انساني تاريخ جي هر دور ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ هڪ جنگ رهي آهي ۽ هر جنگ جي مرڪز ۾ طاقت جو حرص هوندو آهي. جديد دور ۾ جتي ڊجيٽل دنيا معلومات جي پکيڙ جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، اتي “جعلي خبرون” صرف هڪ سماجي مسئلو نه رهيون آهن، پر هڪ سياسي اوزار بڻجي ويون آهن. پاڪستان ۾ منظور ٿيل PICA ايڪٽ ترميمي بل 2025 پڻ انهيءَ پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ٿو، جتي هڪ طرف جعلي خبرن کي روڪڻ لاءِ سنجيده ڪوشش طور پيش ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ان تي اظهار جي آزادي تي پابندين جا الزام لڳايا پيا وڃن. جعلي خبرون هڪ اهڙو سماجي ڪينسر آهن، جيڪو نه صرف عوام کي گمراھ ڪن ٿيون، پر سماجي انتشار، خوف ۽ عدم استحڪام جو سبب به بڻجن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن ذميوار حڪومت جو فرض آهي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، جيئن عوام کي هڪ صاف، شفاف ۽ محفوظ معلوماتي ماحول فراهم ڪري سگهجي.
PICA ايڪٽ ترميمي بل جي حمايت ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو جعلي خبرن جهڙي خطرناڪ رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. جڏهن ڪوڙ ۽ سازشون هڪ حقيقت جي شڪل وٺن ٿيون ته ان جو اثر رڳو فردن تي نه، پر سماج جي بنيادي ڍانچي تي پوي ٿو. هڪ ڊجيٽل معاشري ۾ جتي هر شخص وٽ معلومات پکيڙڻ جو اوزار موجود آهي ته اهڙي قانون سازي سماجي توازن قائم ڪرڻ لاءِ لازمي آهي. هن بل تحت جيڪي قدم کنيا ويا آهن، اهي جعلي خبرن جي خلاف هڪ منظم نظام جوڙڻ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا. خاص طور تي سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي جو قيام، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڪنٽرول جي ضرورت آهي، ڇو ته اهي پليٽ فارم گهڻو ڪري ضابطي وارن قدمن کان آزاد آهن ۽ جعلي خبرون بيحد آسانيءَ سان پکڙجن ٿيون.
جعلي خبرن لاءِ سخت سزائون ٽن سالن تائين قيد ۽ 20 لک رپين جو ڏنڊ هڪ مضبوط پيغام ڏئي ٿو ته ڪوڙ ۽ عوام اندر خوف پکيڙڻ جهڙا عمل برداشت نه ڪيا ويندا. پاڪستان جي نظريي جي خلاف ۽ حساس ادارن تي تنقيد کي روڪڻ لاءِ قدم سماجي هم آهنگيءَ لاءِ ضروري آهن. اظهار جي آزادي هڪ بنيادي انساني حق آهي، پر هر حق جي هڪ حد هوندي آهي. جڏهن اظهار آزادي سماجي انتشار، ڪوڙ ۽ نفرت جي پکيڙ جو ذريعو بڻجي وڃي ته ان کي ضابطي ۾ آڻڻ ضروري ٿي پوي ٿو. آزاد سماج ۾ اظهار جي آزاديءَ کي اجايو استعمال ڪرڻ سان سچائيءَ جي حقيقي تعريف ميسارجي سگهي ٿي.
PICA ايڪٽ جي منظوري انهيءَ حقيقت کي قبول ڪري ٿي ته اظهار جي آزادي کي بچائڻ لاءِ ان کي ضابطي هيٺ آڻڻ ضروري آهي. جيڪڏهن هر ڪو فرد پنهنجي مرضيءَ سان ڪوڙ پکيڙي ۽ ان کي اظهار جي آزادي سڏائي ته ان جو نقصان رڳو هڪ فرد کي نه پر سموري قوم کي ٿئي ٿو. هن بل جي تنقيد باوجود ان جي عملي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ مواد جي نگراني ۽ جعلي خبرن خلاف ڪارروائي لاءِ هڪ ادارتي ڍانچو ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي. سائبر ڪرائيم ونگ جي جاءِ تي هڪ خاص تحقيقاتي اداري جو قيام ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته حڪومت جعلي خبرن کي سنجيده مسئلو سمجهي ٿي. جعلي خبرن خلاف هي قانون انساني اخلاق ۽ معاشري جي استحڪام لاءِ هڪ قدم آهي. جيڪڏهن ڪوڙ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم نه کنيا ويندا ته اهو سچائي جي واٽ کي مشڪل بڻائي ڇڏيندو. جيئن افلاطون چيو هو، “سچ کي ڳولڻ هر فرد ۽ رياست جو فرض آهي.” هن قانون کي ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته اهو سماجي سچائي ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
جعلي خبرن خلاف PICA ايڪٽ ترميمي بل 2025 هڪ ضروري، پر تڪراري قدم آهي. ان جي حمايت ان بنياد تي ڪئي وڃي ٿي ته ڪوڙ ۽ حقيقت جي وچ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ادارن کي ذميواري ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن هن قانون تي انصاف سان عمل ڪيو وڃي ته اهو پاڪستان ۾ نه صرف سچائي جي واڌ ويجھ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پر هڪ منظم ۽ پرامن ڊجيٽل معاشري جو بنياد به وجهندو.