بلاگنئون

امن کي ترجيح ڏيو جنگ شين جو حل ناهي

رڳو اهو چوڻ ته ايران آمريڪا تي گذريل چاليهن سالن کان وٺي لعنتاڻو ڪري ويٺو آهي، ان سبب انهن کي سبق سيکارڻ صحيح هو، پر جي اها ڳالھه آهي ته سڀ مسلمان ۽ خاص طور پاڪستاني ان سزا جا حقدار آهن، ڇو ته ڪا ڀت ۽ ڪو ٺُلھه ناهي جنهن تي اسرائيل ۽ آمريڪا تي لعنت ملامت ٿيل نه هجي. هر بس جي سيٽ جي پويان، رڪشائن ۽ ٽرڪن جي پويان به اسرائيل ۽ آمريڪا مخالف نعرا لکيل هوندا آهن، پوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل اسان کان شروع ڪن ها، پر اها ڳالهھ آمريڪا ۽ اسرائيل ذهن نشين ڪري ته مسلم ملڪن ۾ ان ايڏي وڏي نفرت جو ڪارڻ صيهونزم ۽ زايونزم ۽ مسلمان جي خلاف نفرت به آهي، جو انهن ملڪن جا پاسپورٽ ۽ ماڻهو انگريز ملڪن ۽ خاص آمريڪي رياستن ۾ قابل قبول ناهن. ان ڪري مسلمانن ۾ وڌندڙ نفرت ان اسلامو فوبيا جو نتيجو به آهي جو آمريڪا ۽ انگريز ملڪن ۾ مسلمانن کي کاٻي اک سان به نٿو ڏٺو وڃي، انهن جا پاسپورٽ بليڪ لسٽيڊ ڪيا ٿا وڃن. ٽرمپ جي پنهنجي دور ۾ (معنيٰ پهرين دور ۾) آمريڪا سڀ کان پهرين واري نعري تحت انهن ته مسلم ملڪن جي ٻارن کي سندن والدين سان ملڻ تي پابندي هنئي هئي، انهن کي ملڻ کان روڪيو هو. هاڻي به آمريڪا ۾ جيڪي به نفرتون پلجن پيون انهن ۾ چين ۽ روس سميت انهن سڀني مسلمان ملڪن جي (جيڪي آمريڪا جا پٺو ناهن) انهن جي خلاف زبردست مهم بازي هلائي ٿي وڃي ته اهي آمريڪا مان نڪري وڃن يا آمريڪا جي خلاف ڪجھه به چون. سموري آمريڪا ۾ ڪابه جمهوريت ناهي، انهن وٽ پاڻ ڪا اظهار جي آزادي ناهي، پر اظهار جي آزادي به رڳو ان صورت آهي، جو اهي اسان مسلمان جي خلاف ڳالهائيندا رهن باقي ڪير به جيڪڏهن ڳالهائيندو ته ان کي آمريڪا جي خلاف نفرت تصور ڪيو ويندو.

پوءِ ان ڳالھه کي ڪير پڄندو ته هاڻي به آمريڪا جي ايران کي کنڊر ڪري ۽ 2012 وانگي ٽوني بليئر اهو چئي ته اسان عراق ۾ گهري انهن تي حملا ڪري ناجائزي ڪئي، ان ڪري ته انهن وٽ مهلڪ هٿيار ۽ ايٽمي يا جوهري طاقت نالي ڪا شيءِ نه هئي، پر تيستائين ته عراق تباھ ٿي ويو. آمريڪا پهرين عراق کي 1991 ۾ ڪويت جنگ ۾ استعمال ڪيو ۽ ايران مخالف بيهاري مسلم ملڪن ۾ شيعا ۽ سُني نفرت جا ٻج پکيڙي مسلم ملڪن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، ملڪ پراڪسي وارز ۾ ونڊجي ورهائجي ويا ۽ آمريڪا پنهنجا مقصد ڪڍي ويو. حيرت اها به آهي ته جڏهن کان آمريڪا جو سج اڀريو (معنيٰ 1945 جي جاپان جي حملي کانپوءِ) ۽ هنن دنيا کي مات ڏني، ليگ آف نيشن جا سڀ ادارا پنهنجي مٺ ۾ وٺي ويٺا ۽ دنيا کي هڪ ليڪ ڏئي ڇڏين ته سپر پاور آهي ته بس آمريڪا. تڏهن کان روس سان سرد جنگ شروع ڪري 1991 ۾ وري انهن جا تڏا ويڙهائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي فرعونيت وڌائي هڪ طاقت بڻجي ويهي رهيو. دنيا يا خاص انگريز دنيا پوءِ انهن جنگين کي واز آف روزز چئي، هنڊريڊ ييرس آف وار چئي، ورلڊ وار ون چئي، ورلڊ وار ٽو چئي، ڪولڊ وارز چئي، پراڪسي وارز چئي يا هاڻي پوسٽ ڪولڊ وارز چئي يا ڪجھه ٻيو، پر مسلم ملڪن جي نظر ۾ ٽين مهاڀاري لڙائي پنهنجي اوج تي آهي ۽ دنيا کي ان ڏينهن جو انتظار آهي ته آمريڪا جي ظلم جا ڪوٽ ۽ ڪنگرا ڪڏهن ڪرندا جو دنيا يا خاص مسلم ملڪ سک جو ساھ کڻندا.

