بلاگنئون

همعصر دور ۾ لطيف جا مثالي ڪردار

جديديت پڄاڻان کي ڇڙواڳي جي دور جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. جتي مرڪز، مفھوم، وحدت، مها بيانيو، نظريا، رياست، قوميت، مذهب، ادب، تصوف سڀ ڪجھ لڙهي ويا آهن، انسان جي وهندڙ واھڙ ۾ ”ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي ھاتڪ ھٿ وجھن“ جهڙي حالت ٿي پئي آهي.
اهڙي سماجي الميي ۾ انسان جو پرسڪون جئيدان رڳو تصوف جي دستبرداري ۾ لڪل نظر اچي ٿو. جتي انسان جديديت پڄاڻان کان اڳ واري ساڳئي زرعي سماج جي پرسڪون زندگيءَ گذاري سگهي ٿو.
ڇڙواڳي جي دور ۾ جتي خود غرض، سرمائيداري نظام جي ڊڪ ڊوڙ، ڀيڙ، نفسانفسي، عياشي جي وکر لاءِ پريشان انسان تمام زرعي سماج جا قدر، لاڳاپا، فطرت سان ويجهڙائي جو تعلق وڃائي ويٺو آهي، اتي لطيف جو مثالي انسان پنهنجي دستبرداري جي طريقت مطابق سادگي جي پرسڪون زندگي باآساني گذاري سگهي ٿو.
ڇڙواڳي جي دور ۾ انسان خواهشن ۽ مادي سهولتن جي اڻ کٽ ڄار ۾ ڦاسي پوي ٿو. اتي تصوف جي خواهشن تان دستبرداري ڪافي معقول ثابت ٿي سگهي ٿي.
صوفي درويشن زرعي سماج ۾ اهڙي ترڪ سماج جي اصول تي عمل ڪيو، جنھن جي اڄوڪي ڇڙواڳ دور ۾ ڪيتري نه اهميت واضح نظر اچي ٿي.
سوال اهو آهي ته صوفي شاعر هر دور ۾ ترڪ سماج تحت وقت جي بادشاهن کان پري ڇو رهيا؟ ان سماج جو عملي طور حصيدار ڇو نه رهيا؟
ڀٽ، درازا، گنجو ٽڪر، انهن جو تڪيو ڇو بڻيو؟ هڪ جواب هي مناسب جواب ٿي سگهي ٿو ته ظالم، جابر ۽ ناپسنديده حاڪم هر دور ۾ رهيا آهن، سماجي ناانصافي، هٿرادو ڏڪار هر دور جو مسئلو رهيا آهن. شايد ان ڪري صوفين ترڪ سماج تي عمل ڪيو هجي يا ان شڪل کي وقت جي بادشاهن کان ناپسنديدگي جو اظهار سمجهي ڪيو ھجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صوفين وقت جي حاڪمن جي جبر جا انڪاري رهيا آهن. صوفي پنهنجي فڪر ۽ عمل ۾ مزاحمتي شاعر رهيا آهن. اها ٻي ڳالھ آھي ته اڄ جي دور جا گادي نشين صوفي ان روايت کي برقرار نه رکي سگهيا آهن، ترڪ سماج بدران تخت سماج جا پوئلڳ بڻجي رهيا آهن. اصل صوفي ڪردار مطابق سادگي سان رهڻ بجاءِ اشرافيه جو حصو بڻجي پيا آهن. اشرافيه جي هر عياشي ۾ شريڪ آهن.
اشرافيه طبقي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي طبقو سدائين تخت تي ويٺو آهي، هن ڪڏھن به عوام کي سک ۽ سلامتي مهيا نه ڪئي آهي، رڳو ناانصافي، ڪرپشن، بدانتظامي، مهنگائي، بدامني جو سبب رهي آهي.
سماج جي پڙهيل لکيل ماڻهن جن ۾ منشي، قاضي، پير، مولانا، مولوي، شاعرن، اديبن کي پنهنجو درٻاري بڻائي رکيو آهي.
صرف سچا صوفي شاعر اشرافيه کان الڳ، پري رهيا آهن.
افلاطون سچ چيو آهي ته حاڪم ڪڏهن به سٺا يا انصاف پسند نه ٿا ٿي سگهن، جيستائين هو هر شي جا مالڪ بڻيل آهن.
اڄ اها ڳالھ انساني تاريخ مان ثابت ٿي چڪي آهي. اڄ جا جديد سڌريل انسان به سٺا حڪمران بڻجي نه سگهيا آهن. ساڳئي ڪرپشن، بدانتظامي، مهنگائي، خودغرضي، عياشي، ظلم، ناانصافي ۾ ملوث آهن.
عوام اڄ به ساڳي مشڪل ۽ بدترين زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهي.
