بلاگنئون

ڇا سنڌ به ڪڏهن روشن ٿيندي؟

وسيلن جي حساب سان ملڪ جي چئني صوبن تي نظر ڦيرائجي ته سنڌ صوبو پهرين نمبر تي نظر اچي ٿو. قدرتي وسيلن سان مالا مال هي صوبو تقريبن پوري ملڪ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو بيٺو آهي. ٽيڪس ڪليڪشن هجي، بندرگاهن جي ڳالهه ڪجي، معدنيات جي ڳالهه ڪجي، گئس جي ذخيرن جي ڳالهه ڪجي، هاڻي ڪوئلي تي پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي ڳالهه ڪجي. سڀ کان وڌيڪ حصو ملڪ جي اڪانامي ۾ سنڌ صوبي جو آهي. واپسيءَ ۾ سنڌ صوبي جي عوام کي ڇا ٿو ملي؟
پيپلز پارٽي جي گورنمينٽ!! جيڪا گذريل سورهن سالن کان مسلسل صوبي تي حڪومت ڪندي رهي آهي. ايندڙ پنجن سالن جي لاءِ پڻ کيس حڪومت ڪرڻ جو اختيار مليل آهي، پر صوبي جي عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. آزاد ڪشمير جي عوام کي بجلي ۽ اٽو انتهائي سستي اگهه تي گورنمينٽ آف پاڪستان ڏئي رهي آهي، پر سنڌ ۾ بجلي صوبي جي ضرورت کان وڌيڪ پيدا ٿيڻ جي باوجود عوام کي فائدو حاصل نٿو ٿئي ۽ سنڌ حڪومت چپ سبيو ويٺي آهي. جڏهن ڪڻڪ جو فصل آبادگار کان گهٽ قيمت تي فلور مل مالڪ کڻي ٿو ان وقت به حڪومت خاموش آهي ۽ جڏهن اهو ئي فلور مل مالڪ ڪڻڪ جي اناج کي پيهي اٽي جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه تي موڪلي ٿو، ان وقت به سنڌ سرڪار خاموش آهي. اليڪشن کان پهرين پيپلز پارٽي جي چيئرمين دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ جي عوام کي 300 يونٽ مفت بجلي شمسي توانائي ذريعي ڏني ويندي، پر واعدي جي بيوفائي ڪرڻ ڪير سياسي اڳواڻن کان سکي!! ساڳئي وقت جڏهن اسان پنجاب طرف نهاريون ٿا ته پهرين کان بهترين صوبو اڃان به وڌيڪ بهترين ٿيندي نظر اچي ٿو. پنجاب جي حڪومت عوام الناس کي سهولتون ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿي. هن وقت به ايئن ئي ٿيو آهي. تعليم جو ميدان هجي يا شمسي توانائي ذريعي ماڻهن کي بجلي مهيا ڪرڻ جو منصوبو اٽي جي قيمت پڻ سرڪاري طور مقرر ڪئي وئي آهي. ڇو ته اتي جي آبادگار کي پڻ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه نه مليو هو. هاڻ پنجاب سرڪار چاهي ٿي ته سستي ڪڻڪ جو فائدو پنجاب صوبي جي عوام کي ملي. هونهار پنجاب جي نالي سان هلندڙ پروگرام جنهن ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ هوشيار ۽ غريب شاگردن کي 24 هزار رپيا في سال تائين اسڪالرشپ ڏيڻ جو احسن قدم به پنجاب حڪومت کڻي چڪي آهي ۽ هاڻي هو روشن پنجاب جو منصوبو پوري پنجاب ۾ شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. جنهن ۾ پنجاب جي عوام کي قسطن تي شمسي توانائي جو سسٽم لڳائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي. بينڪون پنجاب جي عوام کي سسٽم لڳائڻ ۾ ٿيندڙ خرچ جو 70 سيڪڙو بنا وياج جي قرض فراهم ڪنديون، ڏنل قرض جي واپسي پنجن سالن جي 60 ماهوار قسطن ۾ ورتي ويندي. انهيءَ عمل سان پنجاب جو عوام بجلي جي ڳرن بلن کان جان آجي ڪرائيندو، انهيءَ وٽ لوڊشيڊنگ پڻ نه ٿيندي جيڪا هن وقت به گهٽ ۾ گهٽ صرف پنجاب صوبي ۾ ٿي رهي آهي. هاڻي اچون ٿا پنهنجي صوبي سنڌ جي طرف جتي ٻهراڙين ۾ ته انڌيري جو راڄ آهي. 24 ڪلاڪن ۾ جيڪڏهن ٻه ڪلاڪ بجلي اچي ٿي ته ان کي به ٻهراڙي جو ماڻهو غنيمت سمجهي ٿو، پر صوبي جا وڏا شهر 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيدنگ جو عذاب ڀوڳي رهيا آهن.
جڏهن ته خود سنڌ جو وزيراعليٰ فرمائي ٿو ته سنڌ صوبو پنهنجي ضرورت کان ٻيڻي بجلي پيدا ڪري رهيو آهي. پوءِ “هاڻي وٽ کوٽا آهن يا ڦودني ۾ ڦير آهي” جو بجليءَ جي گهڻي پيداوار هوندي به سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ اونداهي ۾ ٻڏل آهن. سنڌ جي صوبائي حڪومت ڀلي ماڻهن کي مفت شمسي بجلي فراهم نه ڪري، پر گهٽ ۾ گهٽ پنجاب صوبي وانگر ئي بينڪن کي پابند ڪري ته جيئن اهي سنڌ جي عوام کي بنا وياج جي قرض ڏين ته جيئن غريب ۽ وچولو طبقو پنهنجن گهرن کي شمسي توانائي جي بجليءَ سان روشن ڪري سگهي ۽ هو به پنجن سالن اندر حڪومت طرفان ڏنل قرض کي قسطن ۾ واپس ڪري سگهي. هڪ ته ماڻهن کي 24 ڪلاڪ بجلي ميسر هوندي ۽ ٻيو سندن جان هر مهيني ايندڙ ڳرن بلن کان پڻ آجي ٿي ويندي. ان سان سنڌ جو عوام هر مهيني اوور بلنگ جي عذاب مان به جان ڇڏائي ويندو. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه پنجاب ۾ ٿي سگهي ٿو ته سنڌ حڪومت کي اهڙن منصوبن جوڙڻ ۾ رڪاوٽ ڪنهن ڳالهه جي آهي شايد نيت جي کوٽ آهي.