ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڪيداريءَ ماءُ

ڪهاڻيڪار: ڪالڪي ڪرشنا مورتي
ٿلھ: ھاڻوڪن ڏينھن ۾ جڏھن مون اخبارن منجھ “امامي اپالم” (ماسيءَ جا پاپڙ) جا اشتھار ڏٺا ته دنگ رھجي ويس. ڇو جو مون کي ڀاگيرتي ماسي ياد اچي وئي ھئي. جڏھن مون کي سندس دادلي پٽ ۽ پنھنجي گھاٽي دوست ڪيداريءَ جي بي وقتي موت جو خيال دل تي تري آيو ته منھنجي سڄي سرير ۾ بيچينيءَ جو دورو پئجي ويو. ڪير سوچي به سگھيو پئي ڇا ته ڪيداريءَ جو انجام، اھو ٿيندو!؟!؟ جڏھن، اھڙا ڪي واقعا دل تي تري ايندا آھن ته انسانيت تان ئي اسان جو ايمان لُڏي ويندو آھي ۽ تقدير جي جبر تي يقين پڪو ٿيڻ لڳندو آھي.
جڏھن ڪيداري، روڳي ٿيو ته چينائيءَ جو ڪھڙو مشھور ڊاڪٽر ھو، جنھن کيس نه ڏٺو ھو! ليڪن، ڪير به ڪيداريءَ جو مرض ڳولي نه سگھيو. مڙئي، ھر قسم جي روڳن ۽ انھن جي پيچيدگين جو بيان ڪندا رھيا ۽ دوا درمل به ڪندا رھيا، ليڪن ڪيداريءَ کي بچائي ڪونه سگھيا. ھو مري ويو. پنھنجي سمورن سنگتين ۽ مِٽن مائٽن کي حيرت ۾ ٽنگي ويو. جنھن جي ڪري ڊاڪٽرن تائين، مڙني جي بدنامي ٿي. “ڪٿان جي ڊاڪٽري آ؟! ڪھڙا ان جا اصول!؟ ۽ ڪھڙا ڊاڪٽر!؟! سڀ بڪواس آھن!!” مڙني جي زبان تي اھو ئي ھو.
مان اھي ڳالھيون ان ڪري پيو لکان جو ھر ماڻھوءَ کي اھا سُڌِ ملي وڃي ته ڪيداريءَ جي معاملي ۾ نه ئي ڪنھن ڊاڪٽر جي ڪا غلطي ھئي ۽ نه ئي ميڊيسن جا اصول غلط ھئا. سندس تن- روڳ جو تعلق من- روڳ سان ھو… ۽ سندس من- روڳ، انھن مڙني روڳن جو نتيجو ھو، جن ۾ اسان جو معاشرو وڪوڙيل آھي. اھا ڳالھ ڊاڪٽرن جي سمجھ ۾ ڪٿان ايندي؟! سندس پياري امڙ ۽ سندس نوجوان ونيءَ تائين، ڪنھن کي به ان راز جي سُڌِ نه ھئي. سندس ڇتڙن جو يار، يعني سندس دل گھريو سنگتي، يعني مان ئي اڪيلو ماڻھو آھيان، جيڪو ان راز کان واقف ھئس. ڪيداريءَ جي موت وقت، مان ايڏو ته ڏکويل ۽ ٽٽل ھئس جو اھا ڳالھ ڪرڻ يا لکڻ، منھنجي وس ۾ ئي نه ھئي.
جي ھا! سندس ڪھاڻي، انتھائي ھيانءُ ساڙيندڙ آھي… اسان منجھان ڪيترا ماڻھو، ڊراما ان ڪري ڏسڻ ويندا آھن ته جيئن ڏکويل جذبن کي محسوس ڪري سگھن… پر حقيقي حياتيءَ ۾ اسان جون اکيون اھڙن دکدائڪ واقعن جو مشاھدو ماڻڻ ۾ ناڪام ئي رھنديون آھن، جيڪي اسان جي اکين اڳيان ايندا رھندا آھن. بھتر ٿيندو ته اھڙا ماڻھو، ڪيداريءَ جي ڪھاڻي، پڙھن ئي نه.
(۱)
ڪيداريءَ جي يادگيري ۾، سندس پيءُ جي ڪا به تصوير سانڍيل نه ھئي. ڪيداري اڃا ٽن سالن جو ھو جو سندس پيءُ پنھنجو گھر ۽ شھر ڇڏي، ھليو ويو ھو. ھڪڙي من موھڻي ڊراما آرٽسٽ جي ڄار ۾ ڦاسي، سندس پيءُ پنھنجي نوجوان وني ۽ ٽن سالن جو پٽ، نڌڻڪا ۽ بي سھارا ڇڏي، ڀڄي ويو ھو. ھڪڙي ڊگھي عرصي تائين اسان کي سندس باري ۾ ڪو به پتو کرو نه ھو. جڏھن ڪيداريءَ جي پرڻي جون ڳالھيون چُريون ته اھي سموريون ڳالھيون ڪيداريءَ- ماءُ واتان معلوم ٿيون.
