ايڊيٽوريلنئون

پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي چولستان ڪئنال کي سنڌ لاءِ خطرو سمجهن ٿا

            جڏهن پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، سنڌ جون سياسي، قومپرست پارٽيون ۽ آبادگار فورم هر روز شهرن ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن ته چولستان ڪئنال ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي ذرخيز زمين پاڻي نه هجڻ جي ڪري بنجر بڻجي ويندي. ان سان گڏ هن وقت جي وفاقي حڪومت جي وڏي اتحادي جماعت پيپلزپارٽي پڻ انهيءَ منصوبي خلاف هڪ واضح موقف اختيار ڪري چڪي آهي. مطلب ته پوري سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ عوام سمجهي ٿو ته 6 ڪئنالن جي ڳالهه ڪري پنجاب جو مقصد صرف چولستان ڪئنال اڏڻ جو منصوبو آهي.

            ان منصوبي جي خلاف سنڌ جو عوام ۽ سنڌ جون سڀئي سياسي پارٽيون متفق ٿي چڪيون آهن. سنڌ جي سياسي قيادت ۽ عوام سمجهي ٿي ته اهو صرف پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ، پنجاب جي صحرا چولستان جي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ سڪائڻ جو منصوبو آهي. ان جي باوجود پنجاب ڪنهن به نموني طاقت جو استعمال ڪندي يا وفاقي حڪومت کي استعمال ڪندي اهو ڪئنال اڏڻ گهري ٿو. گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي سي سي واري اجلاس ۾ انهيءَ منصوبي تي تشويش جو اظهار ڪيو ويو. وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته هڪدم سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو ڇو ته ارسا جي قانون ۾ واضح لکيل آهي ته (ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ) يعني سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ انڊس ريور سسٽم مان ڪوبه ڪئنال نٿو ڪڍي سگهجي نه ئي ڪو بئراج اڏي سگهجي ٿو ته پوءِ بنا منظوريءَ جي هي منصوبو شروع ڪرڻ ملڪ کان سازش آهي. انهيءَ سازش کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. ٻيو سبب اهو آهي ته سنڌ سمجهي ٿي ته جيڪڏهن اهو ڪئنال ٺهي راس ٿي ويو ته سنڌ جي آباد ٿيندڙ زمين جو 50 سيڪڙو غيرآباد ٿي ويندو. سنڌ جي عوام جو وڌ ۾ وڌ انحصار زراعت تي آهي، اها زراعت ئي آهي جنهن جي وسيلي سنڌ جو غريب عوام ٻه وقت جي ماني کائڻ جي لائق آهي. جي ڊي اي جو اجلاس پڻ انهيءَ سلسلي ۾ پير پاڳاري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ نه صرف چولستان ڪئنال اڏڻ جي سخت مخالفت ڪئي وئي، پر سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري زمينون گرين انيشئيٽو کي ليز تي ڏيڻ جي پڻ ڀرپور مخالفت ڪئي وئي. جي ڊي اي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سرڪار وٽ زمينون آهن ته اهي سنڌ جي عوام جي ملڪيت آهن، انهن زمينن کي سنڌ جي هارين ۾ ورهايو وڃي. متنازع منصوبو چولستان ڪئنال جي ڪمانڊ ايريا 64 لک ايڪڙ زمين آهي، جيڪو سال ۾ 7.2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻندو. جڏهن ته ڪالا باغ ڊيم 6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکڻ وارو منصوبو هو. ملڪ جي سياسي تاريخ گواهه آهي ته جڏهن نالي واري صحافي سهيل وڙائچ خيبر پختونخواهه جي اي اين پي اڳواڻ خان عبدالولي خان کان انٽرويو ڪندي سوال پڇيو هو ته ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڇو ٿا ڪريو؟ ان وقت عبدالولي خان واضح چيو هو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهي پنجاب چولستان جي زمين کي آباد ڪرڻ گهري ٿو، جنهن سبب سنڌ سڪي ويندي ۽ خيبر پختونخواهه جا شهر ٻڏي ويندا. اسان پنهنجي عوام کي ٻڏڻ نه ڏينداسين. اهو انٽرويو هن وقت به انٽرنيٽ تي موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو عوام چولستان ڪئنال کي ڪالا باغ ڊيم جو متبادل سمجهي ٿو.

            سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته چولستان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪري خيبر پختونخواهه جا شهر جن کي ڪالا باغ ڊيم منصوبي ٺهڻ کانپوءِ ٻڏڻ جو خطرو هو انهن شهرن کي هاڻي خطرو نه ٿيندو، پر چولستان ڪئنال سنڌ کي يقينن غير آباد بڻائي ڇڏيندو. انهيءَ ڪري هاڻي چولستان ڪئنال جو خطرو سنڌو سنئون سنڌ جي عوام کي آهي. ٿي سگهي ٿو خيبر پختونخواهه جو عوام سنڌ جي عوام سان ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪرڻ وانگر گڏ نه هجي، صرف اخلاقي طور سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏئي، هاڻي ان منصوبي کي رد ڪرڻ جو سمورو بار سنڌ صوبي جي مٿان آهي. سياسي جماعتون الڳ الڳ ان جي مخالفت ضرور ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن اهي گڏجي پاڻ ۾ صرف هڪ نقطي جي ايجنڊا تي گڏ ويهي ان منصوبي جي مخالفت ڪنديون ته يقينن وفاقي سرڪار کي اهو منصوبو رد ڪرڻو پئجي ويندو. ڪم مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن نه آهي. جيڪڏهن اهو منصوبو رد نٿو ٿئي ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ ممڪن آهي ته عام ماڻهو کي پنهنجي گهر جي استعمال لاءِ پاڻيءَ جي لاءِ به تڪليف درپيش اچي. هڪ اهڙي منصوبي کي جيڪو صرف پنجاب جي حق ۾ هجي ۽ ٻئي صوبي جي پاڻيءَ جي حق تلفي ڪري جوڙيو وڃي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي وجود جي لاءِ بهتر نه ٿيندو.