سمنڊ ۾ رهندڙ 2 لک نوان وائرس دريافت

زمين تي موجود هڪ قطب کان ٻئي قطب تائين ٿيل هڪ سروي ۾ معلوم ٿيو آهي ته اهڙا سامونڊي وائرس دريافت ٿيا آهن جنهن بابت اڳ ۾ معلومات نه ملي هئي. انهن وائرسن جي تعداد 195728 آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن کان اڳ ۾ اسان صرف 15 هزار وائرسن کان ئي واقف هئاسين هن نئين دريافت کانپوءِ سمنڊ ۾ حياتياتي ارتقا، ماحولياتي ۽ آبهوا  ۾ تبديلين متعلق اسان جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو. هن سروي خاطر ٽيرا نالي هڪ ٻيڙي 2009 کان 2013 تائين سمنڊ ۾ سفر ڪندي رهي جنهن ۾ اوهايو يونيورسٽي جي Microbiology جي ماهر ڊاڪٽر ميٿيو سلي ون به شامل هو. جنهن جو چوڻ آهي ته وائرس ايترا ته ننڍا آهن جو اهي ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن. جڏهن ته سمنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ انهن جي موجودگي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *