بلاگنئون

لفظن کان به مٿانهين سنڌ جي نياڻي: (شهيد بينظير ڀٽو)

سنڌ جي پورهيتن، ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي مٿان ڊسمبر مهيني جا آخري ڏھاڙا تمام دردناڪ واقعن جي ياداشت جا ڏھاڙا بڻيل آھن. پنھنجي جادوئي آواز ۽ انقلابي گيتن سان سنڌ جو ٻيجل سڏجندڙ، سرمد سنڌيءَ جي وڇوڙي کي لڳ ڀڳ اوڻٽيھ سال گذري چڪا آھن، پر سندس وڇوڙي جو ڏک تازي ڪنھن برسات جيان تازو دلين تي وسي رھيو آھي. ان کانپوءِ دنيا جي عظيم عورتن اڳواڻن ۾ لکي ويندڙ عظيم اڳواڻ، جمھوريت کي زنده رکندڙ، بي سھارا ۽ بي آوازن جو آواز بڻجندڙ، ٻه ڀيرا وزيراعظم رھندڙ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کي به ارڙهن سال گذري چڪا آهن.

محترمه جڏھن به تقرير ڪندي ھئي ته معلوم ٿيندو ھو ته لفظ سندس محتاج بڻيل آھن. سندس لفظن جي چونڊ ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندي هئي. محترمه جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پوندو ھو. پاڻ پنھنجي جادوئي لفظن ۽ انداز گفتگوءَ سان پورھيتن، سانگيئڙن، ماروئڙن لاءِ اميدون کڻي، سندن وڪيل بڻجي گجگوڙ ڪندي ھئي. پاڻ خوبصورت ھجڻ سان گڏوگڏ خوب سيرت پڻ ھئي. ھوءَ نه صرف ھڪ سياسي اڳواڻ ھئي، پر بھادري، ھمت، جستجو، مزاحمت ۽ قربانيءَ جي علامت ھئي. ھن عورتن جي خود مختياريءَ ۽ سندن حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. سندس تعلق سياسي گھراڻي سان ھجڻ جي ڪري، پاڻ سياست جي سڀني لاهن چاڙهن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندي هئي.

شھيد بنت شھيد، محترم بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي. گلابي رنگت ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري کيس گھر وارا پيار منجھان “پنڪي” ڪري سڏيندا ھئا. پاڻ شيڪسپيئر جي ڊرامن کي دلچسپيءَ سان پڙھندي ھئي ۽ پنھنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ سندس انداز اختيار ڪيو. پاڻ “ڊاٽر آف ايسٽ” ڪتاب لکيو، جيڪو سڄي دنيا ۾ مقبول ٿيو. جنھن ۾ پاڻ پنھنجي خانداني، سياسي زندگيءَ ۽ واقعن بابت وسيع اظھار ڪيو آھي. محترمه جلاوطنيءَ جي دوران لنڊن ۾ رھائش اختيار ڪئي، پنھنجن ٻارن کي وقت ڏنو، جنھن ۾ پاڻ سندن پالنا، تربيتي ۽ تعليمي سکيا ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس تربيت جو اثر بلاول، بختاور ۽ آصفه مان واضح طور نظر اچي ٿو. بلاول جو ايوب رضويءَ سان ملڻ، آصفه جو سنڌ جي عورتن جي گھرن جي دستاويزن ڏيڻ وقت ڀاڪر پائي شفقت سان ملڻ، محترمه جي تربيت جو اثر آھي. محترمه جي دل ھميشه پنھنجي وطن جي لاءِ ڌڙڪندي ھئي، جنھن جو ذڪر نامور، هماليه جبل جيڏو حوصلو رکندڙ صحافي حامد مير به ڪيو آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 1979ع ۾ ڦاسي کانپوءِ، بينظير ڀٽو کي سندس والد جي پارٽي، پاڪستان پيپلزپارٽي (پ پ پ) جي قيادت سونپي وئي. محترم شھيد بينظير ڀٽو 18 ڊسمبر 1987ع ۾ آصف علي زرداريءَ سان شادي ڪئي. جنھن بعد ۾ پاڻ 1988ع ۾ پھرين مسلم عورت وزيراعظم بڻجي، دنيا کي ٻڌايو ته سختيون، تڪليفون، نظربنديون ڪامياب ماڻھن کي ڪاميابيءَ کان روڪي نٿيون سگھن، نه ئي کين قيد ڪري سگھن ٿيون، پر 1990ع ۾ سندس حڪومت برطرف ڪئي وئي. ٻيهر جدوجهد کانپوءِ 1993ع ۾ هوءَ ٻيهر وزيراعظم بڻي. هن دور ۾ به حالتون سازگار نه هيون. پاڻ سياست ۾ مسلسل دٻاءُ، تڪرارن، سازشن، سياسي مخالفتن ۽ غير يقيني صورتحالن کي منھن ڏنو. پاڻ آزاد ميڊيا ۽ صحافين جي تحفظ جي حمايت ۾ ھئي. سندس ڪيترائي قول مشھور آھن. بلاول ڀٽو به سندس ماءُ جي ڀيٽا ۾ لکيل تحرير ۾ سندس قول استعمال ڪيا آھن.

منهنجي ملڪ جي انهن ماڻهن کي، جن کي جمهوريت کان پاسو ڪري تشدد وسيلي بدلو وٺڻ آسان لڳي ٿو، مان اپيل ٿو ڪريان ته هو منهنجي ماءُ جا لفظ ياد ڪن: “جمهوريت سڀ کان سٺو بدلو آهي.”

“توهان ڪنهن انسان کي قيد ڪري سگهو ٿا، پر ڪنهن جي خيال کي نه. توھان ڪنهن انسان کي جلاوطن ڪري سگهو ٿا، پر ڪنهن جي خيال کي نه. توهان ڪنهن انسان کي قتل ڪري سگهو ٿا، پر ڪنهن جي خيال کي نه.” شھيد بينظير ڀٽو (انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل).

محترمه 1993ع ۾ ٻيھر وزيراعظم منتخب ٿي. 1996ع ۾ سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت بينظير لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو هو. ساڳئي سال سندس حڪومت به ٻيھر برطرف ڪئي وئي، پر ان باوجود هن سياست کي الوداع نه ڪيو. 2007ع ۾ جلاوطني ختم ڪري وطن واپسي تي سندس زندگيءَ جو آخري، پر تاريخي فيصلو هو. 18 آڪٽوبر تي ڪارساز ڌماڪا، خطرا ۽ ڌمڪيون هوندي به هوءَ عوام کان پري نه ٿي. 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي بعد هوءَ شهيد ڪئي وئي. هي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو سياهه ترين ڏينهن بڻجي ويو. ھر طرف روڄ راڙو ۽ ماتم برپا ٿيڻ لڳو. اھڙي طرح محترمه تاريخ ۾ امر ٿي وئي. سندس وڇوڙو پ پ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ ھڪ وڏو صدمو بڻيو. بلاول ۽ آصفه کان اھا گُھر ڪجي ٿي ته پاڻ محترمه جي ڇڏيل مشن کي جاري رکن، سنڌ جي روڊن رستن، تعليم، صحت صفائي، روزگار، امن امان وغيره تي ڌيان ڏين. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ جدوجهد اسان لاءِ هميشه هڪ مشعل راهه رهي ٿي. سندس فڪر، قرباني ۽ جمهوريت لاءِ لڙائي اڄ جي نوجوانن کي ٻڌائي ٿي ته معاشري ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ همت، ايمانداري ۽ ثابت قدمي ضروري آهي.