ماسي ڀاگيرتيءَ جڏھن ڪيداريءَ کي چيو ته؛ ‘وڃ! ان ڇوڪريءَ کي ڏسي آءُ، جنھن سان تنھنجو پرڻو ٿيڻ وارو آھي!’ تنھن تي ھن چيس؛ “جيڪڏهن تو ڳولي آهي ۽ مون لاءِ پسند ڪئي اٿئي ته پوءِ ٺيڪ ئي آهي. جيڪڏھن تون چوندينءَ ته مان رنڙ سان به پرڻبس.”
ٽوڪيومانس؛ “ٻيو ڇا کپئي ماسي! ھن ڪلجڳ ۾ تو کي ٻيو ڪو اھڙو ماڻھو ڪو نه ملندو. ھاڻ تون ئي فيصلو نبير!”
ڀاگيرتيءَ امڙ، ھڪ نه ٻڌي. چي؛ “جڏھن ڪيداري، ڇوڪريءَ کي نظر مان ڪڍندو ۽ چوندو ته اھا ڇوڪري کيس پسند آهي، مان تڏھن ئي پرڻي جي تٿ ٻڌندس.”
ان کانپوءِ، پاڻ سڀ ڪجھ ٻڌايائين، جنھن ۾ ڪيداريءَ جي پيءُ جي ڪھاڻي به ھئي…
“اسان وٽ اھڙا پرڻا پيا ڏھاڙي ٿين، جن ۾ ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جي مرضي پڇي ئي نه ويندي آهي. جنھن جي نتيجي ۾ سندن حياتيءَ ۾ به ڀانت ڀانت جون پريشانيون ڪَرُ کڻنديون رھنديون آھن. جڏھن ھن جي پيءُ، اسان کي ڇڏيو ته سڄي پاڙي وِڏون ڪڍيون. ان وقت ڪاوڙ سبب منھنجو ساھ به منجھي منجھي پئي ويو. چاليھارو ڏينھن تائين ته ھنڌ تان ئي اٿي نه سگھيس. بعد ۾ جڏھن اٿيس ۽ حالتن تي غور ڪيم ته اندازو ٿيم ته ان ۾ ھن جو ڪو قصور ئي ڪو نه ھو. منھنجو خيال آھي ته ھن مون سان پرڻو ڪرڻ ئي نه پئي چاھيو. منھنجو اھو به خيال آھي ته ھن دل جو اوڳر به ڪڍيو ھو ۽ مون کي پڪ آھي ته کيس مون سان پرڻي تي مجبور ڪيو ويو ھو. اسان ٻنھي، جيئن تيئن ڪري چار پنج سال گڏ ڪڍيا. ڏند ڪُرٽي ڪرٽي… پوءِ اھا ناٽڪڻ آئي ۽ ھيءُ به ڪڍ ھليو ويس.”
