بلاگنئون

ٽريفڪ جا نوان قانون، پراڻا زخم، عوام جي مٿان بوجهه بڻجڻ لڳا

افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته اسان جو عوام صرف سياست يا مستقبل بابت فڪرمند ناهي، پر هو روزي روٽيءَ جي سادي سوال تي به بيوس بڻيل آهي. ٻن ويلن جي ماني، جيڪا ڪڏهن محنت سان ملي ويندي هئي، اڄ خواب بڻجي وئي آهي. بک، بدحالي ۽ بي يقيني اهڙي نموني سماج تي ڇانيل آهن، جو ماڻهو صبح جو اٿڻ وقت به نٿو ڄاڻي ته شام تائين ڪهڙي آزمائش سندس انتظار ۾ آهي. اهڙي ڏکئي وقت ۾، جڏهن عوام اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، تڏهن رياست طرفان ٽريفڪ قانونن جي نالي ۾ نوان ٽيڪس لاڳو ڪري عوام جي ڪلهن تي هڪ نئون ۽ ڳرو بوجهه وڌو ويو آهي. سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ڏهه هزار کان ويهه هزار رپين تائين جو ڏنڊ، هارن وڄائڻ تي پنجويهه هزار رپيا ۽ اهڙيءَ ريت جملي اوڻيهه مختلف “غلطيون” مقرر ڪيون ويون آهن، جن جا ڏنڊ ڏهه هزار کان وٺي هڪ لک رپين تائين پهچن ٿا. اهي قانون ڪاغذن ۾ شايد نظم ۽ ضبط جي نالي تي سٺا لڳن، پر عملي زندگيءَ ۾ اهي عام ماڻهو لاءِ عذاب بڻجي چڪا آهن. سچ اهو آهي ته انهن اوڻيهه “غلطيَن” مان هڪ يا ٻه غلطيون هر ماڻهو کان ٿي ئي وڃن ٿيون ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بلڪل بي قصور به هجي، تڏهن به هو ٽريفڪ پوليس جي رحم و ڪرم کان بچي نٿو سگهي. نتيجي طور قانون، انصاف جي بدران خوف جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ٽيڪس، اصلاح بدران سزا بڻجي ويو آهي. ٽيڪس جو هي بوجهه عوام تي وجهي قوم کي هڪ نئين الجهن ۾ ڦاسايو ويو آهي، جتان نڪرڻ جو ڪو رستو نظر نٿو اچي. ٻئي پاسي بيروزگاري جو سرڪش جن سماج کي اندر کان کائي رهيو آهي. پڙهيل لکيل نوجوان، جن هٿن ۾ ڊگريون آهن، سي نوڪرين لاءِ در در ڌڪا کائي رهيا آهن. نوڪريون هاڻي قابليت تي ناهن، پر پئسن تي ملن ٿيون. صاحب حيثيت ماڻهو ته پنهنجي اولاد لاءِ روزگار خريد ڪري وٺن ٿا، پر غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃي؟ جنهن وٽ سفارش ناهي، جنهن وٽ رشوت ڏيڻ جي سگهه ناهي، تنهن لاءِ مستقبل جو در بند ٿي وڃي ٿو.

ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي به غريب لاءِ نعمت بدران مصيبت بڻجي وئي آهي. هر ڪم مشينريءَ حوالي ٿي ويو آهي. جتي ڪالهه مزدور، پورهيت ۽ محنت ڪش ماڻهو ڪم ڪندا هئا، اتي اڄ لوهي مشينون بي حس ٿي هلن ٿيون. مزدور طبقو، جيڪو هن سماج جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، سو بيروزگار ٿي ويو آهي. انساني هٿ جي جاءِ تي بٽڻ راڄ ڪر رهيو آهي ۽ محنت ڪش انسان نظام مان آهستي آهستي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو ويو آهي. اهي ئي ماڻهو، جيڪي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، جن جا گهر اڳ ئي قرضن هيٺ دٻيل آهن، انهن تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس لاڳو ڪري، جياپي جا سڀ گس ۽ پيچرا بند ڪيا ويا آهن. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي ڳرا ڏنڊ وڏا ماڻهو به ڀريندا؟ ڇا قانون جا هٿ اميرن تائين به پهچندا؟ يا هميشه وانگر هي قانون به وچولي طبقي ۽ هيٺين ڪلاس جي ماڻهن لاءِ ئي عذاب بڻيل رهندا؟ حقيقت اها آهي ته غريب لاءِ قانون ڏينهون ڏينهن سخت ٿيندو ٿو وڃي، جڏهن ته ان لاءِ روزگار جا دروازا هر طرف کان بند ڪيا پيا وڃن. نتيجي طور سماج ۾ بيچيني ۽ مايوسي وڌي رهي آهي ۽ ماڻهو اهڙي ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، جتان نڪرڻ جو آسرو نظر نٿو اچي. جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته ڊپ آهي ته آپگهات جو سلسلو تيزيءَ سان وڌندو ۽ پوءِ الزام به خاموشيءَ سان انهن ئي حالتن تي ايندو، جيڪي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسڻ جو سبب بڻيون. آخر ۾ بس ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته الله تعاليٰ سڀني کي ساڃاهه عطا ڪري. قانون جيڪڏهن هجن ته انسان لاءِ آساني بڻجن، نه ته عذاب. نظم ۽ ضبط جي نالي ۾ عوام کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ، بکايل پيٽن تي نوان بار رکڻ ۽ بي روزگار هٿن کي وڌيڪ خالي ڪرڻ، ڪنهن به انتظاميه لاءِ نيڪ شگن ناهي. ڇو ته جنهن سماج مان اميد کسي ويندي آهي، اُتي صرف مايوسي ۽ درد جا پڙاڏا ئي رهجي ويندا آهن.