ايڊيٽوريلنئون

بل گيٽس جو پنهنجي 99 سيڪڙو دولت عطيي ۾ ڏيڻ جو فيصلو

            بل گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ ماڻهو بل گيٽس تازو اکيون کوليندڙ ڳالهه ڪئي آهي، “نه ٿو چاهيان ته جڏهن مران ته خلق چوي ته هن وٽ گهڻي دولت هئي” دنيا ۾ غير معمولي ماڻهو ٿورا هوندا آهن، جيڪي عام عوام جي خدمت جو جذبو رکندا هجن.

             اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ عبدالستار ايڌي ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جا نالا کڻي سگهجن ٿا، جن پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي محنت عام عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي. بل گيٽس پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ هڪ اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دولتمند ماڻهن جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي دولت معاشري تي خرچ ڪن. بل گيٽس جو پنهنجي دولت عطيي ۾ ڏيڻ جو هاڻوڪو فيصلو هن جو دليراڻو قدم آهي.

            هو دنيا جو پنجون امير ترين شخص آهي. اڄ کان پنجاهه سال اڳ، سال 1975 ۾ پال ايلن سان گڏجي هن مائيڪرو سافٽ ڪمپني جو بنياد رکيو، جلد ئي ان جي ڪمپني ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ۽ ٽيڪنالاجي صنعت جي هڪ وڏي قوت بڻجي وئي. بل گيٽس هڪ طرح ڄڻ ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا جي ماڻهوءَ طور پيدا ٿيو آهي. 13 سالن جي عمر ۾ هو ڪمپيوٽر پروگرامنگ سکي چڪو هو. اڳتي هلي پنهنجي دوستن سان گڏجي هن مائيڪرو سافٽ ڪارپوريشن جو بنياد وڌو ۽ نون پروگرامن کي متعارف ڪرائڻ جي ڪري آئي بي ايم شروع ۾ ئي لکين ڪمپيوٽر وڪڻي بي تحاشا ناڻو ڪمايو.

             1994 تائين مائيڪرو سافٽ ڪمپيوٽر جي دنيا مان ايترو ڪمائي رهي هئي جو تيل مان ٿيندڙ آمدني جا مالڪ به پويان رهجي ويا ۽ بل گيٽس دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو. بل گيٽس لاءِ اهو چئجي ٿو ته هن جون اهي عظيم ڪاميابيون سندس اڻ ٿڪ محنت، ڪوشش، لگن ۽ پنهنجي ڪم سان بي پناهه لڳاءُ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيون آهن. بل گيٽس ۾ مستقبل کي ڏسڻ جون حيران ڪن صلاحيتون آهن. 1993 ۾ هن ڪمپيوٽر ۽ ان سان تعلق رکندڙ ٽيڪنالاجي جي ترقي جون ڳالهيون ڪيون. انهيءَ سال اهي ڳالهيون ته حيران ڪندڙ هيون، پر نئين صديءَ ۾ انسانيت انهيءَ کي عمل پذير ٿيندي ڏٺو. بل گيٽس 1993 ۾ بي بي سي جي سائنس پروگرام “Horizon” ۾ ڪمپيوٽر جي ايندڙ دور متعلق ڳالهه ڪئي: “هي انفارميشن جو دور آهي، ۽ ڪمپيوٽر انهيءَ معلومات جو هڪ اوزار آهي. ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ئي انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪندو ته اسين انهيءَ سڄي معلومات کي ڪيتري آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهون ٿا.”

             مئي 1995 ۾ بل گيٽس جي مستقبل ۾ گهري نظر ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن هن مائيڪرو سافٽ ڪمپني جي اعليٰ عهديدارن کي هڪ پيغام ڏنو، جنهن جو عنوان هو “انٽرنيٽ جون لهرون”. اڄ دنيا جا سڀ ڪاروبار ۽ سڄي معاشي ۽ مالياتي ترقي جو بنياد انٽرنيٽ آهي. پنهنجي انهيءَ بلاگ پوسٽ ۾ هن بل گيٽس فائونڊيشن لاءِ 3 اهم هدف تجويز ڪيا آهن. انهيءَ ۾ اهڙين وچڙندڙ بيمارين کي ختم ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي مائرن ۽ ٻارن جي موت جو سبب بڻجن ٿيون ۽ انهيءَ کانسواءِ مليريا ۽ ارڙي سميت ٻين پکڙجندڙ بيمارين جو خاتمو، پر سڀني کان دل ڇڪيندڙ ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا جي ڪروڙن ماڻهن جي غربت جو خاتمو ڪجي. هن چيو آهي ته هو پنهنجي فائونڊيشن جا ڪم ڪار 2045 تائين ختم ڪرڻ جا منصوبا رکي ٿو ۽ انهيءَ وچ ۾ ئي هو پنهنجي فائونڊيشن جي معرفت پنهنجي دولت عطيو ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي آڻيندو. هن شخص کي ڏسجي ته شايد هن اهو طئي ڪيو آهي ته بل گيٽس فائونڊيشن هن سماج مان ئي پئسو ڪمايو آهي ۽ هاڻي انهيءَ امانت کي سماج جي انهن ضرورت مند ۽ غريب ماڻهن تائين واپس پهچائجي جيڪي انهيءَ جا حقدار آهن.