خاصنئون

وزيراعظم عمران خان سڀاڻي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو

ڪامياب جوان پروگرام تحت سنڌ ۾ قرض جي ورهاست جي شروعات جي سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو ۽ سڄي سنڌ مان چونڊيل نوجوانن ۾ رقم جا چيڪ ورهائيندو. نوجوانن ۾ چيڪ ورهائڻ جي تقريب جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندو جڏهن ته وفاقي وزير ۽ نوجوان وڏي تعداد ۾ تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. نوجوانن جي معاملن واري وزيراعظم جي خصوصي معاون عثمان ڊار جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نوجوانن لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ بجيٽ مختص ڪيو آهي. سنڌ جا لکين نوجوان ڪامياب جوان پروگرام جي بينر هيٺ  اچي چڪا آهن. ڪامياب جوان پروگرام سان روزگار ۾ اضافو ۽ غربت ۾ گهٽتائي ايندي. خصوصي معاون وڌيڪ چيو ته حڪومتي سرپرستي ۾ نوجوانن کي بهترين رهنمائي ۽ تربيت ڏينداسين. نوجوانن کي جلد روزگار جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.