جڏھن ھوءَ پاڻمرادُو ايترو ٻڌائي چڪي ته مون ٿورو پاڻ سنڀالي، ٻيا به ڪجھ سوال پڇيامانس. جن سان اڃا وڌيڪ ڳالھيون کلي پيون. مون کي لڳي ٿو ته ڪيداريءَ جو پيءُ سندرا راما آئر، ھڪڙو سھڻو ۽ ڳڀرو شخص ھو، ۽ ڳائيندو به سريلو ھو. تن ڏينھين، ھو ترومنگلم جي پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ملازم ھو. رنگامني نالي واري ھڪڙي ڊراما اداڪاره، وسنديءَ ۾ پنھنجا ڊراما، اسٽيج ڪري رھي ھئي. ھڪڙي ڏھاڙي خبر ڇپي ته ڊرامي ۾ ايان (ھڪڙو داستانوي راجا) جو پارٽ، جنھن اداڪار کي نڀائڻو ھو، سو بيمار ٿي پيو آھي. جنھنڪري ان ڏينھن تي اھو ڊرامو، پيش نه ڪري سگھبو. ڪيداريءَ- پيءُ کي کيلَ ڏسڻ جو جنون ھو. ڊرامو، ورائي ورائي ڏسڻ جي ڪري، کيس اھو زباني ياد ٿي چڪو ھو. ٻيو ته ھيءُ ان جي مڙني گانن کي الٽو ڪري به ڳائي سگھيو پئي. تنھنڪري، وٽن وڃي چيائين؛ “مان راجا جو پارٽ ادا ڪندس.” ڊرامي جا ڪي راڳ، کين ڳائي به ٻڌايائين. رنگامني، راضي ٿي وئي. ڊرامو پيش ٿيو. پنھنجي اداڪاريءَ سان، ڪيداريءَ- پيءُ، مڙني کي حيران ڪري ڇڏيو. ماسي به ڏاڍو ٽَڏِي پئي. اھا ڊراما ڪمپني، جيترو وقت ترومنگلم ۾ رھي، ڪيداريءَ- پيءُ ڪمپنيءَ سان ئي رھيو. شھر ۾ افواھ ھيا ته ھن نوڪريءَ کان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي. ماڻھن ته اھو به چيو پئي ته ڊرامي واريءَ، کيس پنھنجي واسينگ زلفن سان ونگي، پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، ٻيو ته اھا کيس پاڻ سان وٺيو ويندي… پر ڀاگيرتي ماسيءَ، انھن مڙني ڳالھين کي مڃڻ کان مورڳو انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ ھڪ ڏينھن، اھا ڊراما ڪمپني، ڪُوچ ڪري وئي. ٻئي ڏھاڙي تي سندرا راما آئر به گم ٿي ويو. بعد ۾ اھا خبر پئي ته ڊراما ڪمپني، سريلنڪا ھلي وئي آھي ۽ ھيءُ به پٺيان وڃي پھتو اٿن.
ان کانپوءِ جي ڪا خبر ڪا نه پئي. ائين پيو لڳي ته اھا ڊراما ڪمپني سريلنڪا، برما، سنگاپور ۽ پينانگ وغيره جا دورا ڪندي رھي. سالن پڄاڻان، اھا چينائيءَ به آئي ھئي، پر تيستائين ڀاگيرتي ماسي، سندس باري ۾ سوچڻ صفا ڇڏي ڏنو ھو. سندس مڙني چاھتن جو مرڪز، ھاڻ ڪيداري ئي ھو.
جڏھن ڀاگيرتي ماسيءَ جي پيءُ ٻڌو ته کيس ڇڏي ڏنو اٿن ته ھو ترومنگلم آيو ۽ کيس ساڻُ ڪري، ڳوٺ وٺي ويو. سندس ڪمائيءَ جا وسيلا محدود ھئا. ٻيو ته ڀاگيرتيءَ کان علاوه کيس ٻيو اولاد ڪو نه ھو. پنھنجي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پنج ڇھ سال رھيا. پوءِ ڪيداريءَ جي پڙھائيءَ جي خيال کان، تريچوراپليءَ لڏي اچي رھيا.
(۲)
اھي سڀ ڄڻ ڪلھوڪيون ڳالھيون ھجن. تن ڏينھن، منھنجا پيءُ ماءُ، تريچوراپليءَ جي متروبوتم اسٽور ۾ رھندا ھئا. مان پھرئين درجي ۾ پڙھندو ھئس. اسٽور ۾ اسان جي گھر جي آمھون سامھون واري گھر کي چڱي وقت کان تالو لڳل ھوندو ھو. وري ھڪڙي ڏھاڙي خبر پئي ته اتي ڪير اچڻ وارو آھي ۽ مان سندن اچڻ جو تجسس سان اوسيئڙو ڪندو رھيس. ھڪڙو نانو، ھڪڙي ناني، ھڪڙي ماسي ۽ ھڪڙي ڇوڪري جي صورت ۾ اھي ماڻھو ٽين جي پراڻين پيتين، ڳوٿرن ۽ ٻئي سامان سميت اچي سھڙيا. مون کي اھا ڳالھ خاص طور تي ياد آھي؛ سونو ڪڙو پاتل، ويڙھيل چوٽيءَ واري مٿي تي ٽوپي پاتل ان ڇوڪري کي ڏسي، حيرت وچان منھنجي واڇ گودو ٿي وئي ھئي.
اھو ڇوڪرو، ڪيداري ھو. جڏھن ساڻس پھريون ڀيرو ڳالھ ٻولھ ٿي ته ھو مون کي وڻي ويو. ڳوٺاڻو ھئڻ جي ڪري، ھن ڳالھ ڳالھ تي حيرت ظاھر پئي ڪئي. پائيپ مان نڪرندڙ پاڻيءَ کي ڏسي، ٽھڪ ڏئي کلندو ھو. صبح ٽاڻي، ھو ٿايامونا سواميءَ تيرو منجنم جي لاءِ پاڻي آڻيندڙ ھاٿيءَ کي ائين اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندو ھو، جو لڳندو ھو اجھو سندس دوڏا پاکن مان نڪري، اچي ٻاھر ڪريا. ھو ھر ڳالھ تي، بنا بريڪ سوال پڇندو ھو ۽ انھن جا جواب به بي تُڪا ڏيندو ھو.
انھن ڪيداريءَ کي، منھنجي ئي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني ۽ ڪلاس به ان ۾، جنھن ۾ مان پڙھندو ھئس. ائين، اسان ٻئي پڪا يار ٿي وياسين. مان اوھان کي سچ سچ ٻڌايان ته مان پڙھائيءَ ۾ وچٿري درجي جو ھئس ليڪن راند روند ۽ واتوڙائپ ۾ سدائين پھريون نمبر رھندو ھئس. ان جي ڀيٽ ۾، ڪيداري پڙھائيءَ ۾ مڙني کان اڳتي ھو، ۽ ٻين ڳالھين ۾ صفا وچٿري درجي جو ھو… ھر اسڪول ۾ داٻو رکندڙ ڇوڪرن جو ھڪڙو ٽولو ضرور ھوندو آھي، جيڪي پڙھاڪو ڇوڪرن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون پيا ٺاھيندا آھن ۽ کين پيا پريشان ڪندا آھن، پر اسان جي اسڪول ۾، منھنجي ڀَوَ تتان، ڪيداريءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ ڪوبه اڳيان نه آيو.
تيروچيءَ ۾ اچڻ کان لڳ ڀڳ ٽن سالن پڄاڻان، ڪيداريءَ جو نانو گذاري ويو. وٽس جيڪو ڏوڪڙ پئسو ھو، جنھن سان ھن جي اسڪول جو خرچ پکو ٿيندو ھو، تيستائين سو به سمورو کپي چڪو ھو. ڳوٺ واري ٻني ٻاري تان جيڪو اناج ملندو ھئن، سو سندن پيٽ قُوتَ ۾ ئي مس پورو ھو. ھاڻي باقي رھيو وڃي گھر جي ڪرائي ۽ ٻين خرچ پکن جو مسئلو، سو حل ڪرڻ لاءِ، ماسيءَ ۽ نانيءَ پاپڙ ٺاھي وڪڻڻ شروع ڪيا ھئا.
ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي جو صفا اوپرن ماڻھن ڏانھن اسان جي دل ڇڪجي ويندي آھي. خبر ناھيم ته اھو شايد ان لاءِ ھوندو آھي جو پھرين ملاقات، تمام وڏو اثر وجھندي آھي… پر ٿيو ائين جو ڀاگيرتي ماسيءَ ۾ اھڙي پنھنجائپ محسوس ٿيڻ لڳم، جھڙي پنھنجي سڳي ماءُ لاءِ به نه ڪندو ھئم. اسان جا پاڙيسري کيس ‘مُٺي’ ڪوٺيندا ھئا، يعني اڀاڳڻ، جنھن کي مڙس ڇڏي ويو ھجي. انھن ڳالھين، منھنجي دل ۾، سندس عزت اڃان وڌائي ڇڏي ھئي. مان پنھنجي سنگتين ساٿين کي، ڀاگيرتي ماسيءَ جا پاپڙ وٺڻ لاءِ، پارت ڪندو ھئس ۽ ائين سندس وِڪريءَ ۾، ماسيءَ جي مدد ڪندو ھئس.
ٿوري عرصي پڄاڻان، ناني به مري وئي.
ماءُ پٽ، ساڳئي گھر ۾ رھندا ھئا. ڪيداري، پنھنجي امڙ جو ھر چيو مڃيندو ھو ۽ سندس سموريون ڪلفتون دور ڪندو ھو. پوري چينائي راڄڌانيءَ ۾، ھر درجي ۾ پھريون نمبر ايندو رھيو. سندس ڪاميابيءَ تي ھڪ ڀيري مان ته ايڏو خوش ٿيو ھئس جو، ان سال امتحان ۾ پنھنجي فيل ٿيڻ جي شرمساري ئي وسري وئي ھئم.
(۳)
جيئن ئي ڪيداريءَ ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پرڻي لائق ڇوڪرين جي مائرن، ماڻس کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. سندس جاءِ تي ڪا ٻي ھجي ھا ته سوچي ھا؛ ھاڻ پاپڙن ويلڻ جي مصيبت مان آجائي ملندي. ۽ اھو سوچي ڪنھن ڇوڪريءَ سان سندس پرڻو ڪري ڇڏيو ھجي ھا… پر زندگيءَ جي سختين، ڀاگيرتي ماسيءَ کي جيڪي سبق سيکاريا ھئا، تن سان ھوءَ ڏاھي ٿي وئي ھئي. ان ڪري پير کوڙي چيائين؛ جيستائين ڪيداري بي اي نٿو ڪري، تيستائين سندس پرڻي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
تنھنڪري، ڪيداريءَ جي بي اي ڪندي ئي، ھوءَ سندس پرڻي جي ڳَڻَ ڳُوتَ ڪرڻ لڳي.
ڇا اوھان مني پورم جي زميندار کي ڪونه ٿا سڃاڻو! تن ڏينھن، ھو اسٽوڊنٽس ڪلب جو منتظم ھو. سو به تاڙيو ويٺو ھو ته ڪيداري سدائين پھريون نمبر ٿو کڻي، گھڻيئي تمغا به حاصل ڪيا اٿائين، شڪل شبيھ جي لحاظ کان به کيس وڻندو ھو ۽ قد ڪاٺ جي لحاظ کان به… تنھنڪري، ان ماڻھن آڏو پنھنجي مرضي ظاھر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پنھنجي ڌيءَ جو ھٿ، ڪيداريءَ جي ھٿ ۾ ڏيڻ جو پئي چيائين. جڏھن ڪيدرايءَ کان سندس راءِ پڇي وئي ته ان جواب ڏنو؛ اھو فيصلو امڙ ئي ڪندي. ڀاگيرتي ماسي به ھِرکجي پئي ته اھڙو ڀلو سَڱُ پيو ملي، پر سندس نظر پنھنجي نشانَ تي ئي کُتل ھئي. ٻي ڪا مائي ھجي ھا ته پنج ڏھ ھزار رپيا روڪ وٺڻ جو مطالبو ڪري ويھي ھا. ليڪن ڀاگيرتي ماسيءَ وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان چين؛ “روڪڙ پئسي جي ڪو کَپُ ڪونھي. اوھان بس پرڻو ڪري ڏيو ۽ جيڪو ڏيڀُ ڏيوڻ يا ڏاجو- پِڙو ڏيڻ چاھيو ٿا، سو پنھنجي مرضيءَ سارو ڏجوس… پر ايترو ڪيو جو منھنجي پٽ کي ولايت موڪليوس ۽ آءِ سي ايس ٿيڻ ۾ مدد ڪيوس.”
مون کي سُڌِ ھئي ته ماسيءَ جي مغز ۾، آءِ سي ايس جي خيال جو مانڌاڻ متل آھي. ڇو جو ھڪ دفعي مون کان، ان بابت سمورا تفصيل پڇي چڪي ھئي. سڄو پاڙو حيران ھو. ڪن ته ائين چئي به ٽوڪون ڪيس؛ “مائيءَ جي مڳي ته ڏسو! ھڪڙو پٽڙو اٿس، تنھن کي به ست سمنڊ پار پئي موڪلي!”
زميندار نرسمھا آئر، پڪن عقيدن وارو شخص ھو. ان ڪري پھرين ته ٿورو گھٻرائجي ويو. بعد ۾ ڪن اھم شاسترين ۽ عالمن سان صلاح مشورا ڪري، ان ڳالھ جي پڪ ڪيائين. سمنڊ پار سفر تي وڃڻ وارن لاءِ، شاسترين به گناھ جي توڙ جا رستا ڪڍي ٻڌايس، تڏھن مس وڃي ان مِٽِيءَ تي راضي ٿيو… پر منھنجو خيال آھي ته سندس راضي ٿيڻ جو اصل سبب ھيءُ ھو؛ “ڇا مون ۾ ايتري به ذھني سگھ ناھي، جيتري ھڪ عورت وٽ آھي!”
ڳالھيون پڪيون ٿيڻ کانپوءِ، ماسيءَ ڪيداريءَ کي چيو ته؛ “وڃ! ۽ انھيءَ ڇوڪريءَ کي ڏسي آءُ، جنھن سان تنھنجو پرڻو ٿيڻو آهي.” مان به ساڻس گڏ ويس. ان کي ڏسي مون کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته ڪيداريءَ جو پنھنجي ماءُ تي ڀروسو ڪرڻ ڪيترو نه درست ھو. ڇوڪري، طوطيءَ وانگر پَرين پُڇَين، ڏاڍي سھڻي ھئي. ڇا ته حسين جوانڙي ھئي. سندس عمر به تيرھن چوڏھن ورھيه کن جي ھوندي.
