حڪومت پاران 8 ارب جو رمضان پيڪيج تيار، وڌيڪ گيهه تي 4 ارب سبسڊي تجويز
وفاقي حڪومت رمضان مهيني ۾ عام ماڻهن کي يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي رليف لاءِ رمضان پيڪيج جي تياري شروع ڪري ڇڏي. رمضان پيڪيج 8 ارب 28 ڪروڙ رپين تائين ڏيڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي. جنهن تحت يوٽيلٽي اسٽورن تي 19 عام واهپي ۽ استعمال جي شين تي سبسڊي ڏيئي مارڪيٽ کان گهٽ اگهن تي فراهم ڪيون وينديون. ذريعن ٻڌايو آهي ته سڀ کان وڌيڪ گيهه تي 4 ارب 5 ڪروڙ رپيا سبسڊي رکڻ جي تجويز آهي. اٽي تي 2 ارب 53 ڪروڙ 40 لک، کنڊ تي 75 ڪروڙ رپين جي سبسڊي جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، ائين باسمتي چانورن تي اڍائي ڪروڙ، سيلا چانورن تي هڪ ڪروڙ، ٽوٽا چانورن تي 3 ڪروڙ 60 لک رپيا، چڻن جي دال تي 3 ڪروڙ، دال مسور تي 3 ڪروڙ، چڻن تي 5 ڪروڙ جي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز آهي، کارڪن، شربت سميت ٻين شين تي 76 ڪروڙ 50 لک رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. ياد رهي ته گذريل رمضان ۾ حڪومت 7 ارب 84 ڪروڙ 26 لک رپين جو رمضان پيڪيج ڏنو هو.