آمريڪا ايران اسرائيل جنگ ۾ ڀلي اسرائيل جي پويان بيٺل هجي، جيڪا ڳالھه دنيا به مڃي ٿي، پر هن ڀيري هي پاڻ جنگ ۾ گهري لبنان مان پنهنجي فوجي اڏن تان “بي ٽو” جهاز  اڏاري، ايران جي ايٽمي اڏن تي حملن جي انتها ڪئي، جو رات جي اڍائي وڳي لِڪي وار ڪري، جوهري اڏن تي بم ڪيرائي هليا ويا، پر ايران مطابق انهن اهي جوهري هٿيار فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ واقع ايٽمي اڏان تان ڦيرائي ڪنهن ٻئي هنڌ ٽپائي رکيا هئا، جيڪي ڪنهن حد تائين بچي يا محفوظ ٿي ويا، پر چوڻ جي ڳالھه اها به آهي ته ايران مان آمريڪا کي ڪهڙو خطرو؟ يا ايران ڪهڙو آمريڪا جي اڏن ۽ پراڪسيز تي حملا ڪيا (جيڪي هاڻي ڪري سگهي ٿو) يا يو اين او چارٽر جي شق 51 مطابق هر ملڪ پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو. اسرائيل جي اڳرائي جي ڪري ايران جي ان تي حملا ڪيا به ڇا هو ۽ هر ملڪ ائين ڪري سگهي ٿو، پر اسرائيل کي اها باھ هئي ته ايران پراڪسيز مان ٻاهر نڪري ۽ حوثي، حماس ۽ حزب الله جي مدد نه ڪري، ان ڪري ته انهن جماعتن ۽ گروهن اسرائيل جو ساھ مٺُ ۾ ڪيو آهي، جو جتي عرب ملڪن يا خاص سعودي ۽ اماراتي ان ڳالھه ۾ سڀني کان اڳتي هجن ها، جو هو بجاءِ جو ايران جي پاڻ اسرائيل سان سينو ساهي ها ۽ جنگ ۾ پاڻ پنهنجا گروھ لاهين ها، پر سعودي ۽ اماراتي عرب آمريڪا جا پٺو آهن، اهي آقا آمريڪا کي ڪڏهن ناراض نه ڪندا. مارچ 1946 ۾ سعود بن عبد عزيز کي آمريڪا راضي ڪيو، ان کي جديد طرز جون گاڏيون ۽ عيش عشرت آڇي، ان ڳالھه تي راضي ڪيو هين ته فلسطين اندر ٻه رياستون جوڙي اسرائيلين کي هميشه جي آباد ڪيو وڃي، جو هو غريب هاڻي 1945 جي جنگ کانپوءِ دنيا مان ڌڪي ڪڍيا ويا آهن ته سعود بن عبدالعزيز کي اها ڳالهھ سمجھه ۾ اچي وئي ۽ هن اها حامي ڀري ته ڀلي اسرائيلي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پنهنجي اباڻي وطن فلسطين ۾ اچي آباد ٿين ۽ عرب به ڀائرن وانگي انهن اسرائيلن سان رهندا، پر اسرائيل عادت کان مجبور پنهنجي رڳ ظاهر ڪئي، جو انهن 1967 ۾ فلسطيني عربن سان جنگ جوٽي ۽ 40 لک کان مٿي عرب فلسطيني بي گهر ڪري پنهنجن يهودين کي آباد ڪري ويا.