ھاڻ ويھي قصا ڪُٽڻ مان ڇا ورندو! ٿورن لفظن ۾ اھو آهي ته وڏي ٺاٺ باٺ سان پرڻو ٿيو. ورندي سال، ڪيداري انگلينڊ روانو ٿي ويو. کيس جھاز تي چاڙھڻ لاءِ مان ئي ممبئيءَ تائين ويس.
مني پورم جي ماڻھن گھڻو ئي گھريو ته ڀاگيرتي ماسي موٽي اچي ۽ ساڻن اچي رھي. پر ماسيءَ ھمت نه ھاري. سندس ھڪڙي ماسي يا پڦي ھئي جيڪا ٻه ٻار ڇڏي مري وئي ھئي، ماسيءَ انھن ٻارن کي ڳوٺان گھرائي ورتو. ھڪڙو ڌار گھر ڪرائي تي وٺي، کين پالڻ پوسڻ لڳي. پر پنھنجي پٽ جي گھر ۽ آڪھ جي عزت آبروءَ جو اونو ڪندي، ھن ھاڻ پاپڙ ٺاھي وڪڻڻ، بلڪل ڇڏي ڏنا ھئا.
(۴)
ڪيداريءَ کي ولايت وئي، اڃان ست اٺ مھينا مس گذريا ھوندا جو ھڪڙي ڏھاڙي مني پورم جي واليءَ جي گھران ھڪڙو ماڻھو مون کي وٺڻ آيو. مان اتي پھتس ته نرسمھا آئر، مون کي ھڪڙو خط ڏنو ۽ چيائين؛ “پڙھ!” اھو خط، رنگون کان ڪنھن سندرا راما آئر نالي موڪليو ھو. خط ۾ ان ڳالھ تي خوشيءَ جو اظھار ٿيل ھو ته اوھان پنھنجي ڌيءَ جو پرڻو، راقم جي پٽ سان ڪيو آھي. خط ۾ اھو به لکيل ھو ته تريچيءَ مان ڪو ماڻھو رنگون آيو ھو، جنھن کان سمورا حال احوال مليا ھئا. ٻيو اھو عرض ڪيل ھو ته جيڪڏھن ٿورا پئسا موڪلي سگھو ته مھرباني ٿيندي، جو مان پنھنجي وطن موٽڻ ۽ مڙني سان ملڻ ٿو چاھيان.
نرسمھا آئر، مون کان پڇيو؛ “تنھنجو ڇا خيال آهي شنڪر! اھو سڀ ڪجھ سچ ٿي سگھي ٿو؟”
“لڳي ته سچ ئي ٿو. وري به مان ھي کڻي وڃي ماسيءَ کان ٿو پڇان!” اھو چئي، مون خط پاڻ وٽ رکيو ۽ ماسيءَ سان ملڻ لاءِ، موڪلائي ھليو آيس.
ماسيءَ کي خط ڏيکاريم. منھنجو اھو انديشو ته خط ڏسي ھوءَ روئي پوندي ۽ وڏو بغاغو ڪندي، وھم ئي ثابت ٿيو. ڇا ھيءَ اھا ساڳي عورت نه ھئي، جنھن سيني تي جنڊ رکي، پنھنجي اڪيلي پٽ کي ولايت موڪليو ھو؟ خط پڙھڻ پڄاڻان چيائين؛ “ھا! ھيءُ ھٿ- اکر سندس آھن!” پوءِ ھوءَ ماٺِ ٿي وئي. وري جھٽ سوا سوچ ويچار ڪندي رھي. ھڪ اڌ دفعو، آھ به ڀريائين. سندس اکين مان ڳوڙھن جو ٽيپو به نه ڳَڙيو.
چيومانس؛ “ماسي! نرسمھا آئر چوي ٿو ته ھو کيس پئسا موڪلي ڇڏيندو.”
ماسي ٽپ ڏئي اٿي ۽ اندران وڃي پيتيءَ مان ڪرنسيءَ جا ڪجھ نوٽ کڻي آئي. اچي منھنجي ھٿ تي رکيائين. سندس ڪٺي ڪيل ڪل روڪڙ، اسي رپيا ھئي.
“شنڪر! ھيءُ اھي پئسا آھن، جيڪي مون پاپڙن مان ڪمايا ھئا. اھي سمورا، منھنجي نالي سان ئي کيس موڪلي ڇڏ! ھتان جو اتو پتو به موڪلجانس ۽ لکجانس ته سڌو ھتي ئي اچي.” ماسيءَ چيو.
ماسيءَ جو آواز ڏوگھريل لڳي رھيو ھو. جڏھن ته منھنجي اکين جا تنر، پاڻيءَ سان ڀرجي ويا ھئا.
