خاصنئون

-ٻوڏ جي خوف ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺاڻن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون

ڪنڌڪوٽ لڳ سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب ڳوٺاڻن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. صحافين سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته هنن مون سون جي برسات کان اڳ ئي ايريگيشن کاتي کي اطلاع ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن چيو هو ته ڪي ڪي بند ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ مضبوط نه آهي، جنهن تي ايريگيشن کاتي خاطري ڪرائي ته ان بند کي برسات کان اڳ ۾ مضبوط ڪرايو ويندو. جڏهن ته ايندڙ ڪجهه هفتن تائين ڪجهه به ڪم نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب ڳوٺاڻن بند کي مضبوط بنائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميه هن سلسلي ۾ ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي جڏهن ته هنن وٽ مشينري ۽ مين پاور به موجود آهي. ٻئي طرف بند واري جاءِ تي پٿر ۽ مشينري کي پهچائڻ باوجود ڪم نه ڪيو ويو آهي. ان ڪري ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري رهيا آهن.