ايڊيٽوريلنئون

ٽي ٽي پي صرف پاڪستان جي لاءِ نه، پر افغان طالبان لاءِ به هڪ خطرو آهي

ٽي ٽي پي جي پاڪستان ۾ مسلسل دهشتگرد ڪارروائين جي ڪري حڪومت کي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون. جنهن جو ايجنڊا صرف هڪڙو هو ته افغانستان پنهنجي سر زمين ٽي ٽي پي کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڪونه ڏيندو ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪندو، جنهن جو پهريون مرحلو 18-19 آڪٽوبر 2025 کانپوءِ ٿيو. جنهن ۾ هڪ آفيشل پريس رليز جاري ڪئي وئي، جنهن موجب ٻنهي ملڪن هڪ فورم جنگ بنديءَ تي رضا منديءَ جو اظهار ڪيو. ان کانپوءِ جلد ئي 25 آڪٽوبر 2025 تي استنبول ۾ ڳالهين ٻولهين جو ٻيو دور شروع ٿيو، جيڪو 30 آڪٽوبر تائين جاري رهيو.

ان کانپوءِ ڳالهين جو عمل 30 آڪٽوبر کان 6 نومبر تائين جاري رهيو، جيڪو ترڪيه جي ٽياڪڙيءَ سان شروع ٿيو، پر ڊيڊ لاڪ تي ختم ٿي ويو. جيئن ته افغانستان هڪڙو لينڊلاڪ ملڪ آهي جنهن وٽ ڪوبه سامونڊي رستو ڪونهي يا ان جي ڀرسان ڪوبه ويجهو پورٽ يا بندرگاهه ناهي، جنهن جي ڪري افغانستان عالمي تجارت ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي رستن ۽ بندرگاهن جو استعمال ڪري ٿو. ان حوالي سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن، ايندڙ دور جو في الحال ڪوبه پروگرام نه آهي پاڪستان جي وفد جو خالي هٿين اچڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪ به پوئتي هٽي ويا آهن هاڻي افغانستان مان وڌيڪ ڪابه اميد ناهي. جيڪڏهن پاڪستان جي مٿان حملو ڪيو ويو ته پاڪستان وٽ جوابي ڪارروائي ڪرڻ جو مڪمل جواز موجود آهي، في الحال جنگ بندي برقرار آهي.

خواجه آصف اها ڳالهه به ڪئي ته افغاني وفد اهو موقف اختيار ڪيو ته سندن زباني ڳالهين تي اعتبار ڪيو وڃي، هو لکت ۾ ڪابه گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ڳالهين دوران افغان وفد پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي، پر لکت ۾ ڪوبه معاهدو ڪرڻ لاءِ راضپي جو اظهار نه ڪيو. ان جو مطلب اهو آهي ته پاڪستان جي مٿان جيڪڏهن ٽي ٽي پي طرفان ڪوبه حملو ٿيو ته پاڪستان ان حساب سان رد عمل ڏيکاريندو، جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندو. هن وقت پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڪيترائي مسئلا ڪر کڻي بيٺل آهن، جن ۾ افغانستان پاڪستان جي سرحد ڊيورنڊ لائين کي عالمي سرحد مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ان سان گڏوگڏ طالبان جو حڪومت جي سرحد تي مڪمل فوجي يا انتظامي قبضو به ناهي. تنهنڪري ٽي ٽي پي جهڙا گروپ سرگرم رهن ٿا.

هينئر ڳالهين جي دوران ڏٺو وڃي ته دهشتگردي جا حملا رڪجي ويا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته طالبان ٽي ٽي پي کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا، پر شايد هو ٽي ٽي پي ڪنٽرول ڪرڻ نٿا چاهين. طالبان جو اصل مقصد افغانستان ۾ استحڪام ۽ سياسي قبضو مضبوط ڪرڻ آهي. پاڪستان پنهنجي ڳالهين ٻولهين دوران افغانستان کي هڪ کليل پيغام ڏنو آهي ته پاڪ افغان سرحد کي هاڻي مڃڻو پوندو اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان افغان مهاجرن کي هتان پنهنجي ملڪ روانو ڪري رهيو آهي ۽ انهن کي جن وٽ پاڪستان اچڻ جي لاءِ ڪو سبب آهي ته اهي پاسپورٽ تي ويزا لڳرائي پوءِ ايندا، جيئن هڪ ملڪ کان ڪوبه فرد ٻي ملڪ سفر ڪندو آهي. پاڪستان پنهنجا بارڊر في الحال بند رهيا آهن ته جيئن افغانستان کي احساس ٿئي ته پاڪستان مستقبل ۾ ان جي ضروريات کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترو اهم آهي.

ڏٺو وڃي ته ٽي ٽي پي طالبان لاءِ به ڪيترن ئي طريقن سان هڪ خطرو آهي. اهو نه صرف پاڪستان لاءِ، پر افغانستان جي طالبان حڪومت لاءِ پڻ اهم مسئلو بڻجي سگهي ٿو. ڇو ته ٽي ٽي پي جي موجودگي طالبان جي سرحدي انتظامي قابليت کي پيش ڪري ٿي ۽ گڏوگڏ پاڪستان جهڙي اهم پاڙيسري ملڪ سان ٽي ٽي پي جي ڪري افغان طالبان کي پنهنجا سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا خراب ڪرڻا پيا آهن. ٽي ٽي پي جي سرگرمين طالبان جي حڪمت عملين کي متاثر ڪيو آهي. ڇو ته سڄي دنيا ۾ ٽي ٽي پي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏني وئي آهي، پر افغانستان ان کي دهشتگرد تنظيم طور مڃڻ لاءِ اڃان تائين تيار ناهي، پر شايد انهن وٽ ايترا وسيلا يا اها مرضي شامل ناهي جيڪا اهو ڪامياب قدم کڻڻ لاءِ سندن مدد ڪري سگهي. ٽي ٽي پي جي سرگرم ٿيڻ ڪري افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي امداد ۽ ڊپلوميسي جا دٻاءُ به برداشت ڪرڻا پئجي سگهن ٿا. ايئن چئي سگهجي ٿو ته ٽي ٽي پي نه صرف پاڪستان لاءِ هڪ دهشتگرد گروپ آهي، پر ٽي ٽي پي افغانستان ۽ طالبان جي حڪومت جي لاءِ به هڪ گهڻ رخي خطرو آهي.

ان جي لاءِ ضروري آهي ته طالبان حڪومت هڪ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪري جنهن سان هوءَ ٽي ٽي پي کي قابو ۾ آڻي پاڪستان سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪري. ڇو ته طالبان هن وقت هڪ حڪومت قائم ڪري رياست جو ڪاروهنوار هلائي رهيا آهن ۽ رياست جون ضرورت پاڙيسرين سان پنهنجا سٺا تعلقات قائم ڪرڻ ۾ هونديون آهن.