جنگيون سٿريون ناهن يا خاص ڪري ايشيائي ۽ وچ ايشيائي ملڪن جون جنگيون جتي لڏپلاڻ جو وڏو رجحان رهي ٿو، ساڳي ڳالھه هاڻي مصري بارڊر وٽ به آهي، جو جڏهن جنگ جا سائرن وڄن ٿا ته اسرائيل بنڪرن ۽ زيرِ زمين ٺاهيل ڪمرن ۾ لڪي هليا ٿا وڃن ۽ ڪجھه ته خوف کان ملڪ به ڇڏي ڀڄي ٿا وڃن، جنهن جي لاءِ مصري مسلمان کي شاباس ڏجي، جن اسرائيلي ڀائرن جي لاءِ پنهنجا بارڊر کولي ڇڏيا، جيڪي هنن فلسطينين جي لاءِ سدائين بند رکيا ته اهي اسرائيلي بمن ۾ مري کپي وڃن ۽ ايستائين جو انهن فلسطينين جي پنهنجون اسپتالون به بند رکين. ساڳي ڳالھه اسان جي لاءِ به آهي، ته افغان وار ۾ جيڪي پناھ گزين اسان مسلمانن وٽ آيا، اهي اڃان تائين رهيا پيا آهن. جيڪي 20 لکن مان 40 لک ۽ هاڻي ڪروڙن کي پڳا آهن، جيڪي وڃڻ جو نالو نٿا وٺن. ساڳيو بحران ايران سان به ٿيڻو آهي، ان ڪري ته ايران پنهنجي هوڏ تان نه لهندو ۽ غلطي سان جيڪڏهن آمريڪي حملن جو جواب ڏنائين ته وري ڦاسي ويندو. ان ڪري ته روس ۽ چين مان ڪو آسرو ناهي، هي دوستن جهڙا دشمن ٻَڌون، جو انهن مان دشمن کي ڪو خطر ناهي ۽ دوستن کي ڪو آسرو به ناهي، اهي پراڪسيز ۾ گهري ته سگهن ٿا، سو به اڻ سڌي طرح ۽ سڌي طرح ته هو به ڪڏهن آمريڪا کي جواب نه ٿا ڏئي سگهن ۽ ڪجهھ به نٿا ڪري سگهن.

دنيا آمريڪا کانسواءِ هلي سگهي ٿي، جيڪا ڳالھه چين آساني سان چئي ويو، پر چين ۽ روس سان دنيا ڪيئن هلندي، اها ڳالھه چيني ۽ روسي انگريزي زبان ۾ سمجهائين، ته دنيا هاڻي ڪنهن جي لاري لپي لڳي ۽ ڪنهن جي آسري هلي. هاڻي ته دنيا جا وڏيرا پاڻ بندوقون کڻي ويٺا آهن ۽ دنيا جا رهيل غريب ملڪ بس ڌڪن ٿاٻن جي بِلي آهن. انهن جي ڳالھه ڪير به نٿو ٻُڌي، جو اسرائيل قصور وار هوندي به بيڏوهه آهي، هو سمجهي ٿو ته دنيا مڪافات عمل ناهي ۽ ڪجھه به نه ٿيندو، هٽلر کي 60 لک يهودي مارڻ سان ڪهڙو بخار لٿو يا ڪنهن ان کي ماريو جو هاڻي ٽرمپ ۽ نيتن ياهو تي بندوون سڌيون ٿينديون. دنيا اهو به سمجهي ٿي مسلمان هڪٻئي کي (سُني شيعن کي ۽ شيعا سُنين کي) بندوقن سان ماريندا، مذهبي بي حرمتيون ڪرڻ تي به ماڻهن کي بندوقن سان ماربو، پر اسرائيل کي دعا سان ماربو. دنيا جا 25 لک مسلمان حرم پاڪ ۾ ويهي اسرائيل جون پاڙون پٽڻ لاءِ ڏينهن رات روئي روئي دعا ٿا ڪن، پر ڪڏهن بندوق کڻي ميدان ۾ نه ٿا اچن. پوءِ اها شاباس وري به ايران کي آهي، جيڪي تند ٿي تلوران سان وڙهي ٿي. ڪجهھ به هجي، پر ايران ڏهاڪن کان پابندين کي به منهن ڏيون ويٺو آهي، بک بدحالي به برداشت ڪيون ويٺو آهي، پر پنهنجي هوڏ تي بيٺو آهي ۽ اسرائيل، آمريڪا جي دشمني ۾ سڀني مسلم ملڪن کان اڳتي آهي. ايران کي پرواھ ناهي ته تل ابيب تي حملو ڪندو ته ڇا ٿيندو يا انهن جي رهائشي علائقن تي حملا ڪندو ته ڇا ٿيندو؟ ٽرمپ جي آيت الله خامني اي کي موت مار ڌمڪيون به ڏئي ته ڇا؟ قاسم سليماني کي شهيد ڪن ته ڇا، ابراهيم رئيسي کي شهيد ڪن ته به ڇا؟ يا اسماعيل حانيه کي شهيد ڪن ته به ايران جي ساڳي ٻولي آهي ته هو اسرائيل کي تباھ ڪري ساھي پٽيندو. ان ڳالھه تي مسلم ملڪ هڪ ٿين ۽ پرامن احتجاجن ذريعي دنيا کي بانور ڪرائين ته جنگ ۽ فوجي طاقت شين جو حل ناهي، پر سفارت ڪاري ڪري امن بحال ڪيو وڃي. ڪانءَ کي سدائين لڙ ۾ مزو ۽ آمريڪا سدائين جنگين ۾ رهندي ٿي اچي، جيڪا ڳالھه دنيا يا مسلم دنيا جي لاءِ برداشت جهڙي ناهي.