نئون

نئين حڪومت پاران ٽيڪس ۾ ڏنل رعايت واپس وٺڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت پاران گذريل حڪومت جي ٽيڪس ۾ ڏنل ڇوٽ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. نئين حڪومت پنهنجون ڪجهه تازيون اصلاحون آڻڻ چاهي ٿي. جنهن ۾ 10 لک ماڻهن لاءِ هڪ ايمنيسٽي آڻڻ، ريگيوليٽري ڊيوٽي جي في ۾ اضافو آڻڻ ۽ ملڪي برآمدات جي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪجهه صورتن ۾ مختلف شين جي برآمد ۾ گهٽتائي آڻڻ شامل آهي. ان کان علاوه گذريل حڪومت پاران گهٽ آمدني وارن خاندانن لاءِ ٽيڪس جي مد ۾ 4 لک آمدني کان 3 دفعا وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي هئي. اهڙي قدم کڻڻ سان 7 لک ٽيڪس ڏيندڙ ٽيڪس جي دائري مان ٻاهر ٿي ويا هئا. جڏهن ته گذريل مالي سال دوران ٽيڪس رٽرن فائل ڪندڙن جو تعداد 14 لک هو. جڏهن ته اها 12 لک جي حد واپس 4 کان 8 لک ٿيڻ تي 2 هزار رپيا ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي آهي. نئين حڪومت جي خواهش آهي ته آمدني جي ان حد کي نه گهٽايو ويندو. ان کان علاوه گذريل حڪومت پاران وڌيڪ آمدني وارن خاندانن لاءِ ٽيڪس جي حد 35 سيڪڙو مان گهٽائي 15 سيڪڙو ڪئي وئي هئي جيڪا هاڻي وڌيڪ آمدني وارن ماڻهن لاءِ وڌائي ويندي. هن قسم جون سڀني اصلاحن تي غور ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.