نئون

نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز وفات ڪري وئي

شريف خاندان پاران خبر جي تصديق ڪئي وئي آهي، نون ليگ جي اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته حسين نواز به والده جي وفات جي تصديق ڪئي آهي. شهباز شريف به خبر جي ٽوئيٽر ذريعي تصديق ڪري ڇڏي. خبرن موجب بيگم ڪلثوم نواز جي ڪالهه طبيعت خراب ٿيڻ ڪري وينٽيليٽر تي رکيو ويو هو. ياد رهي ته بيگم ڪلثوم نواز ڪيترن ئي مهينن کان لنڊن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي جنهن جو نڙي جي ڪينسر جو علاج هلي رهيو هو.