اسان وٽ سنڌي ٻولي ۾ ڪيترن ئي اديبن ۽ ڏاھن ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي ۽ خاص ڪري آزادي کانپوءِ ھر صنف ۾ ھزارين ڪتاب لکيا ويا آھن، پر بدقسمتي سان اسان جو ادب ترقي جي انھن منزلن تي ناھي پھتو جيتري ترقي اسان جي پاڙيسري ملڪ ھندستان جي ادب ڪئي آھي. ھندستان جو ادب پوري دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ٿي پڙھيو وڃي ٿو، پر اسان جي سنڌي ادب جا ڪتاب شايد سنڌ جون سرحدون ئي مشڪل سان ٽپن ٿا. حالانڪه اسان وٽ تمام وڏن وڏن نالن لکيو آھي، ڪنھن جو نالو کڻي لکبو ته وڏو طوفان برپا ٿي ويندو، پر ان تي به ھڪ ڏينھن لکڻو ته پوندو!. في الحال ھن لکڻي ۾ اسان کي صرف اھو ڏِسڻو آھي ته ادب ڇو (۽ ڪيئن) ۽ ڇا لاءِ لکبو آھي. دنيا وارا اديب ڪيئن ۽ اسين ڪيئن ۽ ڪھڙي سمت ۾ لکندا رھيا آھيون.
ادب اظھار جو ذريعو آھي، انسان پنھنجي محبت، نفرت، مسئلن، تاريخ، ڪاميابين، ناڪامين ۽ ٻين موضوعن تي اوائلي دور کان ان جو اظھار ڪڏھن شاعري ته ڪڏھن ديو مالائي قصن ۽ ڪھاڻين ۾ ڪندو رھيو آھي. جڏھن لکڻ سکيو ته ھُن پنھنجي احساسن ۽ خيالن کي پنن تي آڻڻ شُروع ڪيو. دنيا جي ادب جي تاريخ پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان سڀ کان پھريان شاعري، خاص ڪري مذھبي قصن ۽ ڪھاڻين، لکڻ جي شروعات ڪئي. دنيا ۾ جيڪا به چيز لکبي ھئي، اھا شاعراڻي انداز يا شڪل ۾ لکبي ھئي. ايتري قدر جو ڪنھن دور ۾ حسابن جو علم پڻ شاعراڻه طرز تي لکبو ھو!. وقت سان گڏ تبديلون آيون ۽ ھر چيز جا قانون ۽ قائدا اچي ويا. اھڙي طرح شاعري ۽ ان جا قانون، ناول، ناٽڪ، قصا، ڪھاڻيون، افسانه، مضمون، تنقيد ۽ ادب جون ٻيون شڪليون ۽ انھن جي لکڻ جا قانون وجود ۾ آيا.
ادب جو اوائلي ڪم ته مذھبي ڄاڻ ڏئي انسان کي سيکارڻ سان گڏوگڏ ڊيڄارڻ ھو، پر وقت سان گڏ ادب جا ٻيا مقصد پڻ واضح ٿيندا ويا. ادب ھاڻي رڳو ڄاڻ ڏيڻ يا ڊيڄارڻ جو ذريعو نه ھو، پر تفريح، سرور، تنقيد ۽ اصلاح جو ذريعو پڻ ھو. ان کان علاوه حضرت انسان اھو به محسوس ڪيو ته ھو پنھنجي ٻوليءَ کي ادب لکڻ سان نه صرف زنده، پر ترقي پڻ وٺرائي سگھي ٿو. اھوئي سبب آھي جو اڄڪلھ، ھزارين ڪتاب لکيا ۽ پڙھيا وڃن ٿا، پر اھو واضح ڪجي ته ڪتاب ته سائنس، حسابن ۽ ٻين علمن جا به لکجن پيا ته ڇا اھي به ادب آھن؟ ته جواب آھي بلڪل نه، اھي صرف معلوماتي ڪتاب آھن، تفريحي نه. ٻيو ته ادب جي لکڻ جا پنھجا طور، طريقا ۽ قانون آھن. ھاڻي سوال آھي ته ادب ڇو لکيو ۽ پڙھيو وڃي؟
ان سوال جو ڪنھن قدر جواب ته مٿي ڏنل آھي، پر اڄ جي جديد دور ۾ انسان اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪو آھي. موبائيل فون جھڙي جديد تخليق انسان کي پنھنجي دوستن ۽ گھر وارن کان ڪٽي، اڪيلو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نفسياتي طور اڪيلو ۽ ٽُٽل آھي. ھن کي صلاح، مشورو، تفريح ۽ پنھنجي مسئلي جو حل کپي ٿو. ماڻھن وانگر، ننڍيون ٻوليون پڻ پنھنجي بقا جي جنگ وڙھي رھيون آھن. ننڍيون قومون پنھنجي ٻولي جي بچاءُ لاءِ تحريڪون ھلائي رھيون آھن. ھرڪو پنھنجي شناخت جي بچاءُ لاءِ ڪو نه ڪو قدم کڻي رھيو آھي. تنھنڪري دنيا جي مڙني ٻولين ۾ ادب سرچي رھيو آھيو.
