سنڌو درياءَ مان سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪھڙا ڪئنال ۽ ڪٿان نڪرن پيا جن کي اسٽريٽجڪ ڪئنال چيو وڃي ٿو. انھن جي نڪرڻ سان سنڌ جي ماحوليات ۽ سنڌ جي زمينن تي ڪھڙو اثر پوندو. انھن ڪئنالن تي سنڌ جا ڪهڙا خدشا آھن، انھن جو تفصيلي جائزو ھيٺ ڄاڻايل آھي.
ڪڇي ڪئنال:
ھي ڪئنال تونسا بئراج مان نڪري ٿو ۽ ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو، جنھن جو پھريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آھي ۽ ان جو افتتاح 14 سيپٽمبر 2017 تي ان وقت جي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي ڪيو ھو. ھن جنھن مان 305 ڪلو ميٽر پنجاب ۽ 94 ڪلو ميٽر بلوچستان ۾ ٺھندو. سڀني فيزن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ان جي ڊيگھه 499 ڪلو ميٽر ٿيندي. ھن ۾ سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻڻ جي گنجائش 6000 ڇھه ھزار ڪيوسڪس آھي. ھي ڪئنال ٻاھتر ھزار ايڪڙ پنجاب جي ست لک ايڪڙ بلوچستان جي آباد ڪندو. ھاڻي جڏھن ھن جو وڏو حصو پنجاب ۾ آھي ته اھو جڏھن چاھي ۽ جيترو چاھي ان ڪئنال مان پاڻي شاخن ذريعي يا لفٽ مشينن جي ذريعي کڻندو. ان ڪري اھو بلوچستان وارن کي لولي پاپ آھي، ڇو ته ان جو پھريون مرحلو ئي پندرنھن سالن ۾ ٺھيو آھي ته باقي ٻيا مرحلا ته گھٽ ۾ گھٽ ٽيھه سالن ۾ مڪمل ٿيندا. ظاھر آھي ته ھن جو وڏو فائدو پنجاب کي ٿيندو، پر ھن ڪئنال جي ٺھڻ سان سنڌ جو تمام گھڻو نقصان ٿيندو، ڇو ته ان جو سمورو پاڻي سنڌو درياءَ مان کڄندو.
گريٽر ٿل ڪئنال:
ھي ڪئنال چشما جھلم لنڪ ڪئنال مان نڪري ٿو. ھن ۾ پاڻي کڻڻ جي گنجائش 8500 ڪيوسڪس آھي ۽ اھو پنجاب جي ضلعن ڀڪر، ليا، خوشاب ۽ جھنگ جون سترنھن لک اوڻيتاليھه ھزار ايڪڙ زمينون آباد ڪندو. ھن جي ڊيگھه پنجٽيھه ڪلو ميٽر ڄاڻائي وئي آھي، پر ھن ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن جي ڊيگھه 1999 ڪلو ميٽر آھي. اھو سڄو علائقو به گھڻي ڀاڱي غير آباد ۽ واريءَ جي ڀٽن تي مشتمل آھي. ان ڪري ممڪن آھي ھن علائقي کي آباد ڪرڻ لاءِ پنجاب اٺ ھزار پنج سئو ڪيوسڪس کان وڌيڪ کڻندو. ھي ڪئنال چشما جھلم لنڪ ڪئنال مان پاڻي کڻندو جنھن تي اڳ ۾ ئي سنڌ کي اعتراض آھن، ڇو ته چشما جھلم لنڪ ڪئنال 1971 ۾ ان ڪري ٺاھيو ويو ته جڏھن سنڌو درياءَ ۾ واڌو پاڻي ھوندو يعني ٻوڏ واري صورتحال ھوندي تڏھن ھن ڪئنال کي کولي واڌو پاڻي جھلم درياءَ ۾ ڇڏيو ويندو، ان ڪري ھن کي فلڊ ڪنٽرول ڪئنال چيو ويندو آھي، پر اھو ان کي پيرينيل (ٻارنھن مھينا وھندڙ) ڪئنال ڪري وھايو پيو وڃي۽ ان جو پاڻي حويلي ڪئنال (7375 ڪيوسڪس) ۽ تريمو، سڌنائي، ميلسي، بھاول لنڪ ڪئنال (12500ڪيوسڪس ) سسٽم کي ڏيئي ڏکڻ پنجاب جون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن، اھو صاف ظاھر آھي ته پاڻي به سنڌو درياءَ مان کنيو وڃي. هن ڪئنال ۾ پاڻي کڻڻ جي گنجائش 21700 ھزار ڪيوسڪس آھي ۽ 24 ڪلو ميٽر ڊگھو آھي. ڏکڻ پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻيو وڏو ڪئنال تونسا، پنجند لنڪ ڪئنال ٺاھيو ويو آھي، جنھن تي پڻ سنڌ کي اعتراض آھن، ڇو ته اھو شروعاتي طور فلڊ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھو، پر ان کي به ٻارنھن مھينا وھايو پيو وڃي. ھاڻي جڏھن چشما جھلم لنڪ ڪئنال ئي تڪراري آھي ته پوءِ ان مان گريٽر ٿل ڪئنال ٺاھڻ ڪنھن به صورت ۾ قبوليت جوڳو نه آھي.
چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال:
ھي ڪئنال به چشما بئراج وٽان سنڌو درياءَ مان نڪري ٿو، جيڪو 366000 ايڪڙ خيبر پختونخواھ ۽ 240000 ايڪڙ پنجاب جون زمينون آباد ڪندو. شروعاتي ۾ ھن ۾ پاڻي جي گنجائش 5000 ڪيوسڪس آھي، جيڪا بعد ۾ وڌائي ويندي. ھي ڪئنال به سڌو سنئون سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻندو.
چولستان ڪئنال:
ھن ڪئنال جو پھريون فيز سمالر چولستان ستلج درياءَ مان سليمانڪي بئراج وٽان نڪري فورٽ عباس تائين ويندو. ان جي ڊيگھه 176 ڪلو ميٽر آھي، جتان اھو 120 ڪلو ميٽر ڊگھي مروٽ ڪئنال سان ملندو. چولستان ڊيزرٽ جي 452000 ايڪڙ ايرڊ زمين آباد ڪندو. ھن جو ٻيو فيز گريٽر چولستان 744000 ايڪڙ غيرآباد پيل زمين کي آباد ڪندو. ستلج درياءَ ته 1960 ۾ ڀارت کي وڪرو ڪري ڏنو ويو، ان وقت کان وٺي اڄ ڏينھن تائين ان درياءَ جو پيٽ ھڪ ريگستان جو ڏيک پيو ڏئي. ڏھن سالن ۾ ھڪ يا ٻن دفعن کان وٺي ڪڏھن به ھن درياءَ ۾ پاڻي نه آيو آھي، سو به تڏھن جڏھن ڀارت جي علائقن ۾ برسات پوندي آھي يا گليشئر کان درياءَ ۾ واڌو پاڻي ايندو آھي، ان تي به آبادي ڪونه ٿيندي آھي، الٽو ٻوڏ سبب تباھي ٿيندي آھي، ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ان ۾ پاڻي ايندو ڪٿان؟ جنھن لاءِ سرڪار جي پيپرن مان اھا ڳالھه ظاھر ٿي آھي ته 1991 جي واٽر اپورشنمينٽ اڪارڊ موجب سمنڊ ۾ جيڪو 10 ايم اي ايف پاڻي ضايع پيو ٿئي ان جو 2 سيڪڙو جيڪو انھن جي مطابق اھو حصو پنجاب جو آھي. چوندا آھن ته “ڏاڍي جي لٺ کي 2 مٿا” وانگر ھي مثال آھي. پھريون ته حڪومت جي انگن اکرن موجب 2002 کان وٺي 2023 تائين ٽي ايم اي ايف کان وڌيڪ ڪڏھن پاڻي نه آيو آھي، سدائين پاڻي جي کوٽ رھي آھي، سواءِ ٻوڏ وارن سالن جي سو به ڏھن سالن ۾ 1 يا 2 دفعا، ٻيو ته ان وقت پاڻي ماھرن اھو طئي ڪيو ته 10 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ ضروري آھي، حالانڪه سنڌ کي ان تي به اعتراض آھي. سنڌ جو موقف آھي ته سمنڊ 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃڻ گھرجي، ڇو ته ايترو پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ ڪري سمنڊ جي چاڙھ سبب سنڌ جي ڊيلٽا تباھ ٿيندي، سو يقينن اھو پاڻي به سنڌو درياھ مان کڄندو. چولستان ڪئنال لاءِ ٻيو پاڻي جو انٽرلنڪ ڪئنالن جو ذريعو آھي، ان لاءِ ٽِن اپ اسٽريم انٽر لنڪ ڪئنالن رسول، قادرآباد، قادرآباد، بلوڪي، بلوڪي، سليمانڪي مان اضافي پاڻي کنيو ويندو. ٽيون ذريعو چناب درياءَ مان ھيڊ مرالا کان اپر چناب ذريعي بلوڪي بئراج تائين ۽ مرالا راوي لنڪ ڪئنال سائفن ذريعي اپر ديپالپور ڪئنال ۾ ۽ پوءِ بلوڪي سڌنائي لنڪ ڪئنال ذريعي ستلج درياءَ ۾ سليمانڪي بئراج تائين پھچايو ويندو. انھن لنڪ ڪئنالن ذريعي چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي کڻڻ کانپوءِ جھلم ۽ چناب دريائن جو پاڻي پنجند وٽ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ نه ٿي سگھندو. ان جو مطلب سنڌ جي حصي جو پاڻي چولستان ڪئنال ڏانھن ويندو، اھو سڄو لنڪ ڪئنالن جو پکڙيل ڄار سمالر چولستان ۽ گريٽر چولستان ڪئنالن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ آھي.