چهرو پيش ڪري.
بينظير پنهنجي والد وانگر اسلامي تعليمات کي سماجي انصاف (سوشلزم) کي ملائي عوام جي زندگي بهتر بڻائي “روٽي ڪپڙا اور مڪان” واري ان نظريي جي عڪاسي ٿي ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پارلياماني جمهوريت جي سخت حامي هئي. سندس نظريو پاڪستان جي بقاءَ، مضبوط وفاق ۽ چئني صوبن کي برابر حق حاصل هجڻ جو هو. بينظير ڀٽو هڪ اهڙو خواب ڏٺو جنهن ۾ ملڪ مان مذهبي انتهاپسندي جو خاتمو ٿئي ۽ پاڪستان هڪ جديد اسلامي ملڪ طور سڃاتو وڃي. هوءَ عورتن جي آزادي ۽ اختيار جي حامي هئي. کيس يقين هو ته جيستائين عورتون ملڪي ترقي ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه هونديون. ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عرصي کان پاڪستان اندر هڪ غير محسوس طريقي سان نئين لهر جو احساس ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ رياست جي بدلجندڙ پاليسي آهستي آهستي محسوس ڪئي پئي وڃي. جنهن جي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هيءَ تبديلي ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ نه آئي آهي، پر ان جي پٺيان ڪجهه اهم واقعا سياسي ضرورتون ۽ تلخ تجربا آهن. بينظير ڀٽو جي شهادت هڪ اهڙو سانحو هو جنهن رياست ۽ سياستدانن کي پنهنجي پراڻي روش تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. محسوس ٿئي پيو ته پاڪستان اندر سياسي پختگي ايندي وڃي. ڇو ته بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف 90 واري ڏهاڪي ۾ دشمني مان اهو سبق سکيو ته کين فائدي بجاءِ نقصان ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. ان لاءِ 2006 ۾ ميثاقِ جمهوريت ڪيو ويو ته تصادم بدران مفاهمت جي واٽ وٺجي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ وفاق جي ڪمزور ٿيڻ جو خطرو هميشه محسوس ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ هن وقت اسان کي محسوس ٿي رهيو آهي ته دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي رياست سنجيدگيءَ سان ختم ڪرڻ جي لاءِ ايڪشن پلان ٺاهي انهن تي عمل ڪري رهي آهي. مريم نواز جو هن وقت پنجاب جي صوبي جو وزيراعليٰ هجڻ به ان تبديليءَ جو هڪ رُخ چئي سگهجي ٿو. ڇو ته مسلم ليگ (ن) تي هميشه اها تنقيد ڪئي ويندي هئي ته اها هڪ قدامت پسند ۽ مردن جي پارٽي آهي، بينظير ڀٽو جي عالمي سطح تي مقبوليت جو هڪ سبب سندس عورت هجڻ هو. هن وقت (ن) ليگ به پنهنجو اهو روشن خيال چهرو مريم نواز جي صورت ۾ پيش ڪري هڪ پيغام ڏئي رهي آهي ته ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ عورت جو ساٿ هجڻ بيحد ضروري آهي.
ان جو مطلب اهو هر گز ناهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي سڀئي حق حاصل ٿي چڪا آهن. اڄ جي عورت هميشه وانگر ڪيترن ئي سماجي ۽ سياسي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. اڄ به عورت جي مٿان گهريلو تشدد ڪيو ٿو وڃي، اڄ به ڪيتريون ئي ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن. اڄ به عورت پنهنجي ڪم ڪرڻ جي جاءِ تي هيسائي ۽ ڌمڪائي وڃي ٿي. اڄ به معاشري جو رويو گهڻو ڪري ساڳيو ئي آهي، جيڪو اسان گذريل 78 سالن کان ڏسندا اچون، پر رياست جي پاليسي شفٽ ٿيندي محسوس ٿي رهي آهي، عورتن کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي. انهن کي معاشي طور بااختيار بنائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تاريخ جو سڀ کان وڏو سوشل سيفٽي نيٽورڪ آهي. عدالت مان عورت کي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ لاءِ به سٺا فيصلا ٿيندي نظر اچن ٿا. ملڪ ۾ اعليٰ عهدن تي عورتن جي نمائندگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اڃان وڌيڪ اضافي جي ضرورت آهي. اسان جي پوليس ۽ ٻين فورسز ۾ عورتون جنرلز جي عهدن تي فائز ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. هينئر تازو ئي جسٽس عائشه ملڪ حلاله جي معاملي تي هڪ فيصلو ڏيندي ان کي حرام قرار ڏنو آهي ۽ اهو عورتن جي لاءِ حراسان ڪرڻ برابر قدم چيو آهي. اهي سڀئي شيون جيڪي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ تمام آهستگيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن، پر عورتن لاءِ تبديليءَ جو هڪ پيغام محسوس ٿي رهيون آهن. اميد آهي ته بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي پيپلزپارٽي نه صرف هڪ سياسي پارٽي طور، پر عورتن جي حقن جي علمبردار طور هڪ جامع ۽ عملي پيغام ڏيندي جيئن پيپلز پارٽي هن وقت هڪ بهترين قدم کڻندي سکر ۾ بيگم نصرت ڀٽو يونيورسٽي جوڙي آهي، جيڪو نه صرف پيپلزپارٽي جي طرف کان عورتن جي حقن جي لاءِ مڃتا آهي. بلڪه هڪ کليل پيغام آهي ته پيپلزپارٽي عورتن جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي. اميد آهي ته اهي سڀئي خواب جيڪي بينظير جي اکين ڏٺا جنهن ۾ هوءَ پاڪستان جي عورت کي بااختيار، خوشحال ۽ آزاد ڏسڻ چاهيندي هئي. انهن جي لاءِ پيپلزپارٽي عملي طور تي ڪم ڪندي ۽ نه صرف سنڌ، بلڪه پوري پاڪستان جي عورتن جي لاءِ هڪ اهڙو پيغام ڏيندي جنهن سان عورتن جي زندگين ۾ تبديلي اچي سگهي.