پر اسان جو سنڌي ادب دنيا جي ادب جي مقابلي ۾ نالي ماتر لکڻ واري منزل کان اڳتي وڌي ‘سٺي ۽ معياري لکجڻ’ واري ڏاڪي تي اڃان نه پھتو آھي. اسان معياري ادب نه لکي رھيا آھيون. اسان جون لکڻيون، پاڪستان کان ٻاھر ڇا، پر سنڌ کان ٻاھر نٿيون پھچن، پر ان جي پٺيان به ڪيترائي سبب آھن. انھن کي ڏسڻو ۽ انھن جو حل ڪڍڻو پوندو، نه ته اسان فيس بڪ تي پيا لکنداسين ته اسان جي ڦلاڻي اديب کي ته نوبيل انعام ملڻ کپندو ھو، پر سنڌي ھو ان ڪري نه مليو. اھڙي ڪا ڳالھ ناھي، حقيقتون ڪجھ ٻيون آھن.
ھندستاني اديب دنيا جي ادب جي رڳ تي ھٿ رکي نوان لاڙا، موضوع ۽ ڪردرا کڻن ٿا. تازو ئي ارونڌتي راءِ جي لکيل آتم ڪٿا پوري دنيا جي ڪتاب گھرن ۾ ڇانئجي وئي آھي. توڙي جو اھو ڪتاب انگريزي ۾ لکيل آھي، پر تخليقي طور تي ھڪ انتھائي زبردست ۽ ايمانداراڻه لکڻي آھي جيڪا پڙھندڙن جي احساسن کي نفاست سان اھڙو ته ڇھي ٿي جو پڙھندڙ جا سيسراٽ نڪري ٿا وڃن. اھوئي ادب جو بنيادي ڪم آھي. اھڙيءَ طرح خوشونت سک، ششي ٿاروڙ ۽ ٻيا ڪيترائي ھندستاني اديب تمام معياري تخليقون ڏئي چڪا يا رھيا آھن. خوشونت سک ايڏو سٺو ۽ معياري لکيو، پر مرندو مري ويو، نوبيل انعام نه مليس، پر تنھن ھوندي به ھو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڙھيو وڃي ٿو ته اصل ڳالھ آھي معياري ادب لکي دنيا جي ادب جي نبض تي ھٿ رکڻ. اسان کي اھا اٽڪل يا ڏائن سمجھڻو پوندو.
ٻي ڳالھ آھي تخليقي ايمانداري ۽ سچائي جي حساب سان ڏٺو وڃي ته دنيا جا جيڪي لکاڙي تخليقي طور ايماندار ھوندا آھن، جيئن شيڪسپيئر ھو، لطيف ھو، ڪاليداس ھو؛ يا ھن دور ۾ ڪيترائي وڏا نالا آھن، اھي ماڻھو فڪري خيانت ناھن ڪندا. اھڙا ماڻھو اُن دور ۽ اُن دور جي پڙھندڙن جي سوچ، سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذھبي حالات تي وڏي طبيب وانگر نبض تي ھٿ رکي، ان جو مشاھدو ڪري، پنھنجي پوري ايمانداري سان اھڙو ته لکندا آھن جنھن جي گونج صدين تائين پئي گونجندي آھي. تنھنڪري معياري ادب ۾ ايمانداري ۽ اصلوڪيت جو ھجڻ انتھائي ضروري آھي، جيڪو اسان جي ادب خاص ڪري آزادي کانپوءِ واري ادب ۾ گھٽ ڏٺو ويو آھي.
