خاص

ڪوٽڙي ۾ يگاني علي بابا جي مزار اڳيان وڻ وڍڻ خلاف مظاهرو

سنڌ جي يگاني ڪردار علي بابا جي مزار جا وڻ وڍڻ ۽ مزار کي نقصان رسائڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻولهاڙي جي اديبن نوجوان شاعر ديدار شام، خالد ناريجو، نياز ڏيپر، سرمد سنڌي، غلام شبير ساند علي بابا جي مزار تي گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، نوجوان شاعر، قومپرست اڳواڻ ديدار شام چيو آهي ته علي بابا سنڌ جو سورمو ۽ عاشق آهي ان جي مزار تان وڻ وڍڻ ۽ مزار کي نقصان رسائڻ جي ايف آءِ آر ڪٽرائينداسين، جنهن جي سلسلي ۾ سڀاڻي سمورا اديب ٻولهاڙي ٿاڻي تي گڏ ٿيندا.