جڏھن جڏھن به اھي واقعا ساريندو آھيان ته اڄ به منھنجي دل جو دھڪو وڌي ويندو آھي ۽ ھٿ ڏڪڻ لڳندا آھن.
ڏھن ڏينھن اندر، مني آرڊر واپس موٽي آيو. جنھن ايڊريس تي اسان مني آرڊر موڪليو ھو، اتان جواب آيو ھو. ڪنھن لکيو ھو ته مني آرڊر ملڻ کان اڳ ئي سندرا راما آئر وفات ڪري ويو ھو ۽ سندس ڪفن دفن انھن رسمن مطابق ڪيو ويو ھو، جيڪو لاوارث لاشن جي لاءِ ڪبو آھي.
ڀاگيرتي ماسيءَ ھڪ اھڙي مڙس لاءِ سوڳ ڪيو، جنھن جي شڪل ھن پنھنجي اکين سان پوين ارڙھن سالن کان ڏٺي ئي نه ھئي. ڏھين ڏھاڙي تي برھمڻ بيواھن لاءِ مخصوص ڪيل رسمون ادا ڪيون ويون، ۽ سندس مٿي جا وار، ڪوڙائي ڦٽا ڪيا ويا.
ماسيءَ اسان کي سختيءَ سان جھليو ھو ته؛ ان سلسلي ۾ ڪيداريءَ کي ڪجھ به نه لکجو. جڏھن وطن موٽي اچي ته پوءِ کيس ٻڌائي سگھو ٿا.
(۵)
جيئن آسرو ھو، تيئن آءِ سي ايس ۾ به ڪيداريءَ، ڪاميابي ماڻي. اسان کيس سندس پيءُ جي موت بابت اطلاع جا تفصيل اھڙي نموني لکي موڪليا جو کيس صدمو نه ٿئي. ٻيو ته خط، ممبئيءَ واري سرنامي تي موڪليوسينس، جتي ھو پھچڻ وارو ھو. پوءِ اسان کي خبر پئي ته خط کيس مليو ئي نه. ڇو جو جھاز مان لھندي شرط، سڌو سنئون گھر پھچڻ واري ٽرين پڪڙي ھئائين.
پنھنجي موٽڻ جو ٽيليگرام، ھو مون کي موڪلي چڪو ھو. تنھن ڪري مان گھر جي دروازي تي سندس اوسيئڙي ۾ ويٺو ھئس. ھن اچي منھنجي ڳچيءَ ۾ ٻانھن ورائي وڌي ۽ مون کي ڀڪوڙ ڏنائين. پوءِ اٻھرائپ سان گھليندو، گھر ۾ گھڙيو. مان نٿو سمجھان ته ورانڊي ۾ ويٺل ماسيءَ کي، ھن ڏٺو ھو به الائي نه! يا ھو کيس سڃاڻي نه سگھيو. ليڪن ‘امان! امان!’ جون رڙيون ڪندو اڳتي وڌندو ويو.
مون پھريون ڀيرو ماسيءَ جي اکين مان ڳوڙھا ٽِمندي ڏٺا. مون چيس؛ “اڙي ڪيداري! ڇا ٿيو اٿئي؟ امان ته ھتي ويٺي آ! تون ڪاٿي ٿو ڳولينس پيو.”
ڪيداري موٽي آيو. ڀاگيرتي ماسيءَ کي چِتائي ورجائي ڏٺائين، جيڪا اڇي ساڙھي پايون منجھس پنھنجو روڏو مٿو، لڪايو ويٺي ھئي.
“اي امان!” زور سان رڙ ڪري اتي ئي ويھي رھيو… ھن پنھنجو ٻوٿ، ٻنھي چنبن ۾ لڪايو ھو.
ڪيداريءَ کي شديد بخار چڙھي ويو ھو. تروچراپليءَ جو ڪو ڊاڪٽر ڪو نه ڇڏيائين جنھن ڪيداريءَ کي نه تپاسيو ھو. ڪا دوا دارون نه ھئي، جيڪا کيس ڏيڻ کان رھجي وئي ھجي. .. ليڪن افاقو ٺپ نه ٿيو. سندس من ۾ به اھڙي ئي چوچڙي لڳي ھئي، جھڙي سندس تن ۾ لڳي ھئي. سندس ذھن، ھڪ ئي خيال تي اٽڪيو بيٺو ھو ۽ اھا ئي ڳالھ کيس ياد ھئي. مان جڏھن به ساڻس اڪيلائپ ۾ ھجان ته شروع ٿي وڃي؛ “شنڪر! ھيءُ ڪھڙا شاستر آھن؟ اھي شاستر، جيڪي اھڙي مڙس جي موت تي کين مٿو ڪوڙائڻ لاءِ چون ٿا، جنھن کين لاوارث ڪري ڦٽو ڪيو ھجي ۽ ارڙھن سالن تائين واپس ئي نه آيو ھجي!.. ھل! اھڙن شاسترن کي، ھلي باھ ۾ اڇليون!” ھو، اھا ئي رٽ لايون بيٺو ھو.