ادب جي ان پھلوءَ تي ڪافي ماڻھن ماضي ۾ به لکيو آھي ۽ مستقبل ۾ به لکندا رھندا. اسان وٽ تنقيد جھڙي تعميري ڪم کي بيعزتي سمجھيو ويندو آھي، تنھنڪري شايد اسان جو سنڌي ادب دنيا جي باقي ادب کان گھڻو پوئتي آھي. باقي دنيا ۾ ھرڪو پنھنجي ڏاھپ موجب، پنھنجي ڌرتي ۽ ٻولي جي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو آھي. برطانيا جي ادب جو ئي مثال وٺون. انھن جا جانسن، ڊرائيڊن ۽ فلپ سڊني جھڙا ماڻھو ڇا ڇا نه چئي ۽ ڪري ويا آھن. تڏھن ته انگريزن جو ادب دنيا جو زرخيز ترين ادب سڏيو ويندو آھي ۽ پوري دنيا ۾ پڙھيو وڃي ٿو. اسان وٽ تنقيد کي خاص ڪري آزاد تنقيد کي برو سمجھيو وڃي ٿو. ان عمل ۽ خوشامدي جو نتيجو سڀني جي سامھون آھي.
اسان جو سنڌي اديب شخصي ۽ ذھني بحرانن ۾ رھيو آھي. ھو شايد پنھنجو پاڻ کي وساري ڪو ٻيو ٿي لکڻ چاھي ٿو. انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسان ھيمشه ‘پاڻ جي ڳولا’ ۾ رھيو آھي. سقراط، سچل ۽ ايمرسن جھڙا ڏاھا دانائي جون ڳالھيون ڪري ويا آھن جيڪي اڄ جو سنڌي اديب شايد وساري چڪو آھي يا ڄاڻي ٻجھي اھڙن سون ورنين گفتن کان پنھنجا ڇڄ جيڏا ڪن موڙي ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ کان لنوائي رھيو آھي. اروڙ جي ٿورو اوريان درازن جي مست سچل جڏھن نعرو ھنيو ھو ته: ‘مان جوئي آھيان سوئي آھيان، ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي’ ۽ ساڳي ڳالھ ھزارين سال اڳ استاد سقراط پڻ چئي ويو ھو ته اي انسان ‘پاڻ کي سڃاڻ.’ ان کانپوءِ جديد دور جي صوفي ايمرسن پڻ ‘خود شناسي’ جون ڳالھيون ڪيون ھيون ته اھي ڪي وائي بادي ڳالھيون ته ڪونه ھيون نه! ظاھري طور ته اھي سادڙا لفظ آھن، پر انھن ۾ وڏي اسرار ۽ راز واريون ڳالھيون آھن. بيشڪ انھن ۾ ‘عقل وارن جي لاءِ نشانيون آھن.’ انھن ڳالھين لکڻ جو مقصد اھو آھي ته ماڻھو ڏاھو تڏھن ئي سمجھبو آھي جڏھن ھو پنھنجو پاڻ کي سمجھي، سڃاڻي ۽ ان تي عمل ڪري ٿو. زرخيز ۽ لازوال ادب تڏھن ئي پيدا ٿيندو آھي.