صوفي روايت جي باقيات طور اڄ به ڪجھ فرد وقت جي حاڪم کان پنهنجي ناپسنديدگي جو مختلف شڪل ۾ اظهار ڪن ٿا، جيئن باضمير فرد بالغ ووٽ نامنظور جو نعرو هڻي ٿو، چونڊ دوران پولنگ جو بائيڪاٽ ڪري ٿو. سڄي نظام کي نامنظور چوي ٿو. هر موقعي مهل تي اشرافيه ۽ ان جا طفيلي بڻيل درٻاري دانشمندن، اديبن، سول سوسائٽي جي فردن کي سچ چئي پنهنجا تعلقات ۽ مفاد وڃائي ويهي ٿو. قوم ۽ سماج جي بهتري خاطر ذاتي مفادن ۽ لاڳاپن جو نقصان برداشت ڪري ٿو. انهن موقعي پرست فردن کان پري رهي ٿو، جيڪي هر وقت ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿين ٿا.
ڪنهن به ڀوتار، ايم پي اي، ايم اين اي جي بنگلي تي لڙي نه ٿو وڃي، پنهنجي ذاتي مفادن جي قرباني ڏيڻ قبول ڪري ٿو.
ڪنھن به ڪرپٽ آفيسر جي مرڻي، پرڻي ۾ شريڪ نه ٿو ٿئي، جيڪي آفيسر سماج جي تباهيءَ جا ذميوار آهن.
جديد ڇڙواڳي جي دور ۾ هي ڪردار پڻ ماضيءَ جي صوفي ڪردارن جي روايت جا امين بڻيل آهن. جيڪي همعصر دور جي ميديا کان اوجهل بڻيل آهن، پر مستقبل ۾ شاندار ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪا هوندا.
لطيف جو مثالي انسان ڪالھ به ۽ اڄ به اشرافيه جي بدترين حڪومت خلاف مڪمل طور مزاحمت جي علامت بڻيل آهي. جيڪو ميڊيا تي ڀلي نه به اچي سگھي، پر تاريخ ۾ سندس مقام بلندترين آهي.
شاھ لطيف جا مثالي ڪردار ھمعصر دور ۾ به ڳولڻ سان لڀي سگهجن ٿا، جن ۾ سچ ڳالهائڻ تان جان جوکي ۾ وجهي قربان ٿيندڙن ۾ محرابپور جو صحافي مشتاق ميمڻ، ڪراچي ملير جو ناظم جوکيو، جان محمد مهر، پروفيسر محمد اجمل ساوند، قابل ذڪر آهن ۽ جابر سردارن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ لطيف جي زندھ مثالي ڪردار طور سامهون ايندڙن ۾ ام رباب چانڊيو، سنڌو نواز، عائشه ڌاريجو کي شمار ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪجھ اهڙا ڪردار به آهن، جيڪي پسمنظر ۾ رهي ڪري مثالي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جن ۾ استاد لغاري، محمد مٺل وقاصي، آمريڪا ۾ رهي ڪري لطيف جي پيغام کي دل سان سانڍيو ويٺو آهي.
سماج ۾ فڪر، عقيدت، علم، زبان ۽ ڌنڌي جي بنياد تي ڪيترائي فورم، تنظيمون موجود آهن، جن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، پريس ڪلب، سانا، گسٽا، تاجر برادري، وڪيل برادري، ميمڻ جماعت، سياسي پارٽيون، سول سوسائٽيون، انجمن ترقي پسند مصنفين، بزم روح رهاڻ، قابل ذڪر آهن، پر انهن مان ڪنهن هڪ به فورم کي مثالي فورم جو درجو حاصل ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي عملي ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي رهي نه وري اهي سماج ۾ ڪو قابل فخر ڪم سرانجام ڏئي سگهيون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي قيادت به مصلحت ۽ دنياسازي جو شڪار بڻيل آهي. تاريخ ۾ انهن فورمن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. اسان ڏسون ٿا ته مثالي ڪردار رڳو ڪجھ فردن يا شخصيتن ادا ڪري ڏيکاريو آهي، جن تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. جن ۾ ڪجھ نالا ماضيءَ قريب ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا، جن ۾ نور محمد لاکير، انگريزن جي دور جو هندو آفيسر واڌو مل، ڏيالداس، بسنت، اين جي وي، اديب رضوي، عبدالستار ايڌي، قيصر بنگالي، جج آفتاب ڳورڙ، صلاح الدين پنهور، آءِ بي اي سکر جو باني نثار احمد صديقي، مسعود لوھار، امداد سومرو، دودو چانڊيو، وسعت الله خان، حافظ نظاماڻي، جمن دربدر، نصرت سحر عباسي، ذوالفقار مرزا، ظفر جوڻيجو اسڪالر، جعفر احمد، زرعي ماهر ايڇ ايم پهنور شامل آهن، جن جي ڪم ۽ سچ ڳالهائڻ کي ڏسي ڪري کين کي لطيف جي مثالي ماڻهن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. وقت تي سچ ڳالهائڻ، زماني سازي، مصلحت کان انڪار، مزاحمت فرد جي ڪردار جون اهي چند شڪليون آهن، جن کي شاھ لطيف جي مثالي ڪردارن طور شمار ڪري سگهجي ٿو. افسوس جھڙي ڳالھ اها آهي ته سنڌ جي صحافين مان خاص ڪري حيدرآباد جي صحافين مان ڪو هڪ به اھڙو نالو سامھون نه ٿو اچي جنهن کي لطيف جي مثالي ماڻهو طور ڳڻائي سگهجي.
***