“ڏس شنڪر! منھنجي امڙ وڏي سياڻي آھي. اھا ڄٽپائپ واري اھڙي ڪڌي رسم کي مڃڻ لاءِ مور تيار نه ھوندي… ليڪن فقط منھنجي ڪري ئي ھن ائين ڪيو آھي. ڇا منھنجي شادي، وڏي خاندان مان نه ٿي آھي؟!اھڙي خاندان مان جيڪو پراڻين ڪڌين رسمن کي چچڙ وانگر چنبڙيو پيو آھي. انھن جي ملامت ۽ مذمت کان، امڙ اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ تي راضي ٿي ھوندي”
ھڪڙي ڏھاڙي، ٻه ڏھاڙيءَ وارا مزور، پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا اچي لانگھائو ٿيا. منجھانئن ھڪڙي چيو پئي؛ “اڄ مان جڏھن گھرئون نڪتس ته واٽ تي مٿو ڪوڙيل برھمڻي مُٺي منھن پئي ھئي، جنھن جي ڪري اسان کي ڏھاڙي نه لڳي آهي.” سندن اھو ڀُڻڪو، ڪيداريءَ جي ڪن تي به پيو.
“شنڪر! ٻڌئي! ماڻھو چوندا ھيا ته منھنجي امڙ جو منھن ڏسي دل جا سڀ دک درد دور ٿيندا ھئا. ھاڻ کيس ڏسڻ، ڇا نڀاڳ جي نشاني آھي؟” ھن روئندي، مون کان پڇيو.
مون کيس سڪون پھچائڻ لاءِ ڏاڍيون تسلي ڏيڻ واريون ڳالھيون ٻڌايون. پر ان موضوع کان سندس ڌيان مُور نه ھٽيو.
“منھنجي ڳالھ ٻڌ شنڪر! بس، مون نوڪري جام ڪري ڇڏي! ۽ ھيءُ خرافتون به گھڻيون ئي سَٺم. جي مان ٺيڪ ٿي ويس ته بس ھڪڙو ڪم ضرور ڪندس! مان انقلاب آڻيندس ۽ بيواھ ٿيڻ وارين برھمڻ عورتن جي مٿي ڪوڙائڻ واري ڪڌي رسم کي ختم ڪرائڻ جي مھم ھلائيندس. برادريءَ منجھ ساڻن اھو امتيازي سلوڪ ھاڻ اسان کان وڌيڪ سَٺو نٿو ٿئي.” ھن چيو.
شايد موت ۽ حيات جي مالڪ جي خود اھا مرضي نه ھئي ته ھڪڙو اھڙو ماڻھو، جنھن جو تعلق آءِ سي ايس جي حلقي سان ھجي، ان قسم جي حرڪتن ۾ ملوث ٿي وڃي. ڪيداري ٺيڪ نه ٿيو ۽ پنھنجي موٽي اچڻ جي ايڪيهين ڏھاڙي تي مري ويو…
ھن ھيانءُ ٽوڙ داستان ۾ صرف ھڪ ڳالھ اڃا ٻڌائڻي آهي. ڪيداريءَ جي سھري، مون کي چيو ته ڪيداريءَ جو ھڪڙو فوٽو کيس آڻي ڏيان. مون وٽ ھڪ ئي فوٽو ھو، جنھن ۾ ڪيداري ۽ مان گڏ بيٺا ھئاسين. مون ان مان ڪيداريءَ جي تصوير ڪٽي، ان کي فريم ڪرايم ۽ کڻي سندس گھر ويم. اتفاق چئجي ته ڪيداريءَ جي بيواھ به اک تي چڙھي وئي. مٿس نظر پوندي، منھنجي بُتَ ۾ سيئاندو پئجي ويو ۽ وار ڪانڊارجي ويا. اوھان کي ياد آھي ته مون کيس طوطي سڏيو ھو؟ ماڻھن ان طوطيءَ جو به مٿو ڪوڙي ڇڏيو ھو ۽ سندس مٿو ڍڪيل ھو.
(سنڌي روپ: انگريزيءَ مان ارجمند آراءِ جي ڪيل اردو ترجمي تان.)
***