اسان وٽ ڪھڙن ڏاھن ڪا نئين ڳالھ لکي دنيا جي ادب کي سنڌ جي ادب ڏانھن متوجهه ڪرايو آھي جو شروع ٿي ويا آھن ته اسان کي ادب جو نوبيل نه ته نوبلڙو ئي ڏيو، پر ڪجھ نه ڪجھ ڏيو ضرور! ممڪن آھي آئون غلط ھجان، پر آئون سمجھان ٿو ته لطيف کانپوءِ سنڌي ادب کي ڪنھن اگر ڪي نوان لاڙا، سورما، سورميون يا نعرا ڏنا آھن ته اھي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا صرف ڪجھ نالا آھن. انھن ۾ صوفي شاھ عنايت شھيد، سورھيه بادشاھ، جنرل ھوشو شيدي، مرزا قليچ بيگ ۽ سن وارو سيد شامل آھن، پر اھي به دنيا جي ادب سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي نٿا سگھن، پر تنھن ھوندي به انھن جا ڪتاب يا انھن بابت ڪيل ڳالھيون سنڌ جون سرحدون ضرور ٽپيون ھونديون. انھن ماڻھن کان علاوه اگر ڪنھن ماڻھو ڪا نئين شئي ڏني آھي ته لکڻ وارا انھن تي لکي ڀلي انھن کي نوبيل انعامڙو ڏيارين، اسان کي خوشي ٿيندي، اسان سرھائي ۾ چسڪيون ھڻي جمالو تي قلندر بڻجي رقص ڪنداسين!
چريا انگريز سياڻپ جون وڏيون ڳالھيون ڪري ويا آھن. مون کي ته لڳندو آھي تهExcess of anything is bad واري ڳالھ ھو اسان جي سنڌي اديبن جي گھڻي لکڻ واري عادت تي چئي ويا آھن. واقعي به اسان وٽ ڪجھ ماڻھن گھڻو ته لکيو آھي، پر ڇا سٺو ۽ معياري به لکيو آھي؟ ڇا گھڻا ماڻھو گھڻو ان ڪري ٿا لکن جو انھن کي پئسو ڪمائڻو آھي يا نالو ڪمائڻو آھي يا سياستدانن وانگر ٽڪي جو ڪم ڪري ٻڌائڻو آھي ته ‘ادب’ جي خدمت ٿا ڪيون، ٻولي جي خدمت ٿا ڪيون، قوم جو جذبو ٿا اڀاريون! اِھي اھڙا ڪم آھن جيڪي فطرت پاڻ ئي ڪرائيندي آھي. چاسر مري ويو ته ڇا شيڪسپيئر پيدا نه ٿيو ؟ شيڪسپيئر کانپوءِ به وڏا وڏا نالا آيا جيئن رومانوي دور جا شاعر آھن. ڪيٽس ته چوويھ، پنجويھ سالن جي عمر ۾ مري ويو! ڇا ھن جو نالو ناھي؟ ڇا ھن جي ھڪڙي سٽ منھنجي يا باگڙي جي لکين فيس بڪ پوسٽن کان وڌيڪ سھڻي ۽ سچي ناھي؛ Beauty is truth, truth beauty!!
سوال اھو آھي ته ڇا گھڻي لکڻ دنيا جي پڙھندڙن کي اسان جي ادب ڏانھن متوجھه ڪرايو آھي يا جيڪڏھن ڪرايو آھي ته ڪيترو؟ ان جو مون وٽ ته جواب منفي ۾ آھي، پر اصل ڳالھ جيڪا ھي فقير ڪرڻ ٿو چاھي ته جيڪا ڳالھ سقراط، سچل ۽ استاد ايمرسن ڪئي ته ‘پنھنجو پاڻ کي سڃاڻو ۽ نه صرف پنھنجي رستي، پر منزل کي به پاڻ سڃاڻي طئي ڪري ان تي ھلڻ شروع ڪيو!’ اھي وڏا نالا ائين ڪونه ٿيا آھن جو باگڙي ۽ مون وانگر ڪير گاھي راھو کان ٻاھر سڃاڻڻ وارو ئي نه ھجين! انھن جيڪو ڪجھ چيو ھو، ان تي ايتري شعوري ۽ ذھني ايمانداري سان عمل ڪري ڏيکاريو به ھو. ڇا اسان وٽ ان معيار مطابق لکيو ويو آھي؟
ان جو جواب آھي بلڪل به نه. اسان وٽ ته ڪم ئي ابتو آھي. معياري ۽ سٺو لکڻ جي بدران، اسان جا ماڻھو گھڻو ٿا لکن ۽ ٻيو ته ھندستاني اديبن وانگر دنيا جي ادب جي نبض تي ھٿ نٿا رکن. ان کان علاوه جيڪو وڏو مسئلو، آئون ته ان کي مرض چوندو آھيان، اِھو آھي ته اسان وٽ ماڻھن شيڪسپيئر، ڪاليداس، رومي، ٽيگور، سچل ۽ لطيف ته ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر پاڻ کي سڃاڻڻ جي بدران، پنھنجو پاڻ کي وساري ٻين جي ڇڏيل واٽ تي ليڪا پائڻ شروع ڪيا آھن، جيڪو سقراط، لطيف، سچل يا ايمرسن جي چوڻ کي پٺي ڏئي ھلڻ شروع ڪري، اھو سياڻو چئبو؟ ھا! بلڪل سياڻو چئبو اگر اھو ماڻھو انھن کان وڌيڪ سٺي راھ جو ڏس ڏئي ٿو. ڇو ته ڪل علم ۽ ڪل عقل ڪير به ناھي! علم ۽ عقل ڪنھن جي به ميراث ناھن. جيئن مون وارو مائٽ چئي ويو آھي ته ‘جيڪو کيڙي سو کائي!’ اسان جو ادب تڏھن منزلون چڙھندو جڏھن دنيا جا اديب اسان جي ماڻھن جي لکيل ڪتابن جا حوالا ڏئي لکندا ته فلاڻي سنڌي ماڻھو واھ جو ڪتاب لکيو آھي. في الحال ته اسان وارا ھمراھ وڏن ڏاھن جا نالا ۽ قصا ٻڌائي پاڻ کي وڏو لکاڙي ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ ملٽن وانگر پنھنجي ‘کاٻي ھٿ سان نثر’ ۽ سڀ ڪجھ لکي رھيا آھن! ۽ اھا ھڪ وڏي خوش فھمي کان وڌيڪ ڪجھ به ناھي ڇو ته جيڪڏھن ‘بيوقوفي’ لکندس ته گاريون ملنديون.
پر جيئن آئون مٿي لکي آيو آھيان ته اسان وٽ ھرڪو ٻئي جي ڳولھيل رستي کي پنھنجو رستو سمجھي ھلڻ شروع ٿو ڪري. اڙي بابا سائين اھو ته رستو اڳ ۾ ئي موجود ھو، ان تي ليڪا پائي توھان ڇا ٿا ٻڌائڻ چاھيو؟ پنھنجو رستو ڇو نٿا ڳولهيو؟ توھان سچل وانگر پنھنجا ‘پاڻ’ ڇو نٿا ٿيو، ‘اھڙا ڪم ڪريجي، جنھن وچ اللھ آپ بڻيجي.’
ان مان منھنجي مراد اھا آھي ته اسان نه صرف سچائي ۽ ايمانداري سان لکون، پر لکڻين ۾ پنھنجي شخصيت جا ٺپا پڻ ھڻون. پنھنجو نالو، پنھنجا ڪردار، پنھنجا ھيروز، پنھنجا مثال پيدا ڪيون. اسان اھڙو لکون جو دنيا جا اديب پنھنجي ڪتابن ۾ ٻين وڏن اديبن جي نالن سان اسان کي به جوڙين. اصل ڪاميابي تڏھن چئبي. باقي اگر توھان کي پئسا ئي ڪمائڻا آھن ۽ ٻين جي ڳولهيل رستن تي ليڪا ئي پائڻا آھن ته لکو سٺ ستر ڪتاب، ھو ميدان ھو گوءِ، پر پوءِ ٿيندو اھو جو باگڙي ۽ مون وانگر سڃاڻندوءَ پنھنجي ‘ڳوٺ گاھي’ راھو کان ٻاھر ڪير به نه ۽ غالب، اقبال يا ٽيگور تي ٿيل توھان جون ‘ٽوڪون’ قبر تائين ڪندئو پيڇو، پيارا، اديبو!